• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اصلي جادو...

مست

سينيئر رڪن
هڪ سنڌي ۽ پنجابي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي پئي، ٻئي گهمندا ڦرندا گڏ هئا، پنجابي ڏسڻ ۾ مٺڙو پر سنڌيءَ کي سدائين وائڙو سمجهي پاڻ کي پڏائيندو هئو.
هڪ ڏينهن ٻئي ڄڻا هڪ جنرل اسٽور ۾ ويا، پنجابيءَ اتان ٽي چاڪليٽ چورائي ورتا. ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتا ته پنجابي ان سنڌي کي چوڻ لڳو، ڏٺئي مان ڪيڏي هوشياري سان ٽي چاڪليٽ چورائي ورتا.. تون ته ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين.
سنڌي چيو. اها وري ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، هل واپس . مان توکي مزي واري ڳالهه ڏيکاريان ٿو.
ٻئي ڄڻا ڪائونٽر تي واپس آيا، سنڌي ڪائونٽر ويٺل همراهه کي چيو، مان توکي هڪ جادو ڏيکارڻ چاهيان ٿو، هڪ چاڪليٽ ڏي۔ اهو چاڪليٽ وٺي سنڌي کائي ويو، وري ٻيو چاڪليٽ گهري اهو به کائي ويو، ، وري ٽيون چاڪليٽ گهري اهو به کائي ويو.
ڪائونٽر تي ويٺل همراهه چيو، تون ته منهنجا چاڪليٽ کائيندو ٿو وڃين، جادو وري ڪاٿي آهي.؟
سنڌي همراهه چيس اهو ئي ته ڪمال آهي. اهي ٽئي چاڪليٽ توکي منهنجي هن دوست جي کيسي ۾ ملندا۔۔۔۔
 
Back
Top