• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وسڪارو مينهن

وسي ٿو مينهن وڌي ٿو نينهن بوندن بره آ ڏاڍو
وڌي ٿو ولولو وسندي ٿئي ٿو روح خوش ڏاڍو
اهي بوندون بره واريون ڀڄائن ٿيون ڀَٽاريون هي
ٿئيو اجرو جهان سارو پکي پرندو به خوش ڏاڍو
امنگن ۾ تراوت ٿي ملي اهڙي نه ڪو ڄاڻي
ڪي پُسندي ملن پيارن ڪن کي جوش آ ڏاڍو
بهارن ۾ وسي پيڙو زمين کي ريج آرمزن
هر ڪو ساه آ سک سان هاري ٿيو خوش ڏاڍو
هارياڻي به ڌوپي پئي امنگن جي ارادن ۾
اهي کنوڻيون ۽ تجلا تک ڪري نخرا خوش ڏاڍو
 
ڏاڍو وڻيو پر اڄ ڪلهه مينهن جو ٻڌي ڇِرڪ نِڪري ويندا آهن

وري بي ياد آيو

وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن

سڄڻ مِلندا سڄڻين نوان ٿيندا نينهن

وِڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترو
 
Back
Top