رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
پيو جيء جهومي، هو آڪاس اوتيو
گل سڀ ٽڙي پيا، مگرو هو موتيو
اهي جيَٕ جَرڪَنِ ،سڪ ۾ پيا سُرڪن
سدان ساه ساجن سان ،جن آهي موکيو
وسڻ سان ٿيا خوش، خوماريون وڌي ويون
اسان کي به هاڻي، نچڻ کان نه روڪيو
گل باغ ۾ سڀ، لهريون لڏن پيا
انهن کي ڏسي پو، ڪنهن پيار پوتيو
ڪڪر ڪارونڀاري، وسن پيا وسن پيا
سڄي ڌرتي ڌوئي، آهي پيار پوکيو
سارنگ سار آهي، اسان جي لڌي اڄ
وٺو ٿر ۽ بر آ ، سڀ مارو مرڪيو
سيباڻا منهنجا ساه، ڪنهنجو اٿي چاه
ڪنهنکي ٿو سارين ۽ دردن آ ڌوڪيو
گل سڀ ٽڙي پيا، مگرو هو موتيو
اهي جيَٕ جَرڪَنِ ،سڪ ۾ پيا سُرڪن
سدان ساه ساجن سان ،جن آهي موکيو
وسڻ سان ٿيا خوش، خوماريون وڌي ويون
اسان کي به هاڻي، نچڻ کان نه روڪيو
گل باغ ۾ سڀ، لهريون لڏن پيا
انهن کي ڏسي پو، ڪنهن پيار پوتيو
ڪڪر ڪارونڀاري، وسن پيا وسن پيا
سڄي ڌرتي ڌوئي، آهي پيار پوکيو
سارنگ سار آهي، اسان جي لڌي اڄ
وٺو ٿر ۽ بر آ ، سڀ مارو مرڪيو
سيباڻا منهنجا ساه، ڪنهنجو اٿي چاه
ڪنهنکي ٿو سارين ۽ دردن آ ڌوڪيو