السلام عليڪم دوستو۔۔۔! منهنجي ننڍي ڀاءِ محمد علي جي طبيعت ڏاڍي خراب آهي۔۔۔۔ بس تمام دوستن کي التجا آهي ته ان جي صحتيابيءَ لاءِ دعا گهرين۔۔۔ خاص ڪري ادا منير، نثار ابڙو ۽ عظيم ڀاءِ کي گذارش آهي ته هو ڀلي پار جا رهڻ وارا آهن۔۔ جيڪڏهن مالڪ المُلڪ، رحمان و رحيم پروردگار جي حضور ۾ منهنجي ننڍي ڀاءِ جي صحتيابيءَ لاءِ دعا گهرندا ته الله بلڪل قبول ڪندو۔۔۔
دوست، الله تعالا اوهانجي ۽ اسانجي ڀاءُ محمد علي کي صحت ڪاملا عطا فرمائي ... ڀٽائي سڳوري جي زباني، ان پالڻهار کي عرض آهي ته؛ تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا جانب منهنجي جيءَ ۾ آذار جا انواع، صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي.
ادا اسد دل نه لاهي، اسان جون دعائون سدائين توهان سان آهن ۔۔۔ رب پاڪ توهان جي ڀاءُ محمد علي کي شفاءِ ڪاملا عطا ڪندو الله سائين ڪرم ڪندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اي الله سائين اسان جي اسد ڀاءَ جي ننڍي ڀاءُ محمد علي کي پنهنجي ڪرم سان صحتياب بنائي (آمين)
سائين الله جي پاڪ قدرت هر شئي جي مٿان حاوي آهي۔۔ الله پاڪ توهان دوستن جون دعائون منهنجي ڀاءِ جي حق ۾ قبول فرماءِ۔۔۔ يا الاهي ڪرم ڪر۔۔۔
ادا ! اسان دعاڳو آهيون رب پاڪ جي در، رب پاڪ توهان جي ڀاءُ محمد علي کي شفاءِ ڪاملا عطا فرمائي، آمين ثم آمين.
ادا اسد من نه ماندو ڪر ۔۔۔۔۔ توهان جي ڀاء جو نالو ئي اهڙو ڀلو آهي جو ان کي ڪوسو واء نه ايندو۔۔۔۔ توکي ياد ته هوندو ته ان نالي سان ڪيترا نه ڪامياب انسان هن ڌرتي تي پيدا ٿيا آهن۔۔۔ اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ کيس صحتيابي عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين
ادا ڄامشورائي اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن رب پاڪ ڪندو ت توهان جو ڀاء جلد ٺيڪ ٿي ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آمين سائين ادا ڄامشورائي رب سائين اوهان جي ڀاءُ کي خضري حياتي عطا فرمائيندو آمين۔۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان جي سان گڏ آهن۔۔۔۔۔
اللهم اشف لاخينا محمد علي اللهم اجعل له شفاعا ڪاملا وعاجلا واجعل له صحة وافية وادفع بلياته يا شافي اشف مرضانا وسلم اخواننا من ڪل داء آمين برحمتک يا ارحم الراحمين.
پيارا ڀاءُ ڄامشورائي صاحب ادا معاف ڪجو منهنجي نظر هن ٿريڊ تي دير سان پئي معذرت۔۔۔۔۔۔ ادا خداوند ڪريم توهان جي ننڊڙي ڀاءُ کي جلد از جلد شفا ڏي ۔۔ ادا اسان جو دعائون اوهان سان گڏ آهن۔
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه پيارا ڀاءُ اسد صاحب۔ سڀ کان پهريان معافي ٿو گھران ڀاءُ مون وٽ هن وقت ٽائيم 25۔2رات جا ٿيا آهن ۽ پاڪستان کان آ يل مهمانن حاجي صاحبن کان اجازت وٺي هاڻين گھر پهتو آهيان اچڻ سان انهن لفظن تي نظر پئي دعا جي گذارش تي ۔۔۔۔۔ ننڍڙي ڀاٰءُ محمدعلي ۽ ادا نثار احمد ناز صاحب جي بزرگ والد صاحب جن لاءِ دعا ۔۔۔۔ إلهي أذهب البأس رب الناس ، اشف و أنت الشافي ، لا شفاء إلا شفاؤك ، شفاءً لا يغادر سقماً .. إلهي .. أذهب البأس رب الناس ، بيدك الشفاء ، لا كاشف له إلا أنت .. يارب العالمين آمين .. إلهي .. إني أسألك من عظيم لطفك وكرمك و سترك الجميل أن تشفيه و تمده بالصحة و العافية .. إلهي .. لا ملجأا و لا منجا منكڪ ا إلا ا إليكه.. إنك على كل شيء قدير .. آمين ربنا الذي في السماء عرشه ، ربنا الذي في السماء تقدس اسمه، أمرك ماض في السماء والأرض ، وكما رحمتك في السماء ، فاجعلها في الأرضا ، اغفر لنا ذنوبنا وخطايانا، إاأنت الغفور الرحيم ، اللهم أنزل رحمة من رحمتك ، وشفاء من شفائك آمين پنهنجا گنگارهٿڙا رب پاڪ جي بارگاه ۾دعا لاءِ کياسين انشاءَ الله جلدي صحت مند ٿيندو ۔ آمين الله نگھبان توهان جودعاڳو منير پاٽائي مڪـوپاڪ
ادا اسد ڀاء جي طبيعت ڪيئن آهي؟ اميد ته سڀني دوستن جي دعا جي طفيل الله تعالي پنهنجي فضل سان ادي کي جلد صحت و عافيت عطا فرمائيندو۔
ير اسد! معاف ڪجان. منهنجي نظر به هن پوسٽ تي تمام دير سان پئي. ڇا ڪيون ير. توکي ته سڀ خبر آهي! باقي ڌڻيءَ در اهائي دعا آهي ته تو وارو ڀاءُ جلد ئي ٽاٽ ٿي ويندو. اسان سڀني جون دعائون ساڻس گڏ آهن.
ادا توهان سڀني دوستن جي دعائن ۽ قرب کي ڏسي منهنجي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا۔۔۔۔ رب ٿو ڄاڻي ته هن زماني ۾ ڪو ڪنهن لاءِ ايترو قرب نه ڏيکاريندو آهي، ها مگر پنهنجا ئي هر گهڙي ۾ دعائن جي تحفن سان ياد رکندا آهن۔صرف توهان پنهنجن جو پيار ئي آهي جو زماني جي فطرت کان هٽي ڪري اسان کي ايتري قرب مليو۔۔۔۔ الله جي ڪرم سان ڀاءِ جي طبيعت هاڻي پهرين کان 100 سيڪڙو بهتر آهي۔۔۔ ڪريم پروردگار جا لک ٿورا آهن۔۔۔
ماشآء الله ادا اسد اوهان جي ڀاء جي طبيعت خوش آهي اهو ٻڌي اسان جو اڌ پاء رت وڌي ويو آهي شال الله تعالى سڀني ڀائرن کي “ سڀني جي ٻچڙن کي صحت و عافيت عطا فرمائي۔