هڪ ڪنجوس ماڻهون هوندو هو…… هن پنهنجي سموري زندگي ڪمايو ۽ پيسا گڏ ڪندو رهيو.. پنهنجي محنت جي پيسن کي کپائڻ کيس اصل نه وڻندو هو…. جنهن ڪري گهرواري سان تڪرار روز جو معامرو هوندو هو….
هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو پر پنهنجي بيماري جي اعلاج ڪرڻ لاءِ به هن پيسا خرچ نه ڪيا آخر ڊاڪٽرن کيس لاعلاج ڪري گهر ڀيڙو ڪيو….
مرڻ ڪنڌي مهل هن پنهنجي گهرواري کي گهرايو ۽ کيس چيو…” مون سان دل سان واعدو ڪر ته جڏهن مان مري ويندس ته منهنجي گڏ ڪيل سموري رقم هڪ پيتي ۾ رکي منهنجي قبر ۾ مون سان گڏ دفنائجان… مان چاهيان ٿو ته آخرت ۾ هي رقم مون سان گڏ هجي…. “
عورت واعدو ڪيو ته هو ائين ئي ڪندي…
آخر همراه فوت ٿي ويو … واعدي مطابق سندس گهرواري هڪ پيتي پڻ سندس لاش سان گڏ قبر ۾ دفنائي …
ان ڪنجوس جو هڪ دوست هوندو هو جيڪو پنهنجي دوست جي ڪنجوسائيپ ۽ سندس گهرواري سان روز روز جهيڙي کان پڻ خوب واقف هو… هن حيرت سان پنهنجي ڪنجوس دوست جي گهرواري کي پنهنجي مڙس جي وصيت پورو ڪندي ڏٺو…
اها ماجرا ڏسي هن پنهنجي ڪنجوس دوست جي گهرواري کان پڇيو…. ”ڀاڄائي تون يقينن پنهنجي مڙس وانگر بيوقوف نه هوندي … ان ڪري سندس سموري گڏ ڪيل رقم پيتي ۾ نه وڌي هوندي….“
فرمانبردار گهرواري جواب ڏنو… ”ادا مان کيس تمام گهڻو چاهيندي هئيس… منهنجي خواهش هئي ته مان پنهنجي مڙس جي وصيت کي ضرور پورو ڪريان… جنهن ڪري مون واعدي مطابق سموري رقم پيتي ۾ وڌي هئي…“
مرحوم جي دوست وراڻيو… ”ان جو مطلب تو سندس جي گڏ ڪيل سموري رقم پيتي ۾ رکي سندس لاش سان گڏ دفنائي…“
”جي ها… مون ائين ئي ڪيو..“ فرمانبردار عورت جواب ڏنو…”مون سموري رقم کي پنهنجي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو… ۽ سموري رقم جو چيڪ ڪاٽي پيتي ۾ رکيو …..“