سنڌ سلامت جي سڀني سڄڻن، دوستن ، محبت رکندڙن ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر مڪي پاڪ يا مديني پاڪ ۾ رهندڙن سڀني سڄڻن کي دعا ڪرڻ جي اپيل ٿي ڪجي، ته منهنجو ننڍو ڀا محمد نواز عباسي جنهنجو هن وقت آپريشن ٿي رهيو آهي ان لا دعا ڪندا ته ان جو آپريشن ڪامياب ٿي وڃي ۽ هن کي الله پاڪ پنهنجي حبيب مُحمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جي صدقي ڪرم ۽ رحم عطا ڪري ۽ کيس صحت عطا ڪري۔ آمين
الله پنهنجي حبيب جي صدقي سڀني بيمارن کي صهتِ قُلي و شفا ڪامله و عاجله عطا ڪري ۽ اوهان جي ڀاءُ کي پڻ صحت عطا ڪري ۔ آمين ۔ وسلام
ڌڻي در دعا آهي ته اسان جي هن ننڍڙي ڀاءُ کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سندن شفاء عاجله وڪامله عطا فرماءِ آمين لاباس طهور ان شاء الله لاباس طهور ان شاءالله اللهم اشفعه اللهم عافه،
هن کي الله پاڪ پنهنجي حبيب مُحمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جي صدقي ڪرم ۽ رحم عطا ڪري ۽ کيس صحت عطا ڪري۔ آمين
اسلام عليڪم۔۔اوهان سڄڻن، همدردن، جون نيڪ دعائون بارگاهه الاهي ۾ قبول پئجي ويون آهن، منهنجي ڀا جو وڏو آپريشن جيڪو 8 ڪلاڪ هلندو رهيو، نهايت ۽ سهڻي طريقي سان ڪامياب ٿي ويو آهي، الله پاڪ پنهنجي رحمت جو نور ۽ مٺي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت جي صدقي وڏو ڪرم ڪيو آهي۔ هاڻ ان جي طبعيت سڌري رهي آهي، اسان جيڪي ڪالهه تائين نهايت افسرده هئا سين اڄ الله پاڪ پنهنجي ڪرم جي صدقي سڪون ۽ اطمينان ۾ آهيون، اهو سڀ اوهان سڄڻڻ، گهر وارن، والدين جي دعائن جو نتيجو آهي جو ان پالڻهار وڏو ڪرم ڪيو آهي۔ ان پالڻهار جي ڪروڙين احسان جو اسان کي ايتري آزمائش مان گذاري ٿو ۽ ان مان پاڻ ئي اهو ڪريم پنهنجي رحمت جي وسيلي پار به اُڪاري ٿو۔۔ بارگاهه اقدس ۾ دعا ٿا ڪيون ته الله پاڪ پنهنجي ذات ٻاجهاري کان سوا ڪنهنجو به محتاج نه ڪري، اوهان سڄڻن کي الله پاڪ شاد و آباد ڪري، ڪڏهن به اهڙو ڏکيو پهر اوهان جي زندگي ۾ نه اچي، الله پاڪ اسان کي پنهنجي رت جي رشتن سان محبت قائم رکي ۽ دوستن ، عزيزن، ۽ هڙني انسانن سان همدردي ۽ محبت جو ڌاڳو ڳنڍيو رکي۔۔آمين ثم آمين
رب ڪريم کي عاجزانه التجا آهي ته پاڻ پنهنجي ڪريمانه صفت سان اسان جي پياري ڀاء کي پنهنجي خصوصي ڪرم نوازي سان صحت ڪامله و عاجله نصيب فرمائي ۔
ادادعا آهي ته رب پاڪ پنهنجي رحم ُ ڪرم ۽ فضل سان توهان جي ڀاء صاحب کي صحت ڪامل عطاء فرمائي.۽ سندن تمام مرضن کي هميشه هميشه لاء دور ڪري. جسماني توڙي روحاني. .............۔تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کـــــــــــــــــــــــــــي.