دنيا جي سڀ کان ڪوجھي شڪل واري عورت کي نيٺ آخري آرامگاهه نصيب ٿي وئي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ علي اصغر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2013۔

  1. علي اصغر سومرو

    علي اصغر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قمبر شهر
    2030 اٽيچمينٽ ڏسو
    2032 اٽيچمينٽ ڏسو

    [​IMG]
    دنيا جي سڀ کان ڪوجھي شڪل واري عورت کي نيٺ آخري آرامگاهه نصيب ٿي وئي. هن جون آخري رسمون سندس موت کان ڏيڍ سئو سال پوءِ ميڪسيڪو ۾ ادا ڪيون ويون. جوليا پاسترانا 1834ع۾ ميڪسيڪو ۾ پيدا ٿي هئي. هوءَ پنهنجي زندگي ۾ ڪوجھي عورت طور سڄي دنيا ۾ سرڪس جي ذريعي پيش ٿيندي رهي. سندس زندگي کي انتهائي ڏک واري ۽ معاشري جي بي حسي جو شڪار قرار ڏنو پيو وڃي. جوليا پاسترانا جي منهن جسم جي ٻين حصن تي ڄائي ڄم کان غير معمولي وار هئا ۽ ۽ هوڙون (ڏاٺون) به غير معمولي طور وڏيون هئس بيماري جي ڪري کيس رڇ جهڙي يا ڀولڙي جهڙي عورت به چيو ويندو هو. 1850ع ۾ پاسترانا جي ملاقات ٿيون ڊور لينٽ سان ٿي جيڪو پڻ سرڪس واري ڪم سان لاڳاپيل هو. هو هن عورت کي آمريڪا ۽ يورپ ۾ وٺي ويو. جنهن کان پوءِ هنن ٻنهي شادي ڪري ورتي. 1860ع ۾ جوليا کي ٻار پيدا ٿيو جنهن بعد هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي سندس ٻار به ماءُ جهڙي ساڳي بيماري ۾ مبتلا هو سوبه نيٺ گذاري ويو. جنهن کان پوءِ لينٽ پنهنجي زال ۽ ٻار جي لاشن سان گڏ مختلف هنڌن جو دورو ڪيو. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ هنن ٻنهي جي باقيات ناروي جي اوسلو يونيورسٽي ۾ پهچي وئي. پاسترانا جي جنازي کي ميڪسيڪو واپس کڻي وڃڻ ۾ اتان جي سنالوارياست جي گورنر جو هٿ هو. هن مائي جي آخري رسمن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي هڪ آرٽسٽ ڏاڍو وڻندڙ جملو ادا ڪيو ته عورت ته کڻي ڪوجھي هئي پر سندس آخري رسمون ڏاڍيون خوبصورت هيون“.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    معلوماتي شيئرنگ

    بهترين
     
  3. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لا۽ ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو