سر سسئي آبري داستان پهريون ١ جي سِجھائِي سڪَ، ته پِڻُ سِڪي سَسُئِي؛ پِيتائِين پُنهونءَ کي، هڏِ نه ڀَڳِـيَسِ هڪَ؛ اِن تَڙَ منجھان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿئَي. ۲ پَسِي جھاجھ جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛ اَپَرِ اَڳانجھو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛ هڏِ نه ڀَڳِيَنِ هڪَ، سَدا سائِـرَ سِيرَ ۾. ۳ مُحَبَّتَ جن جي مَنَ ۾، تن تِشۡنَگِي تارِ؛ پِي پِيالو اُڃ جو، اُڃَ سي اُڃَ اُٿِيارِ؛ پُنهون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃَ سِين اُڃَ اُجھائِيان. ۴ مَحَبَّتَ سَندو مَنَ ۾، پُرُ پِيالو جن؛ پِيَڻَ پَرَچاءُ ناہِ ڪو، ڪنهن جنهن ڏاہِ ڏَڀَن؛ تنهن نِهايَتِ ناہِ ڪا، جنهن سُڃا سُڃَ وڃن؛ تيلان اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾. ۵ سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لَهي نه اُڃَ؛ پَسَڻُ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائِي سُڃَ؛ تيلان مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾. ۶ ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي؛ اَندَرُ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنَ کي. ۷ پاڻِيءَ مَٿي جھوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛ ساهان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نه لَهنِ؛ دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪن مُٺَنِ جئن. ۸ سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجھيو، اوري آريءَ ساڻُ؛ ڪري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ؛ ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين. ۹ لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهسِيو؛ اُڀَنِ مَنجھان آيو، ”هيءِ! هيءِ!“ جو هڳاءُ؛ طُيورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ؛ رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ؛ مِرُوئَنِ موتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ؛ بَرَ پِڻُ ڪن بُڪاءُ، اُڪَنڍِيا آرِيءَ لَءِ گھڻو. ۱۰ مَهندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُکَـڻيجِ؛ ڪُٻيلِياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هلائيجِ؛ پاڻا ڌارَ پِرِيتَڻو، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيجِ؛ اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجھي تان مَ وَڃيجِ؛ نا اُميدِي نيجِ، ته اوڏِي ٿِئين اُميدَ کي. ١١ ويہُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هڏِ مَ هلُ؛ ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏهين، سَچِي ڳالھ مَ سَلُ؛ جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي! ١۲ سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ؛ پَٽي ڪَر مَ پانهنجو، گھورِي! اَڏِ مَ گھرُ؛ مارِي! هڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين. داستان ٻيو ١ پَسِي ڏُونگَـرَ، ڏاہِ! جِمَ هلَڻَ ۾ هيڻِي وَهين؛ لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪاہ؛ پُڇِي پُورج، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باہ؛ اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ هڏِ مَ لاہِ؛ جو اَکِـنَئُون اوڏو آہ، سو پِرين پَراهون مَ چئو. ۲ هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛ ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو. ۳ جيڪُسِ يادِ ڪَياسِ، وَرُ وڃِي وَڻِڪارِ ۾؛ جَلِدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄُ ٿِياسِ؛ وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِي ٻاجھ سين. ۴ واقُفُ نه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ؛ جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ؛ لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئي، معذُورِنِ مَٿاءُ؛ اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪِلِي آهيان. ۵ وَڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا؛ اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، ڪيا هيڪِلِيُنِ حِيلا؛ جِتِ ڪُڙِمَ نه قَبِيلا، اُتِ رَسجِ، رَهبَرَ! راہَ ۾. ۶ ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نه ڏِٺو ڪڏهين؛ مَهرَ نه هئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هندُوڪارُ؛ جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون! وائي هوءِ جي هليا هوتَ سُونهارا؛ مُون نه وَهيڻا، پنهونءَ سَڱِيڻا. سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا؛ آن ڪي ويندا گڏيا؟ آرِياڻِي اِہَ پارا؛ ٽَلِيُون ٽَؤنرَ هلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا؛ مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا؛ اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، دوسَ آيا دِلِدارا. داستان ٽيون ۱ پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ، جانِبُ جَبَلُ ڳولئين؛ تيلاهين تَنگُون ڪَرئين، جيلانهين تون جوءِ؛ ساڄَنُ سُڃَ نِهارِئين، ڏُکِي! ڏوہُ ڪيوءِ؛ هاڙهي هوتُ نه هوءِ، وري پُڇُ ويٺِيُنِ کي. ۲ ورِي پُڇُ ويٺِيُن کي، سَندا پُنهونءَ پارَ؛ ساڄَنَ سَڀُ ڄَمارَ، ڏُکِي! ڏورِجِ ڏِيلَ ۾. ۳ ڪونهي اُتِ ڪوهيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانـئِيو؛ پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارُ؛ ڌارِيا ڀانـئِجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ تون. ۴ سَڀيئِي ساري، سَسُئِي! گھرَ ڪُنڊُون تون گھورِ؛ وڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، درا مَنجھ دوسِتُ ٿيو. ۵ سوئِي کَـڻيو ساڻُ، سوئِي ڏورِئين، سَسُئِي! ڪَڏهن ڪَنهين نه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجھان ڄاڻُ؛ پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، ته تون تِـئائِين لَهِين. ۶ جو تُون ڏورِئِين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو؛ لالَنَ لَءِ، لَطِيفُ چئي، مَنجھي ٿِي مَعذُورِ! منجھان پَنئُن پَرُوڙِ، تو مَنجھ آهسِ تَڪِيو. ۷ وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛ لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛ ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛ نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو. ۸ هلُ هنئين سين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ؛ رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِہُ رُوحانِي سَسُئِي! ۹ ڪَجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِيُنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن؟ بيخود هلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوَان اِيئَن؛ سِڪَڻ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين. ١۰ مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين، پريتَڻو پاڻا؛ ڄاپَنِ جئَن ڄاڻا، تون پِڻُ هوئِجِ تن جئَن. ۱۱ مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئِين، پاڻان پِرِيتِڻَو؛ کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَڙهجِ مُنهن ۾. داستان چوٿون ۱ هيجُ نه هوندو جن، سي ڪِيئن وِندُر وِيندِيُون؟ وهو وِچِ رَهنِ، سَهسين سَڌُنِ وارِيُون. ۲ سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا؛ جيهيءَ تيهيءَ ذاتِ جيِ، جُنبَشِ ڪانهي ڪا؛ مون سين هلي سا، جا جِيُّ مِٺو نه ڪَري. ۳ وَريتـيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري؛ جاڏي هنَ جَبَلَ جو، تانگھيندِيَسِ تَرو؛ جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرِڻُ نه ٿِئي. ۴ وڃوسڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَن وارِيُون؛ ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳاله ڳَرِي؛ ٻُنڀان جن ٻَرِي، ڏُونگَر سي ڏوُرِيندِيُون. ۵ اَڄ ملندِيَس، ماءِ! ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا؛ جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مون کي جھلَ مَ پاءِ؛ هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان. ۶ مُون کي ڀانـئِي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏُوراڻا هليا؛ اڳِيان اُٿِي اُنِ جي، خُوبُ نه پَڪَمِ کاڄَ؛ مَيڙي آپَ سَرَتِـيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاچ؛ سا مُون هٿان نه ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ؛ آيَلِ! آءٌ اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو. ۷ پهرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي؛ ٻولُ مَ وِساريجِ، هو جو ڪَيُءِ هوتَ سين. ۸ توسين ٻولَ ٻَهون، سَهسين ساجَنُ جي ڪري؛ ڪَندِينءَ توءِ ڪَهون، جي نالو ڳِـيَڙُءِ نِينهن جو. ۹ سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي! ڪَندِينءَ ڪوہُ ڪيڻانِ؟ جه سي اُنِ اورانگھيا. ١۰ سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو روءِ؛ پَهي نه پانڌِي ڪو، جنهن ڪَرَ پُڇي لوءِ؛ مُوڙِهي وڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانَ ڪري. ۱۱ ڇُلان، مَنجھمِ نه ڇاڪَ، پُران، پَوَنِمِ پُرِڪَڻا؛ مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَزاڪَ؛ چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هڏِ هڻِي ڪيو. ۱۲ موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪِي چَيَسِ جيڏِئين؛ پَرَيٽِ پِهرئين پُورَ، نيئِي پهچائِي پُنهونءَ کي. ۱۳ موٽِي مَران مَ ماءِ! مَوٽَڻَ کان اَڳي مَران! لُڇِي لالنَ لاءِ، شالَ پَونديَسِ پيرَتي! وائي مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ! مُون کي دَرِدُ قَدِيمِي، وو! دَرِدُ جَدِيدِي، حُبَّ حَبِيبِي. آلُودِي آزارَ کان، تولَءِ ٿِـيَسِ، طبِيبَ! شادِي ڏئِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاہِ، غَرِيبَ! اَهئان ٿِي آهون ڪَرِيان، نَعرو مَنجھ نَصِيبَ! ڪاهلِ آهيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاہِ، رَقِيبَ! حاذِقُ آهئين هنَ جو، اَچين شالَ، عَجِيبَ! دَوا آهئِين دِلِ جِي، پُـڇِ پُـڇِ رَهيَسِ طَبِيبَ؛ اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، ڪوڙي لاءِ، قَرِيبَ! داستان پنجون ۱ ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَـرُ ڏُورِيو مُون؛ ڪاهي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون؛ سَڀَتِ آهئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين؟ ۲ پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ؛ ته نَڪو ڏُونگَـرُ ڏيہَ ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻِ؛ پُنهون ٿِـيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ هئا. ۳ پُنهون ٿِـيَس پاڻَهين، ويو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ؛ هيڪِليُون هلَنِ جي، ڀَڄي تن ڀَـرَمُ؛ جو وِندُر۾ وَرَمُ، سو سودو سَرِيَسِ هتَهين. ۴ پُنهون ٿِـيَسِ پاڻهين، ويئِي سَسُئِيءَ جي سُونهن؛ خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُوۡرَتِہٖ، اِئن وَڻَنِ مَنجھ وِرُونہَ؛ چَرِي مَنجھان چُونہَ، کَڻِي هوتَ هنجِ ڪيو. ۵ ويئِي سُونهن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِـيَس پاڻَ؛ سَڀِنِ جِي سَيَّدُ چئي، آهي اُتِ اُماڻَ؛ ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي. ۶ وَهمَ وِرساياسِ، ناتَ پُنهون آئُون پاڻَ هئِي؛ پاڻُ وِڃايُمِ پانهنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ؛ رَتِي عِلِمَ نه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي. ۷ هيڪَرَ هئڻُ ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي؛ مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ اللهَ، نيئِي اجھا اوڏانهين اَڏ؛ ته هوتُ توهين کان هڏِ، پِرِين پاسي نه ٿِئي. ۸ هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇِين ڪوهُ پَهي؟ وَ فِي اَنۡفُسۡڪُمۡ، اَفَلا تُبۡصِرُوۡنَ، سُوجھي ڪَرِ سَهي؛ ڪڏهن ڪانه وَهي، هوتُ ڳولَڻَ هٽَ تي. ۹ هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟ وَنَـحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تُنهنجو توهين ساڻُ؛ پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي. ١۰ ووڙِيَمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جتَ جي؛ اَللهُ بِڪُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ؛ سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري. وائي اَهکِيءَ آڳَہُ آهي، وو! مون کي تان نه ڇڏيندوتِکَ ۾. پڇي پوءِ پِيَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاهي؛ آرِي اُگھاڙَنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراهي. داستان ڇهون ۱ جُدائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي؛ مَنگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ؛ اَرکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو. ۲ دَرِدُ نه لَهي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ؛ ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين. ۳ ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تنهن ڪِينَ ٿئي؛ مَنجھ شهادَتَ سان، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري. ۴ ڏَکا، ڏُونگَرَ ڄامَ! مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي؛ توتي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، آهي سَندِي عامَ؛ مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنهيا ڪانڌَ! ڪَلامَ؛ پَرِچِجِ پِيادِنِ سين، اَللهَ لَڳِ، عَلامَ! جا نَوازِي اَهنجي نامَ، سا، هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هيڪِلِي. ۵ پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَـرَ مَٿي ڏي؛ ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سيرُون ٿِـيَڙا سي؛ جهڙي تهڙي حال سين، پُري پُنهونءَ ڏي؛ وَڃي، مانَ وَري، ٻانهِيءَ ٻَنڌَڻُ جنهن سين. داستان ستون ۱ وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندِرا؛ ٻِيُون ڪوہُ ٻَڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِينديُون. ۲ ڏيہُ ڏيهان ئِي ڏُورِ، پَرڏَينهان پَري ٿِيا؛ سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَرانهين پُورِ؛ تُون وَڃِين، هوتَ! حُضورِ، مُنهنجوجئڻُ جيلانهِين ٿِئي. ۳ هيڪاندِيءَ هوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿيا؛ ساہُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِيو پوئِي؛ رَہُ، قَضا! دَمُ ڪوئِي، ته هيڪرَ هيڪاندِي ٿِيان. ۴ هَڏِ نه ساہُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري؛ پائي وِيَڙا پِرتِ جو، زوراوَرَ زَنجِيرُ؛ جِيُ جُسو، جاڳِيرُ، هاڻي مِلڪَ هوتَ جي. ۵ عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهون جي پُڇَنِ؛ رِيسَ ريذالِيُون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟ مارَڳِ جي مَرَنِ، وڏو طالِعُ تن جو. ۶ ويٺي وَرِ نه پَوَنِ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين؛ جي مَٿي رَندَنِ رُئَنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي. ۷ رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِيو چڙهي؛ لانچي لَڪ، لَطِيفُ چئي، هلي ڏانهن حُضُورَ؛ رَهيا سَڀِ رُڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ؛ ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙيُسِ سُپِرِين. ۸ مَنجھان پَنءُ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي! ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجھجِ ڌُوڙِ؛ ته تون ماڻِئين مُوڙِ، جي پَندِ اِهائِي پارِئين. ۹ ٻَرِيائِي ته ٻارِ، ڦُوڪِ ته لَڳي اَنبَرين؛ هِتي جي هُئڻَ جُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ؛ سَمُوري سَرِڪارِ، نيئِي رَکِجِ ناہِ ۾. ١۰ قَدُ ٻَڌِي، تُون ڪِينۡ، پَهُچندِينءَ پُنهونءَ سين؛ جئن سِينو ساهئين سَسُئِي، ٿِئين تَهوارون تِينۡ؛ مُٺِي! ٿِيُ مِسِڪِينۡ، هِمَّتَ هوتُ وِڃائِيو. ۱۱ ٻِلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِئي؛ سا مُنڌَ مَري نه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ؛ سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙِي سَيَّدُ چئي. داستان اٺون ۱ اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهِيان؛ لُڙِڪَ لعۡلَ، لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَءِ وَهايان؛ هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لَءِ هارِيان؛ جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَهايان؛ پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين. ۲ اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، آهيان اَسُونهِين؛ پَرَ ڏيهي پِرِين ڪَيا، مَرَڻَ لَءِ مُونهين؛ سَسُئِيءَ کي سَيّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونهين؛ هارِي! ڪِئَن هونهين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين. ۳ اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي۽ سَڌَرِ ٿيُ سچي؛ سُپَڪِ ٿيُ، سَيَّدُ چئَي، پَهڻَنِ مَنجھ پَچِي؛ مَعذُورِ تي مارو ڪيو، اولاڪَنِ اَچِي؛ منجھان راہَ رَچِي، ٿِيَڙِي لالُ، لَطِيفُ چئَي. ۴ اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي؛ ٿي ڊوڙائي دَليلَ، ته پُنهون ماڙُهو موڪليو. ۵ مُنۡڪِرَ۽ نَڪِيرَ کي، جڏهن ڏِٺائِين؛ اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهون پُڇِيائِين؛ اَدا اِتائِين، ڪو ويوساٿُ سَڄَڻَ جو؟ ۶ ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا؛ رائو مِڙيوئِي رَتَ، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ؛ لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرِ ڏورِ؛ جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِئين. ۷ جُھٽَ پِٽي، پِہُ جَھنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي؛ سُورُ سُٻيلِي، سَسُئِي! لَڪَ تَنهِين سين لَنگِھ؛ ته سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ! ميڙائو ٿو ٿِئَي. ۸ ڪَرِڪو واڪو وَسُ، وِہُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾؛ چَڙهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ؛ ڏورَڻَ مَنجھان ڏَسُ، پَوَندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو. داستان نائون ١ ويہُ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي؛ نِرِمَلُ نِهاري، هلَندِنِ تان هٿِ ڪيو. ۲ اَوَجھڙ اَسُونهَن، ڏيہُ گھڻو ئيِ ڏورِيو؛ سَڳَر رءَ سُونهَن، پهتِي ڪانه پَنڌُ ڪَري. ۳ واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪريان؛ ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرنِيان تو؛ بَرِ بورائو جو، لَڳِي، متان لَٽِئين! ۴ ڏُورِ مَ تون ڏوريجِ، صَبرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي! پُرَڻُ ڇَڏِ پَيرنِ سين، وِهڻُ وِساريج؛ سُکَنِ جا، سَيَّدُ چئي، لاڳا پا لاهيجِ؛ هنئين ساڻُ هليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري. ۵ کُهِي جا کَنيائِين، وِکَ تَنهين ويجھي ڪئِي؛ ڇِڪيءَ ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو. ۶ سَؤ ڪوہَ ڪري سَڀَڪا، تُون، کُهِي! کَڻِجِ وِکَ؛ تاڻِجِ مَنجھان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀرَ نِبِري. ۷ هيڪِليائِي هيلَ، پورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي؛ آڏا ڏُونگَـرَ لَڪِيون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ؛ ته ڪَرَ ٻيلِي آهنِ ٻيلَ، جي سُور پِرِيان جا ساڻُ مُون. ۸ دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نه وِهي؛ لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پَهڻَنِ مَنجِھ پِهي؛ سَندي نِينهن نِهي، ڪِي سَرفِرازُ سَسُئِي. داستان ڏهون ١ آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پَري وَڃُ ۾ پِيَّ! موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تُون جِيارو جِيَّ؛ هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هِيَّ، پُنهون! پِيادِي پَنڌَ ۾. ۲ آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگُھ؛ وَٽِ ڇَڏي مُون واگُھ، آرِي! وِئين عِشقَ جو. ۳ هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان، صَبۡرُ شُڪۡرانو؛ ذَوقَ زَمانو، مُون، وَرَ! وِيو وِسرِي. ۴ ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هاڻِ؛ اَللهَ! سيئِي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو. ۵ ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هتِ؛ پُنهونءَ جي پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو. داستان يارهون ۱ ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ؛ اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ؛ وَٽان ويـهِي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پرائِيين. ۲ سُڻُ ته سوزُ پِرائِيين، ” آءُ “ چيائُون اَڄُ؛ ٻولِي ٻِي نه سِکِيا، ”پاڻا“ چوندءِ ”ڀَڄُ“؛ واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ ته ٻِيائِي لَهي. ۳ ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱِڻِ آرِيءَ ڄامَ جي؛ دِيَتَ آهي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيِنِ جي. ۵ اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهينِ؛ هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ؛ ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي. ۶ سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هلَڻَ رِءَ مَ هلُ؛ جَلَڻُ رِءَ مَ جَلُ، رُئَڻَ رِءَ مَتان رُئِين. ابيات متفرقه 1 اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو؟ وِيو جاڳائي، جيڏِيون، بِرهُ، هِيُ بيباڪُ؛ چُر ڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمهاري ڪِينَ ڪِي! 2 جان ساماڻيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ؛ لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، ٿِـيُ بيگارِياڻِي بَرِ؛ ته ويندِي پَوَئِي وَرِ، اَڳيان هوتَ حُضُورَ ۾. 3 مُنڌَ نه مَنجھان تن، پَسي لَڪَ لُڏَنِ جي؛ جا پَرِ کاهوڙِينِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي. 4 مُنڌَ مَ مَنهِن ويہُ، اُڀِي اوسِرُ اُسَ ۾؛ تو سيئِي سيڻَ ڪيا، ڏُورِ جنِين جو ڏيہُ؛ پاڙي پاڙي پيہُ، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کي. 5 اولاڪَنِ اَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪيو؛ مَتان، وَرَ وِسارِئين، مَنجھان ڪُرَ ڪَچِي! لاهي لاڳاپا لَنگِھ تُون، سيڻَنِ ڏانهن، سَچِي! مَنجھان راهَ رَچِي، ٿِيندينءَ لَـعۡلَ، لَطِيفُ چئي. هن سُر جي اينٽري شاهنواز سومري ڪئي.
ادا مگسي تمام بهترين شيئرنگ آهي پر مٺا شاهنواز سومري جا نالو ڪيئن نه کڻبو ادي جا لک لائق جو انهي هن کي ڊجيٽل ڪيو.