• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهوڙي جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي.....؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ٻن پٺاڻن مارڪيٽ مان ٻه گهوڙا ورتا .... گهوڙن جي سڃاڻپ رکڻ لاءِ هڪ پٺاڻ هڪ گهوڙي کي ڳانو ٻڌو.... ”ڳاني وارو منهنجو ۽ بغير ڳاني وارو تنهنجو گهوڙو آهي...”
اڳتي هلندي ڪنهن شرارتي ماڻهون گهوڙي جو ڳانو لاهي ورتو... جنهن کان پوءِ ٻئي پٺاڻ هڪ گهوڙي جو پڇ ڪٽيندي چيو ته ...”پڇ وارو منهنجو ۽ بغير پڇ جي تنهنجو گهوڙو آهي...“
اڳتي هلندي ڪنهن شرارت ڪئي ۽ ٻئي گهوڙي جو پڇ به ڪٽي ڇڏيو...
ٻئي پٺاڻ ڪافي پريشان ٿيا .... آخر ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ پهرين پٺاڻ چيو ته هي آخري سڃاڻپ رهي آهي... ”اڇو گهوڙو منهنجو ۽ ڪارو گهوڙو تنهنجو...“


نوٽ: هي ليک صرف کل ڀوڳ طور لکيو ويو آهي
 
Back
Top