ڪاٺ جا ٿانءَ….۔۔۔۔

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    90 سالن جي ڪراڙي پنهنجي زندگي جي ساٿي جي وفات کان پوءِ آخر پنهنجي پٽ، نُهُن ۽ چار سال جي پوٽي سان رهڻ جو فيصلو ڪيو …
    ڪراڙي جا پوڙهائيپ جي ڪري هٿ ڏڪندا هئا… سندس نظر ڪافي ڪمزور ٿي چڪي هئي جڏهن ته هو لٺ جي سهاري سان هلندو هو…
    پورو خاندان هڪ ئي ميز تي گڏ ماني کائيندو هو.. پر ڪراڙي کي هٿ ڏڪڻ ۽ نظر ڪمزور هجڻ ڪري ماني کائڻ ۾ ڏکيائي ايندي هئي… کائيندي کائيندي ميز جي چادر تي گره ڪيرائي وجهندو هو يا وري چانورن جي پليٽ فرش تي ڪرائي وجهندو هو… جنهن ڪري پٽ ۽ ننهن کيس روز روز جهڻڪندا رهندا هئا….
    هڪ ڏينهن ته ڪراڙي شيشي جو گلاس جڳ سميت فرش تي ڪيرائي وڌو جنهن کي بچائيندي سندس کان قيمتي ڊش پڻ فرش تي ڪري پيو…
    آخر روز روز جي نقصان کي بچائيندي پٽ ۽ ننهن ڪراڙي لاءِ ڪنڊ تي الڳ ميز لڳائي جتي کيس ڪاٺ جي ٿانون ۾ ماني ڏيڻ لڳا…
    جڏهن سڀئي ماني کائڻ ويهندا هئا ته ڪراڙي جي اکين مان ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙها به ڪري پوندا هئا…
    هڪ شام جڏهن پٽ نوڪري تان واپس موٽيو ته هن ڏٺو ته سندس جو چار ساله پٽ فرش تي ڪاٺ جي ٿانوَن سان کيڏي رهيو هو… پٽ مرڪندي کانئس پڇيو….”پٽ فرش تي ويهي ڪاٺ جي ٿانوَن سان تون ڇا پيو ڪرين…؟“
    ”بابا بابا مان توهان ۽ امان لاءِ ماني تيار پيو ڪريان جيڪا وڏو ٿي ڪاٺ جي ٿانوَن ۾ توهان کي ڏيندس…“ ٻار جواب ڏنو… ۽ واپس پنهنجي ڪم کي لڳي ويو…
    ٻار جو معصوم جواب ٻڌي ننهن ۽ پٽ سٽپٽائجي ويا… لفظن جي طاقت پٽ جي ڳلن تي ڳوڙها آڻي ڇڏيا… ٻنهي هڪ ٻئي کي ڪجهه نه چيو پر انهي شام ٻنهي ڪراڙي جا هٿ پڪڙيا ۽ کيس وڏي ميز تي پاڻ سان گڏ ماني کارائي … ۽ هاڻي هنن کي نه ڪراڙي جي هٿن جي ڏڪڻ ڪري ميز جو ڪپڙو خراب ٿيڻ برو لڳو ۽ نه ئي سندس جي هٿان ڪري ٽٽندڙ ٿانوَ..

    سبق؛ هڪ سبق جيڪو مون مٿئين واقعي مان سکيو اهو آهي ته زندگي ڪڏهن ڪڏهن هڪ موقعو ٻيهر ڏيندي آهي پر ياد رهي ته ڪڏهن ڪڏهن … سدائين نه۔۔….
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين سمجهڻ وارڻ لاءِ تمام بهترين سمجهاڻي آهي، چوندا آهن ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي،
    بس هي ناچيز ته هر وقت دُعا گهرندو آهي ته مولا مونکي والدين جو فرمانبردار بڻاءِ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو