• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ڪِهڙو محبوب آهين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
تون ڪهڙو محبوب آهين؟
جِنهن جي ڪُلهي تي
ڏُک ويل مان لُڙڪَ
نٿي هاري سگهان،
پريشانيءَ ۾ دردَ نٿي ونڊي سگهان ،
تون ڪهڙو محبوب آهين؟
جِنهن سان حال نٿي اوري سگهان ،
ڳالهائيندي به هٻڪان ٿي ،
متان رُسي نه وڃي ،
جِنهن اڳيان مجبور آهيان
تون ڪهڙو محبوب آهين؟
ها !شايد مون کان وسري ويو!
ته هاڻي تون منهنجو
محبوب نه آهين
جِنهن سان ڳالهيون ونڊيندي هئس ،
جِنهن جي جهولَ ۾ ،
سُڪون ملندو هو
جِنهن جي ڇهاءَ ۾ جنت ملندي هئي ،
جِنهن کي منهنجا چپَ ،
ڪافيءَ وانگر ،
۽ منهنجو پيار ٽافيءَ وانگر
لڳندو هو ،
منهنجون اکيون ڪينجهر ،۽
منهنجا وار گهٽائون لڳندا هئا ،
ڇو ته هاڻي تون مڙس آهين ،
۽مان زال!
ڪيڏو نه فرق آهي ،
محبوبا ۽ زال ۾،
محبوبا جا چپَ ڪافيءَ وانگي،
۽ زال جا بي ڍنگا ،بيڊولا
محبوبا جا وار گهٽائون ،
۽ زال جا!
گهنڊيرا تيلَ ۾ ٻڏَل!
ڪيڏو نه فرق آهي زال ۽
محبوبا ۾ !!!!!!
 
Back
Top