السلام عليڪم دوستو۔۔۔۔۔۔ جيئن ته اڄ ڪنهن دوست مونکي فرمائش ڪئي ته مونکي مڪمل قرآن شريف سو به ويڊيو صورت ۾ کپي جنهن قرآن جي تلاوت هلي به ۽ جيڪو پڙهيو وڃي پيو اهو سامهون عربي ۾ ظاهر ٿئي ۽ ان کان عربي جي هيٺيان عنوان ۾ لکيل زبانن ۾ ترجمو به ٿيل آهي۔۔۔۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪافي پهريان ادا ابو زين ذڪر نالي هڪ قرآن شريف جو سافٽوئير سنڌ سلامت تي چاڙهيو هئو مون ان کي به هلائي ڏٺو آهي پر ان ۾ صرف ترجمو مون وٽ انگلش ۾ ظاهر ٿئي ٿو پر مونکي هڪ ئي وقت اردو سنڌي ۽ انگلش ترجمي سان گهربل آهي۔۔۔ سڄي سنگت کي عرض آهي ته مون مسڪين جي هن عرض ته نگاهه ڪرم ڪن ۽ منهنجو مسئلو حل ڪن ته جيئين صبح جو سوير آئون دوست کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ٿيان سڄي سنگت کي سلام سنڌ سلامت ساٿ سلامت
فقير سائين ڪم ته نيڪ آهي پر ڪوشش جي اسپيڊ کي وڌايو۔۔۔۔ پوءِ ڀلي اوهان جي مرضي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
سائين زاهد سهڻا صبح نه اوهان هيئنر ئي پنهنجي دوست کي منهن ڏيکاري سگهو ٿا ان ئي سافٽوئير ۾ توهان سنڌي اردو ترجمو ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا جيڪو آف لائين به پڙهي سگهجي ٿو ان جي وضاحت هن پڪچر ۾ آهي ته پهريائين مين مينيو ۾ File کان پوء view جو ٽيب آهي ان ۾ ٽرانسليٽ جو آپشن ان ۾ More جو آپشن ان کي ڪلڪ ڪيوته اوهان کي اردو سنڌي ٽرانسليٽ جو آپشن ملندو هي تمام بهترين سافٽوئير آهي هن ۾ ڪئي سهولتون آهن في الحال ان کي ڊائون لوڊ ڪري پوء حقيقت کان آگاه ڪندا۔ [/URL][/IMG]
سائين ڊائونلوڊ جي لنڪ ڪٿي آهي يا وري فقير چشمي جو نمبر وڌائي ،،، ٻيلي سائين رحيم بخش جلدي جواب ڏيو سدائين گڏ
مهرباني محترم سائين اوهان جي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيوسين ۽ انهي ۾ توهان جي دعائن سان ڪاميابي ماڻيسين۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اوهان اسانجي علم ۾ واڌارو ڪيو۔۔۔۔ مهرباني سائين۔۔۔۔ shal judy hujeen
سنڌي ۽ اردو ترجما آن لائن پهريائين ڊائونلوڊ ڪرڻا پوندا. انهيءَ کان پوءِ ٽرانسليشن ۾ ڪنهن به ترجمي کي سليڪٽ ڪرڻ سان اهو ترجمو عربي متن سان گڏ ظاهر ٿيندو.
پر ادا سائين مونکي اهو ته ٻڌايو اهو سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪٿان ڪجي. مان ته لنڪ ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو آهيان.
ادي وهاب ته يقينا قرآن سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو هوندو، پر خبر ناهي سائين زاهد سومري جو مسئلو حل ٿيو يا نه....؟؟؟
سائين شڪر الحمدالله جو منهنجو مسئلو حل ٿي ويو آهي۔۔۔۔ اوهان جهڙا لائق ۽ قابل ماڻهو فورم تي موجود آهن ته پوٌءِ اسان کي ڪهڙي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔ الله سائين اوهان کي ۽ سائين مولوي رحيم بخش کي وڌائي جن منهنجو مسئلو حل ڪريو۔۔۔۔ سڄي سنگت جو شُڪرگذار آهيان جو اسان جهڙن اٻوجهن جي نماڻن عرضن کي ايترو مَانُ بخشيندا آهن۔۔۔۔ shal judy hujeen