ها هي ڀرم ئي رهجي وڃي ها ۔ آءُ ان خوش فهمي ۾ ئي مبتلا رهجي وڃان ها ۔ هاڻي سمجھ ۾ آئي اها ڳالھ ته جي ماڻهون جي سوچ مثبت هجي ته تڪيلف به رحمت هوندي آهي ۔ مون هميشه اهو ٿي سمجهيو ته آءُ دولتمند آهيان ۔ ڪيترا ڀيرا فخر سان اها ڳالھ مون ڪئي هئي ته دولتمند اهو ناهي جنهن وٽ دولت گهڻي هجي پر دولتمند اهو آهي جنهن جا دوست گهڻا آهن ۔دليل طور حضرت علي ڪرم الله وجه جا فرمان پيش ڪرڻ دوستن تي فخر ڪرڻ ائين سمجهيو ويندو هو ته ڄڻ منهنجو مشغلو رهيو۔ ڇو نه ناز ڪريان ها آءُ ته هميشه دوستن جي اشاري جو منتظر رهيو هيس نه ڏٺم رات نه ڪي ڏينهن ۔نه تتي نه ٿيڌي، نه جُهڙ نه مينهن ، جنهن وقت جنهن ساٿي جتي به سڏيوآءُ اُتي هوندو هيس۔(ان جي اهڙي جذبي جو آءُ به گواه آهيان۔) ڪڏهن به ڪنهن دوست ۾ ڪا لالچ نه رکي هئي ۔ هميشه دوست سمجهي انهن جي خدمت ڪئي هئي ۔جي زندگي ۾ ڪنهن دوست کي ڪو ڪم چيو به هو ۽ ان کان نه ٿي سگهيو هو ته اهو سمجهي ڪري ڪڏهن بدگماني نه ڪئي هئي ته شايد ان دوست جا ان وقت حالات بهتر نه ها ۔ اوهان حضرت علي ڪرم الله وجه جو هي فرمانِ اطهر ٻُڌو هوندو ته ڪڏهن ڪنهن دوست کي آزمائجو نه ڪهڙي خبر ان وقت ان جا حالات بهتر نه هجن ۽ اوهان هڪ بهترين دوست کان بدگمان ٿي وڃو۔ اسلام جي انهن تعليمات هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي ته انسان کي سوچ مثبت رکڻ گهرجي ۔ ڪڏهن جي ڪا بدگماني ٿي به ته مون لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجه جوپ هي فرمانِ اطهر رهنمائي جي مشعل رهيو ۔ پاڻ فرمائين ٿا ته رشتن جي رسي ان وقت ڪمزور ٿيندي آهي جڏهن انسان بدگماني مان پيدا ٿيل ذهن ۾ سوالن جا جواب به پاڻ ئي ڏيندو آهي ۔ ڪڏهن سندن هي فرمان منهنجي رهنمائي ڪندو رهيو ته پاڻ علي عه فرمائين ٿا ته جي ڪنهن تي اعتبار ڪريو ته آخري حد تائين يا ته اوهان هڪ بهترين دوست پائيندؤ يا اوهان جنهن کي دوست سمجهيو ٿي اهو اوهان جو دوست هيو ئي نه۔ الغرض ان سفر ۾ جاري و ساري زندگي پنهنجي سفر تي روان دوان هئي ۔ اهو ڀرم هميشه منهنجو ساٿي رهيو۔محفل ۾ ويهي ڪُڏي چوندا هيس سائين منهنجو ڦلاڻو دوست منهنجو ڦلاڻو دوست۔ ان حوالي سان ڪئي ڀيرا حتڪ به ٿي جيئن ڪنهن دوست جو ڪو ڪم اچي پيو هن چيو يار تنهنجو ڦلاڻو دوست هن ڊپارٽمينٽ (اداري) ۾ آهي ان کي چئي هي ڪم ته ڪراءِ ڪئي ڀيرا جواب کي منهن ڏيڻو پيو۔ پر مون هميشه ان جي جواب کي صحيح سمجهيو۔ واه لطيف سرڪار واه لطيف سرڪار هي شعر مونکي ڪڏهن به سمجھ ۾ ڪو نه اچي ها جي زندگي هن ڀنور مان نه گُذري ها ۔ در اصل جڏهن انسان ڪو ڪنهن ڀنور ۾ ايندو آهي ته خبر اها پوندي آهي ته ڪهڙو دوست ڪيتري حد تائين اوهان جو دوست آهي ۔ جيڪو ساٿي جيتري حد تائين هلي بس ان جي ۽ اوهان جي دوستي جو قد ايترو ئي هو۔ زباني بيشڪ اوهان اهو چوندا رهو ته اسان جي دوستي آسمان کان به وڏي آهي ۔ پر دوستي جي قد جي خبر اوڏي محل پوندي آهي جنهن وقت، وقت ان جي پيمائش ڪندو آهي ۔ ته مون اهو جملو لکيو واه لطيف سرڪار واه لطيف۔جيڪو هُن پنهنجي ٻُڏل ڪيفيت مان چيو هو۔ هي جملو لطيف سرڪار سان ڪنهن دلي لڳاؤ يا پيري مريدي جي ڪري نه نڪتو پر سائين جو هي شعر مونکي زندگي جي هن ڀنور مان گزرندي سمجھ ۾ آيو۔ ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن ٽنهين ڏنم ڏکسي سڀ ڀانيم سک هيڪاند ڪارڻ هوت جيهي شعر هر ڪو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سمجهيو هوندو جنهن سان جهڙا مسائل ان اهڙي انداز ۾ سجهيو هوندو پر جڏهن ساجن ( جنهن جي ڪيفيت آءُ لکي رهيو آهيان) منهنجي سامهون ويٺو هو هُن جي اکين مان هڪڙا ڳوڙها اگهيا ٿي ٻيا ٽمي پي آيس ۔ وري هن پنهنجي جذبن تي لاڪ لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ويٺي ويٺي وري هو پنهنجي ماضي ۾ گم ٿي پئي ويو ۔ وري هن جون اکيون ٽمڻ ٿي لڳيون ۔ سڏڪڻ کان پهريان ڄڻ هن کي دوستي جي لڄ پوي پئي ۽ وري ڪنهن ٻئي موضوع تي هن ڳالهائڻ ٿي چاهيو پر نه چاهيندي به هن جا خيال وري ماضي جي ڪنهن منجهدار ۾ دربدر ٿي پئي ويا ۔ وري نيڻ ٽمڻ شروع پيا ڪن مون هن کي جڏهن آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته هن اهو پئي چيو ته ڏاڏل نه هي اهڙو ڪو مسئلو ڪونهي ٿي سگهي ٿو مون کان سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ٿي هُجي ۔ پر وري هي ويٺي ويٺي ان ماضي ۾ غوطه نشين ٿيو پيو وڃي ۔ آخر م هن مونکان پڇيو ڏاڏل تو هي شعر جيڪو مون پڙهيو ڪيئن سمجهيو۔ آءُ خاموش رهيس۔ اها خاموشي گهڻي طويل ٿي وئي هن به سمجهيو ۽ ڇو نه سمجهي ها انسان کي پروردگار جيڪي قدرون ڏنيون آهن سي سڀني انسانن کي برابر جون مليل آهن۔ ڪنهن تي جي ڪو بُرو وقت ايندو آهي ته انساني احساس تڙپي پوندا آهن ۽ ان جا ٽٽندڙ احساس مون کي به غمگين ڪري چُڪا ها ۔گهڻي دير تائين خاموشي رهي ۽ ان وراڻيو ڏال مون سائين جو هي شعر ڏاگهن ڏيرن ،ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک سي سڀ ڀانيم سُک هيڪاند ڪارڻ هوت جي۔ ائين سمجهيو آهي ته هي ڏک زندگي جا ڦلٽر آهن جي هي ڏک نه هجن ها ته انسان کي پنهنجن پراون جي خبر نه پوي ها آءُ سمجهان ٿو ته لطيف سرڪار اهو ٿو چوي ته هنن ڏکن جي ڪري مونتي پنهنجن ۽ پراون جو وجود ظاهر ٿي پيو ۔ جڏهن پنهنجا پراوا ظاهر ٿي پيا ته پنهنجن جي ملڻ سان هنن سورن جي حقيقت مونتي سک ٿي کُلي پئي جي هي ڏک نه هجهن ها ته آءُ هيمشه ڌوڪي ۾ رهجي وڃان ها ۔انهن ڏکن جي ڪارڻ منهنجا مونکي ملي ويا پراوا پري ٿي ويا هي ڏک ناهن مون لاءِ سک آهن۔ (وسلام هڪ دوست جا جذبا )
ڏاڏل سائين جو هڪ بهترين ۽ هر ماڻهون جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ ليک آهي۔ دوستي بابت سچا ۽ کرا جذبات آهن۔ انهن جذبن کي سمجهڻ گهرجي ۽ وري وري پڙهڻ کان پوءي ان ڳالهه ته عمل به ڪجي توهان جي بيان ڪيل هن، دوستي ۾ ان معني کي سمجهڻ نهايت ئي ضروري آهي، ڏاڏل جو ڪافي وقت کانپوءِ هڪ بهترين ليک پڙهڻ لاءِ مليو مهرباني
سائين عرس صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان تفصيلي پسنديدگي جو اظهار ڪيو ۔ هي ڪهاڻي اسان جي سماج جي هر هڪ ڪردار سان جُڙيل آهي ۔جن دوستن هن ليک کي پسند ڪيو انهن جي مبه مهرباني۔ وسلام
سائين وساڻ صاحب اوهان جي پسنديدگي جا قرب۔ هي حقيقت آهي انسان گورو هجي يا ڪارو پر ان جا احساس ساڳيا ئي هوندا آهن۔ وسلام