رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڏکي آ پيار جي منزل هلڻ لاءِ حوصلا گهرجن،
هزارين خوف خطرا کڻڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
رهي ٿو چنڊ وانگر جو ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر،
انهيءَ محبوبزادي سان ملڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
پرھ جي هير ۾ منهن تان هٽائي زلف جا پهرا،
پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
استاد اعجاز