حوصلا گهرجن

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڏکي آ پيار جي منزل هلڻ لاءِ حوصلا گهرجن،
هزارين خوف خطرا کڻڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
رهي ٿو چنڊ وانگر جو ڪڏهن گم سم ڪڏهن ظاهر،
انهيءَ محبوبزادي سان ملڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
پرھ جي هير ۾ منهن تان هٽائي زلف جا پهرا،
پرائي سونهن کي پيارا چمڻ لاءِ حوصلا گهرجن۔
استاد اعجاز
 
ادا رضوان صاحب تمام سهڻيون سٽون ۽ تمام سهڻا الفاظ ۽ خيال. واهه واهه.ادا جيڪر استاد اعجاز جي باري ۾ ڪجهه تعارف ڏيو هان ته بهتر ٿئي هان ، سندس بهترين شاعري آهي. مان ان ڪري ٿو معلوم ڪريان ته هي اعجاز صاحب پير اعجاز صاحب ته نه آهن ، جنهن جون هي سٽون مشهور آهن، هن دل ته هزارين يار ڪيا ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو ڪيڏانهن ويو
 
Back
Top