السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ اڄ آئون دوستن تان اردوءَ ۾ ونڊوز ايڪس پي جو لنڪ آندو آهي. مائيڪروسافٽ وارن ونڊوز ايڪس پيءَ لاءِ اردو لينگئيج پيڪ رليز ڪيو آهي. جنهن کي انسٽال ڪرڻ سان توهان اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ونڊوز هلائي سگهو ٿا. البته هيءَ ونڊوز صرف اهي ئي استعمال ڪري سگهن ٿا، جيڪي مائيڪروسافٽ جي مستند ونڊوز استعمال ڪن ٿا يعني رجسٽرڊ ورزن تي ئي توهان ڊائونلوڊ لنڪ حاصل ڪري سگهو ٿا. مون پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ اردو ونڊوز انسٽال ڪئي آهي، جنهن جا ڪجهه اسڪرين شاٽ هي آهن: ته پوءِ دوستو دير نه ڪريو ۽ هيٺين لنڪ تان اردوءَ ۾ ايڪس پي ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ هن نئين ونڊوز مان مزا ماڻيو. ونڊوز ايڪس پي اردو
جن دوستن وٽ رجسٽرڊ ونڊوز نه آهي، اُهي هن لنڪ تان رجسٽري فائل ڪاپي ڪري، پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪن. توهان جي ونڊوز رجسٽر ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ اردو ونڊوز جو لنڪ پڻ حاصل ٿي ويندو. ونڊوز رجسٽري جيڪڏهن اڃان به اردو ونڊوز جو لنڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي درپيش اچي ته پوءِ آئون هڪڙو اپ لوڊ ٿيل لنڪ ڏيان ٿو، جنهن کي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو. ونڊوز ايڪس پي (اردو) ڊائونلوڊ ڪريو اميد ته هيءَ شيئرنگ دوستن کي ضرور پسند ايندي.
سائين ابوزين السلام عليڪم اوهان جي شيئرنگ ۽ ادا ڪنگ , سائين عبدالرشيد , سائين فقير عبدالوحيد, سائين نثار ناز , سائين نثار ابڙو , سائين اسد , سائين زاهد ۽ سائين ابوواصف جن جي شئرنگ معياري هوندي آهي ۽ تقريبا سڀني دوستن کي پسند ايندي آهي هن شيئرنگ جو ته انداز ئي نرالو آهي هرڪنهن کي ان شيء جو خوابن ۾ خيال ايندو آهي اڄ ڄڻ ته ان خواب جو تعبير ملي ويو باقي اڃا هڪ خواب آهي ان جي تعبير جو انتظار آهي اوهان سجهي ويا هوندا !۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ماشآء الله الله توهان کي صحت وعافيت سان خوش رکي جو سنڌ سلامت جي اڱڻ کي ان طرح مهڪائيندا رهو۔
آمين سائين اسان جو دعائون به ادا سان گڏ آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ابوزين انهي لنڪ تان اردو وارو ونڊوز ڊائونلوڊ ڪري رکون ٿا پيا باقي۔۔۔۔۔۔ انسٽال تڏهن ڪبو جڏهن پنهنجو پي سي وٺبو۔۔۔۔ تيستائين اسان جي حق ۾ دعا گهرندا ته پنهنجو پي سي وٺون۔۔۔۔ تمام پيارو ونڊ ڪيو اٿوَ۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
ادا ابوزين تمام بهترين شيئرنگ آهي، الحمدلله توهان جون جيتريون به شيئرنگس آهن سڀئي معياري ۽ پرفيڪٽ هونديون آهن.
چاچي پوڙهي جي ڳالهه پيا ڪريو، جيڪو منهنجي نالي سان گڏ آهي. اها تصوير مصر جي مشهور قاري ”محمود خليل الحصري رحمہ الله“ جي آهي. مون کي مرحوم جي تجويد تمام گهڻي پسند آهي. جنهن کان متاثر ٿي سندس تصوير پنهنجي نالي سان لڳائي ڇڏيم. پاڻ شيخ عبدالباسط عبدالصمد، محمود صديق المنشاوي ۽ ٻين مشهور قارين جا شيخ آهن. انشاءَ الله جلد ئي سندس سيرت تي مختصرا هن فورم تتي تحرير موڪليندس.
مون ونڊوز ايڪس پي (اردو) جي ٿيمس ۾ نستعليق جا فونٽ اپلائي ڪيا، جنهن کان پوءِ منهنجي ڪمپيوٽر جو لُڪ ئي تبديل ٿي ويو.
سائين ڪم جي ڳالهه کڻي آيا آهيو۔۔۔ هڪ عرض ته ادا ابو واصف جن کان پڇيو ته جيڪڏهن سنڌي لاءِ اهڙو پيڪ ٺاهڻ جي جيڪڏهن مائڪروسافٽ وارن کي منٿ ڪرڻي پوي ته هو سائين جن جي اداري کان ڇا گهرندا۔۔۔۔ باقي توهان جي هن تحرير ۾ بونس ڳالهه جيڪا توهان ڏني آهي اها آهي ته پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ٻه نمبر ونڊوز کي هڪ نمبر ڪيئن بڻائجي۔۔۔۔ اها به لاڀائتي ڳالهه آهي۔۔۔۔
بالڪل سائين، آئون جڏهن به ونڊوز انسٽال ڪندو هيس ته هفتي کان پوءِ Windows victim جو ميسيج ايندو هيو. رجسٽري انسٽال ڪرڻ کان پوءِ اهو مسئلو حل ٿي ويو. هاڻي آئون جينين ونڊوز هلائيندو آهيان.
سائين تمام پيارو لنڪ ٿو نظر اچي مٿي سائين رشيد جن جي ڳالهه طرف مون اڳ ۾ اشارو ڪيو ته باقي هڪ آهي انجي تعبير جي انتظار ۾ آهيون. الله ڪري اهو خواب به ساڀيان ٿي پوي .
سائين خوابن جي دنيا کان نڪري اچو حقيقت جي دنيا اچي وسايو، اسان کي به ته خبر پوي اخر توهان جا ڪهڙا خواب آهن. shal judy hujeen khil sahi suhnan saan
جواب: ونڊوز Xp هاڻي اردوءَ ۾ السلام عليڪم ادا ابو زين۔۔۔ توهان جي معياري ٿريڊ واقعي تمام بهترين آهي مان ڪافي ٽائيم کان رجسٽر ونڊوز جي فائل پئي ڳولي پر توهان جي وڏي مهرباني ادا۔۔۔۔
جواب: ونڊوز Xp هاڻي اردوءَ ۾ Saaen bilkul theek but..But Saaen tawha sabh dost Koshish karey SINDHI me windows thahyo!!