• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قطار ۾ هلڻ وارا جاندار

ساره

سينيئر رڪن
قطار ۾ هلڻ وارا جاندار :

جيتن ۾ماڪوڙا ۽ ڪوليون قطار ۾ هلندي نظر ايندا آهن ۔۔۔ پکين ۾ بدڪون قطار ۾ هلنديون آهن ۔۔ ۽ جانورن ۾ اٺ ڪارروان جي صورت ۾ هلندي نظر ايندا آهن ۔۔قطار ۾ هلڻ اتحاد کان سواء نظم و ضبط جو به زبردست مثال آهي۔ مان اڄ گوگل تي قطار ۾ هلڻ جاندارن جي ان عمل جا سبب تلاش ڪيان پيئي ۔۔ خبر پيئي ته ڪوليون ان ڪري قطار ۾ هلنديون آهن ته ڪا به هڪ ڪول اگر ڪوئي کاڌي ملڻ جو ذريعو ڏسي وٺندي آهي ته بين ڪولين کي ان طرف وٺي ويندي آهي۔۔۽ هر ڪول پوئين ڪول جي رهنمائي لاء هڪ نشان ڇڏيندي ويندي آهي ائين هڪ ٻئي جي پيروي ڪندي سڀ هلنديون آهن۔

بدڪن ۾ فيمليز گڏ هلنديون آهن ۔۔ اڳيان ماء وچ ۾ ٻار ۽ آخر ۾ پيء ٻارن جي حفاظت لاء ۔۔۔

اٺن۾ سڀ کان اڳيون اٺ مالڪ جي ڪڍ ۽ هر پويون اٺ اڳئين اٺ جي پيرن جي ڇڏيل نشان تي پير رکي اڳتي وڌنڌو آهي۔ اٺن جي قطار ۾ هلڻ جو سبب معلوم نه ٿيو ۔۔ ٿي سگهي ٿو الڳ هلڻ جي صورت ۾ انهن کي وڇڙي وڃڻ جو انديشو هجي۔ پراڻي زماني ۾ اٺ سواري ۽ سامان ڍوئڻ لاء استعمال ٿيندا هئا۔۽ انهن جي قطار کي camel train چيو ويندو هو ۔۔ اهو ممڪن آهي ته ريل ٺاهڻ جو تصور اٺ جي ڪارروان کي ڏسي انسان جي ذهن ۾ آيو هجي۔
جانورن جي زندگين جو اگر مشاهدو ڪجي ته خبر پئي ٿي ته اهي هڪ ميڪنزم تحت هلن ٿا۔۔ جيئن انهن جي دماغن ۾ قدرتي طور تي ٿيل پروگرامنگ هجي جنهن جي مطابق اهي عمل ڪن ٿا۔
 
Back
Top