• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيئو ٽي وي پنهنجا گوڏا کوڙيا آهن

نثارابڙو

نائب منتظم
جيئو ٽي وي پنهنجا گوڏا کوڙيا آهن

دوستو!
سنڌين جي بي بها ٻڌي ۽ ايڪي هڪ اهڙي چينل کي گوڏن کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي جو پاڻکي پاڪستان جو مالڪ سمجهڻ لڳو آهي ... هي ڏسو سندس اعتراف جرم ... شاهد مسعود پاڻ کي عقل ڪل سمجهڻ لڳو هو سندس ئي چينل ” غير دانستگي“ جي لفظ سان سندس عقل ڪل واري دعوي جو پڙدو ڦاڙي وڌو آهي ...

http://www.youtube.com/watch?v=SrudY5vsBLc

sindhsalamatsaathsal
 
سائين تمام بهترين خبر شيئر ڪئي آهي توهان
چوندا آهن ته جيڪي قومون يڪجه ٿينديون آهن ته ۽ پنهنجو پاڻ سان سچيون هونديون آهن ته دنيا جون سڀئي طاقتون انهن جي اڳيان گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن، ڇو انهن جي چاهت، عبادت، رياضت، ساٿ، سنگت، محبت سڀ کي پنهنجي ديش جي محبت هوندي آهي.
جيو وارن کي به خبر پئي ته واقعي اسان غلطي ڪئي آهي، ڇو جو انهن جڏهن پوري دنيا جي سنڌين کي يڪجه ڏٺو ته انهن جا پير ئي اکڙي ويا، ۽ مجبورن انهن کي هار مڃڻي پئي.
 
غير دانستگي ۾ ٻي قوم متعلق ڇونه ٿا لفظ نڪرن بهرحال سائين واقعي پنهنجي سنڌ جي اتحاد دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن شال الله اهڙي اتحاد تي قائم رهڻ جي سگهه بخشي۔
 
غير دانستگي ۾ ٻي قوم متعلق ڇونه ٿا لفظ نڪرن بهرحال سائين واقعي پنهنجي سنڌ جي اتحاد دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن شال الله اهڙي اتحاد تي قائم رهن جي سگهه بخشي۔

آمين ثم آمين. الله رب العزت توهان جي دُعا قبول فرمائيshal judy hujeen
 
محترم سائين نثار ابڙو صاحب

جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
مرن پيون ماريون قابو آهن ڪوٽ
اچ ته تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون۔۔۔۔۔
 
Back
Top