ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
،بزرگو، ڀائرو، عالمون اديبو ۽ ،سنڌ سلامت جا دوستو،،،،،،،،،، الله جا نبي سڳورا بيشڪ حيات آهن جنهن ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، جڏهن ته شهيدن لاء به قرآن جو فرمان آهي جنهن جو مفهوم هي آهي ته شهيد زنده آهن ۽ اهي رزق کائن ٿا توهان نه ٿا ڄاڻو.، پر هت مان پنهنجي علم رکندڙن دوستن کان ڪجهه سوال پڇڻ ٿو چاهيان اميد ته اهي علم رکندڙ دوست انهن سوالن جا سهڻا جواب ڏيندا۔ جيڪي منهنجي علم ۾ اضافو ڪندا۔
سوال هن ريت آهن....................................
ڇا ؟انهن نبين جي حياتي هن (دنيا واري) حياتي وانگر آهي،ڇا ؟ اهي اهو رزق کائن ٿا جيڪي اسان کائون ٿا۔ڇا؟ اهي نبي يا شهيد اسان جي زندگي وانگر زندگي گذارن ٿا، ۽ سمهن ٿا، جاڳن ٿا، بيمار ٿين ٿا، وري صحتمند ٿين ٿا ۽ سندن زندگي جون اهي ٻيون سڀ بشري گهرجون جيڪي هن دنياوي زندگي جون هيون اهي به پوريون ٿينديون آهن۔ڇا ؟ انهن کي ٻڌڻ سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي اوتري ئي سگهه حاصل آهي جيڪا کين زندگي ۾ حاصل هئي، ڇا ؟ نهن کي اها ساڳي قوت اراديت ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگهه حاصل آهي جيڪا کين هن دنيا جي زندگي ۾ حاصل هئي۔ڇا؟ اهي نبي دنيا جون سڀ زبانو ( ٻوليون ) سمجهن ٿا جيڪا صفت انهن جي زندگي ۾ به انهنکي حاصل نه هئي۔.۔۔۔ ۽ جيڪا صفت صرف خاص الله جي آهي۔ باقي دنيا جي ڪا به اهڙي قوت ڪانهي جيڪا دنيا جون سڀ زبانو ( ٻوليون ) سمجهي سگهي.
جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب اهيو آهي ته اهي سموريون گهرجون ۽ عمل هن زندگي جي گهرجن ۽ عملن کان مختلف آهن ته پوء ته ان جو مطلب سندن اها زندگي به هن زندگي کان بلڪل الڳ ۽ مختلف آهي، جنهن کي سواء رب جي ٻيو ڪير نه ٿو ڄاڻي، ۽ سندن ان زندگي جي ڀيٽه هن زندگي سان ڪري نه ٿا سگهو، ڇاڪاڻ ته اسان ته ان کي به زندهه چونداسين جيڪي ماءُ جي پيٽ جي زندگي آهي، ۽ ٻار ته اتي به زندهه آهي۔اسان ته ان کي به زنده چونداسين جيڪو ماڻهون ننڍ ۾ آهي ، اسان ته ان کي به زندهه چونداسين جيڪو موجودهه سائنسي حساب سان ڪومه ۾ آهي، پــــــــــــــــــر اهيا به حقيقت آهي ته اهي سموريون زندهه رهڻ واريون حالتون ( ڪنڊيشنون) الڳ آهن ۽ انهن جي حرڪت ۽ ڪيفيت الڳ آهي، ۽ اهڙي ريت اها زندگي ( هي دنيا ڇڏڻ کانپوء واري حيات ) به هڪ الڳ حيات آهي، ۽ ان حيات کي اسان هن حيات سان ملائي نه ٿا سگهون. منهنجي خيال ۾ ته جيڪر ڪنهن انسان کي هي زندگي يا حياتي قبر جي ان محدود حصي ۾ گذارڻي پوي ته هوند اها هڪ وڏي مشڪل کان گهٽ نه هوندي.