شادي کان پوءِ هڪ جوڙو دعا لاءِ ڪنهن درويش وٽ ويو… درويش عورت کي دعا ڪندي هڪ ورد پڙهڻ لاءِ ڏنو ۽ کيس چيائين ته جيڪڏهن تو هي 40 راتيون لڳاتار 1000 هزار دفعا پڙهيو ته خواب ۾ هڪ ملائڪ ايندو ۽ تنهنجو ڪهڙيون به ٽي خواهشون پوريون ڪندو…
عورت چاليهه راتيون اهو ورد پڙهڻ جو فيصلو ڪيو… ۽ آخر ڪافي مشڪلاتن کان پوءِ اهو چلو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي….
آخري رات هڪ ملائڪ سندس خواب ۾ آيو ۽ چيائين…”اي عورت..! تو ڪاميابي سان درويش طرفان ڏنل ورد پڙهي پورو ڪري ورتو آهي … واعدي مطابق تنهنجون ٽي خوهشون پوريون ڪيون وينديون … پر ان جي لاءِ هڪ شرط آهي…“
عورت وراڻيو… ”شرط … وري ڪهڙو شرط آهي…؟“
ملائڪ چيو.. ”جيئن ته تون لڳاتار 40 راتيون ورد پڙهندي گذاريون آهن… انهي دوران تنهنجو مڙس تنهنجي مصلي تان اٿڻ جي انتظار ۾ رهيو آهي … ان ڪري تنهنجي خواهش ۾ اهو به شريڪ رهندو ۽ ڇو ته هن کي تنهنجي ورد پڙهڻ جي صِلي جي خبر نه هئي ان ڪري جيڪا شي تون گهرندي ان جي ڏهوڻ تنهنجي مڙس کي ڏني ويندي… جيڪڏهن توکي منظور هجي ته پهرين خواهش ٻڌا….؟“
ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ عورت وراڻيو.. ”مون کي منظور آهي… منهنجي پهرين خواهش اها آهي ته مون کي دنيا جي امير ترين ماڻهون کان ڏهوڻ تي وڌيڪ امير ڪر… “
ملائڪ چيو..”پر تنهنجو مڙس توکان ڏهوڻ تي وڌيڪ امير هوندو…“
عورت چيو … ”ان جو خير آهي…“
ملائڪ چيو .. ”تنهنجي خواهش تي عمل ٿي چڪو آهي…“
عورت چيو…”منهنجي ٻي خواهش آهي ته مون کي دنيا جي خوبصورت ترين عورت کان 10 دفعا وڌيڪ خوبصورت بڻاء…“
ملائڪ وراڻيو .. ”پر تنهنجو مڙس توکان ڏهوڻ تي خوبصورت ۽ شهزور ٿيندو…“
عورت چيو … ”ان جو خير آهي…“
ملائڪ چيو .. ”تنهنجي خواهش تي عمل ٿي چڪو آهي…هاڻي پنهنجي آخري خواهش ٻڌاء…“
عورت چيو…”مون کي هلڪو دل جو دورو پوي…“
ملائڪ حيرت مان پڇيو..”ڇا… تون واقعي اهو ٿي چاهين…“
عورت وراڻيو…”ها منهنجي اها ئي خواهش آهي…“
سوچو دوستو…! هن جي مڙس جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي جڏهن هن کي ڏهوڻ دفعا وڌيڪ 10 دل جا دورا پيا هوندا…. هُن کي ٿڏي تي مري وڃڻ گهرجي … ۽ عورت زنده رهي…۔۔۔۔
سبق؛ جيترو اسان جو ذهن سوچي ٿو عورت ان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ سياڻي آهي…
پر ڪهاڻي اڃان ختم ناهي ٿي۔۔۔
اصل ۾ ائين نه ٿيو جيئن توهان سوچيو پيا۔۔۔۔ عورت جي آخري خواهش هئي ته ”هن کي هلڪو دل جو دورو پوي۔۔۔“ ان جو مطلب عورت جي مڙس کي عورت جي مقابلي ۾ 10 دفعا وڌيڪ هلڪا دل جا 10 دورا پون ۔۔۔۔ جنهن سان مڙس تي ڪو خاص اثر نه ٿيو ۽ هُو دنيا جي امير ترين ۽ خوبصورت شهزور طور زنده رهيو۔۔۔۔۔
سبق: دوستو عورت ايتري سياڻي نه ٿيندي آهي جيترو اسان سوچيندا آهيون۔۔۔ ان ڪري اهي ماڻهون بلڪل به پريشان نه ٿين جيڪي سمجهندا آهن ته سندن زال انهن کان وڌيڪ سياڻي آهي۔۔۔۔