اڄوڪي ڏينهن 18 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
18 فيبروري 1907ع ليکڪ چنچلداس آريا سپوت (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1933ع ليکڪ رام گيانچنداڻي (ٺارو شاهه / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1940ع شاعر غلام حسين شاد جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1958ع ڊانسر مڌو بخشاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1974ع شاعر ذوالفقار راز (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1976ع گلوڪارسعيد احمد تنيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1984ع ليکڪ رضوان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪي ٽي اين جي نيوز ريڊر مهتاب علي نور جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
18 فيبروري 1936ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 فيبروري 1942ع شاعر هادي بخش مسڪين جو انتقال ٿيو.
18 فيبروري 1942ع صوفي شاعر فتح الدين شاهه مسڪين لاڏاڻو ڪري ويو.
18 فيبروري 1977ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ضيائي وفات ڪري ويو.
_______
اڄوڪي ڏينهن 18 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
____