• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اعتماد، ڀروسو ۽ اميد.....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اعتماد ڇا آهي....؟
ڪافي وقت کان بارشون نه وسيون ته ڳوٺاڻن ايندڙ جمع تي دعا گهرڻ جو فيصلو ڪيو.... جمع ڏينهن جڏهن سڀئي ڳوٺاڻا دعا لاءِ گڏ ٿيا ته انهن مان صرف هڪ ڳوٺاڻو مينهن کان بچڻ لاءِ ڇٽي کڻي آيو....
ان کي چئبو آهي.... اعتماد....

ڀروسو ڇا آهي.....؟
هڪ سال جي ٻار کي هٿن ۾ کڻي هوا ۾ اڇاليو... توهان ڏسندو ته ٻار کلندو.. ڇو ته ان کي يقين آهي ته توهان ان کي واپس ڪيچ ڪري وٺندو...
ان کي چئبو آهي .... ڀروسو....

اميد ڇا آهي....؟
هڪ انسان پاڻي کانسواءِ 40 ڏينهن زنده رهي سگهي ٿو..... هوا کانسواءِ 8 منٽ زنده رهي سگهي ٿو پر .... اميد کان سواءِ هڪ سيڪنڊ به زنده نه ٿو رهي سگهي....

سبق؛... هميشه پاڻ تي اعتماد... ۽ ٻين تي ڀروسو رکو ۽ ڪڏهن به نااميد نه ٿيو....
 
ماشآء الله سائين تمام سجهاڻين واري ۽ نصيت آميز شيئرنگ آهي سائين اسان کي پاڻ تي اعتماد گھٽ ليڪن اوهان تي ڀروسو وڌيڪ آهي ۽ الله ڪريم جي رحمت ۾ اميد وار آهيون شال سڀني مسلمانن کي الله تعالي شاد رکي ۽ ان نصيت واري نڪتي تي عمل جي توفيق بخشي ۔
 
واهه سائين واهه تمام بهترين سمجهاڻي پيش ڪئي آهي.
بلڪل ادا بلڪل توهان جي ڳالهه 100 فيصد دل سان لڳي.
 
ماشآء الله سائين تمام سجهائين واري ۽ نصيت آميز شيئرنگ آهي سائين اسان کي پاڻ تي اعتماد گھٽ ليڪن اوهان تي ڀروسو وڌيڪ آهي ۽ الله ڪريم جي رحمت ۾ اميد وار آهيون شال سڀني مسلمانن کي الله تعالي شاد رکي ۽ ان نصيت واري نڪتي تي عمل جي توفيق بخشي ۔

ها ها ها سائين توهان به ادا رشيد کي جواب صفا اصلي ٺاهوڪو ڏنو آهي :D:D:D:D


sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top