سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ ۾ صوفي شاعرن پنهنجي شاعري خاص ڪري ڪافيءَ ذريعي پنهنجو پيغام هر دور ۾ بلند ڪيو آهي۔ اهڙي ئي هڪ شاعر ٻڍل فقير جي شاعريء تي مشتمل ڪتاب ديوان ٻڍل فقير اوهان اڳيان پيش آهي۔
عشق جنهين سر آيو، سي جهليا ڪين رهن
هيري لعل جواهر جو ٿا، سوجهي سر لهن
ٻولي ٻي نه ڪن، سواءِ ٻاروچل جي
سائين سليمان وساڻ صاحب ، تمام وڏي پهچ جا مالڪ آهيو ، شال سنڌڙي اهڙا سپوت پنهنجو سينگار بڻائيندي رهي ، آمين !
سائين ڪتاب جي ديباچي تي نظر پوڻ سان ئي ڪجهه خيال دل ۾ ترڻ لڳا ، سوچيم ته ڪناري لڳائي ڇڏجن ته بهتر آ ، ان ڪري جو قرآن پاڪ ۾
لولاک لما خلقت الافلاک ته مون شايد ڪڏهن به نه پڙهيو آهي ، جنهن جو ديوان ٻڍل فقير جي ديباچي ۾ ذڪر آيل آهي ۔ شايد اسان مان تحقيق جو مادو گهٽجڻ لڳو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وڌيڪ پارت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔