ساٿيو سنڌ سلامت جي هن عظيم فورم جو جنم ڏهاڙو هاڻي ڏينهون ڏينهن قريب پيو اچي ۽ انهي جي ڄڻيندڙن ۽ نپائيندڙن سان قربت هوندي خبرون پون پيو ته هن سالگرهه واري ڏينهن تي سنڌ سلامت ميمبرن لاءِ کوڙ سارا سرپرائيز آهن. ظاهر آهي سرپرائيز ته پنهنجي ٽائيم تي خبر بڻجي پرائيز ٿيندا آهن سو اهي سرپرائيز ئي هُجن ته ڀلو آهي. پر مون کي هڪ ڳالهه سُجهي ته هن دفعي هر ميمبر پنهنجي طرفان ڪُجهه نئون، ڪُجهه الڳ يا ڪا اهڙي شئي جيڪا هن فورم لاءِ نئين هُجي سالگرهه لاءِ کڻي اچي. انهي حوالي سان جيڪا ڳالهه مون کي سُجهي اها هاڻي سان ئي شروع ڪرڻ لازمي هئي.
مون ڏهه سوال ترتيب ڏنا آهن. جِن مان پنج سنڌ سلامت متعلق آهن ۽ پنج عمومي سوال ۽ ذاتي راين جي حوالي سان آهن. اهي سوال سنڌ سلامت رڪنن لاءِ ئي نه پر سنڌ سلامت جي رڪنن کان علاوهه انهن لاءِ به آهن جيڪي سنڌ سلامت تي رڪن ٿيڻ بنا به ڀيرو ڀڃين ٿا. اوهان سوالن جا جواب مون کي صرف ذاتي پيغام طور موڪلي سگهو ٿا. هن موضوع بابت ڪا راءِ ڏيڻي هُجي ته هن موضوع جي جواب ۾ ڏيو. جيڪي رڪن نه آهن سي وري فيس بوڪ تي ذاتي پيغام طور موڪلي سگهن ٿا. جيڪي زندگي رهي ۽ ساٿ سان ساٿ رهيو ته اها سروي مُڪمل طور (انتظاميه جي رضا سان مشروط) سالگرهه تي سنڌ سلامت تي ڏبي.
سوال: سنڌ سلامت متعلق سوال
01. اوهان روزانو سنڌ سلامت کي ڪيترو وقت ڏيو ٿا؟
02. سنڌ سلامت فورم سنڌي ٻولي جي ڪهڙي حوالي سان وڌيڪ خدمت ڪري ٿو؟
03. سنڌ سلامت ۾ اهڙي ڪهڙي شئي آهي جيڪا ختم ٿيڻ کپي ۽ ڇا ناهي جيڪو هُجڻ کپي؟
04. اوهان کي سنڌ سلامت جا سڀ اختيار هڪ ڏينهن لاءِ ڏنا وڃن ته ڇا ڪندؤ؟
05. سنڌ سلامت کي ڪنهن جو به ڪو مالي سهڪار ناهي. ڇا فورم جي بهتر لاءِ اهو وٺڻ/ملڻ گهُرجي يا بنا سهڪار جي فورم ٺيڪ پيو هلي؟
سوال: عمومي سوال
01. ڇا پيار ۽ محبت جا انداز وقت سان گڏ بدلبا آهن؟ جي ها ته ڪيئن؟
02. ڇا اوهان سمجهو ٿا ته ادب مستقبل قريب ۾ پرنٽ کان ختم ٿي رڳو ڪمپيوٽر تائين رهجي ويندو؟
03. ادب ۾ ڪهڙي صنف پسند ڪريو ٿا؟ انهي صنف ۾ اوهان جو سڀ کان پسنديده مصنف؟
04 . سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اوهان ذاتي طور ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏئي سگهو ٿا؟
05. ڇا سنڌ جي پوتئي پوڻ جو وڏو سبب تعليم آهي؟ جي ها ته تعليم جي بهتري لاءِ اوهان جي نظر ۾ فوري طور ڇا ٿيڻ کپي؟