خط ------- ڪتاب

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    معلوماتي مضمون
    خط ------- ڪتاب
    پوسٽ ڪارڊ: پوسٽ آفيس ۾ 2 رپين ۾ ۽ لفافو 5 رپين ۾ ملي ٿو، جڏهن ته ڪارڊ تي لکيل احوال ڳجهو رهي نه ٿو سگهي، مثال طور جيڪڏهن ڪا گهرو يا ڪاروباري ڳالهه ڪارڊ تي لکبي ته ڪو به ان کي آساني سان پڙهي سگهي ٿو، ان ڪري ضروري استعمال لاءِ لفافو ڪتب آڻڻ گهرجي. پوسٽ ڪارڊ ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي. هڪ موڪلڻ واري ڏانهن ائڊريس ۽ ٻيو موڪليندڙ جي ائڊريس. جيڪڏهن موڪلڻ واري ڏانهن ائڊريس جي جاءِ تي صرف نالو يا ٻيو ڪجهه لکبو ته ڪارڊ بي رنگ ٿي ويندو.
    رجسٽري خط: جيڪڏهن لفافو/ پوسٽ ڪارڊ رجسٽري ذريعي موڪلڻو هجي ته ٽڪلي جي سامهون لفظ رجسٽري لکڻ نهايت ضروري آهي. رجسٽري موڪليندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجو نالو ۽ ائڊريس صاف ۽ سٺن اکرن ۾ لکي ته جيئن خط نه پهچڻ جي صورت ۾ واپس اچي سگهي.
    واپسي رجسٽري: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي رجسٽري موڪلڻي آهي ته لفافي سان گڏ يا ڪارڊ سان گڏ ”موٽ رسيد“ به ڀري لڳائجي ته جڏهن رسيد واپس ملي ته معلوم ٿي سگهي ته ان شخص رجسٽري ڪڏهن وصول ڪئي.
    پارسل: پارسل تي ائڊريس لکڻ جو طريقو اهو ئي آهي جيڪو رجسٽري خط تي لکڻ جو آهي، فرق فقط اهڙو آهي ٽڪلي جي سامهون ”رجسٽري“ لفظ لکڻ جي بدران ”رجسٽر پارسل“ يا ”لفظ پارسل“ لکڻ گهرجي.
    بي رنگ خط: ڪنهن وقت غلطيءَ سان لفافي تي گهٽ ٽڪليون لڳائجن ٿيون يا لفافو وزن ۾ معيار کان وڌي وڃي ٿو ته اهو خط بي رنگ ٿي ويندو، ڪڏهن وري ڄاڻي واڻي به ٽڪلي نه لڳائبي آهي ته جيئن خط گم نه ٿئي، ان صورت ۾ خط وصول ڪندڙ کي ٻيڻا پئسا ادا ڪرڻا پون ٿا.
    هوائي جهاز: هوائي جهاز ذريعي سادو خط ۽ رجسٽري خط يا پارسل وغيره موڪلڻ جا جدا خط موڪلڻ جا جدا اگهه مقرر ٿيل آهن، هوائي جهاز ذريعي سادو خط رجسٽري يا پارسل موڪلڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي مٿان جملو “By Air Mail” هوائي جهاز ذريعي لکيو وڃي.
    مني آرڊر: روڪ رقم موڪلڻ لاءِ پوسٽ آفيس مان مني آرڊر فارم بنا قيمت ملندو آهي، ان سان فارم ذريعي رپيا تار ۽ هوائي جهاز ذريعي موڪلي سگهجن ٿا. پوسٽ آفيس وارا رقم وصول ڪندڙ کان ٻن جاين تي صحيح ڪرائي مني آرڊر فارم جو هڪ صحيح ٿيل حصو پئسا موڪلڻ واري کي موڪليندا آهن، ته جيئن کيس معلوم ٿئي ته رقم ڪنهن وصول ڪئي.
    اڄ ڪلهه جديد دؤر ۾، پوسٽ آفيس وارن پاران U.M.S يعني ارجنٽ ميل سروس به ڪم ڪري پئي، جيڪا عام رواجي ٽپال کان جلد ملندي آهي.جڏهن ته نجي ڪمپنين به ٽپال سرشتي جو ڪار-وهنوار زبردست نموني ادا ڪرڻ تيز ڪري ڇڏيو آهي، ٽي سي ايس، او سي ايس وغيره اهڙا نجي ادارا آهن، جيڪي خط، ڪتابت ۽ مال جي رسد رائين ڪار –وهنوار معياري انداز ۾ اڪلائين ٿا. .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو