ڪهاڻيمحنت جو ڦل”امان او امان! مان به اسڪول ڏي پڙهڻ وڃان.“ جڏهن ننڍڙي ڪاشف جي نظر اسڪولي ٻارن تي پئي ته ڊوڙي اچي پنهنجي ماءُ کي چيو. ماڻس کيس ڳلن تي چميون ڏيندي چوڻ لڳي ته، ”ها منهنجي هيئن جا ٺار، تون سدا اسڪول ڏي پڙهڻ وڃ، پر پٽ ڏس، اڃا ڪجهه وڏو ٿي نه، ٺيڪ آهي نه.“ ”ها اما، پوءِ مون کي بوٽ به وٺي ڏيندينءَ.“ وري ڪاشف پنهنجي ماءُ جي سامهون اچي چيو. سندس ماءُ پيار سان سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چوڻ لڳي ته، ”ها پٽ، پوءِ توکي بوٽ به وٺي ڏيندس.“ جيئن ته ڪاشف جو پيءُ اڳي ئي هن دنيا کي ڇڏي ويو هو. باقي سندس ماءُ هئي، جيڪا سلائيءَ جو ڪم ڪندي هئي، جنهن مان گهر جو خرچ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙي ڪاشف جي بيماريءَ جو به علاج ڪرائيندي هئي. جڏهن ڪاشف ڇهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪري آئي، جتان هي ٻالڪ سٺن نمبرن سان پنجون پاس ڪري آيو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول جي طرف وڌيو. جڏهن هن گلاب جي گل انگريزي اسڪول ۾ پير پاتو ته هي پهرين جيان سخت محنت ۽ ڪوشش ۾ لڳي ويو آخر اڳتي هلي سڄي اسڪول کي مهڪائي ڇڏيو، سڀئي استاد شاگرد هن ڏي عزت ڀرين نگاهن سان ڏسڻ لڳا ۽ انهن کان سواءِ پرنسپال به کيس اهڙي ذهانت، هوشيارپ ۽ سادگي کي ڏسي مٿس پيار ۽ شفقت ڪرڻ لڳو. هن کي جڏهن استاد، شاگرد گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ته هي مسڪين ٻارڙو وڌيڪ محنت ۽ مشقت ۾ لڳي ويو. آخر جڏهن ڪاشف بورڊ جو امتحان ڏنو ته هن انهيءَ امتحان ۾ به سموري اسڪول ۾ فرسٽ نمبر کنيون. ٻئي ڏينهن تي جڏهن پرنسپال کي خبر پئي ته ڪاشف سڄي اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي آهي ته پرنسيپال ڪاشف کي پنهنجي آفيس ۾ سڏرايو ۽ چوڻ لڳو ته ”پٽ ڪاشف، هي وٺ سئو رپيا ۽ اهو پٽ تنهنجو انعام آهي.“ ڪاشف پنهنجن نرم هٿڙن ۾ پرنسيپال کان سؤ رپيا ورتا ۽ پاسي واري کيسي ۾ رکيا. وري پرنسيپال تاڪيد ڪندي ڪاشف کي چوڻ لڳو ته ”پٽ ڪاشف! مان توکي انهيءَ محنت جو ڦل“ ڪنهن ڪنهن ڏينهن ضرور وٺرائي ڏيندس، تون مايوس نه ٿي، ڪاشف! تون... رڳو پٽ، شوق سان پڙهه.“ جڏهن ڪاشف پرنسيپال جي واتان اهي الفاظ ٻڌا ته سندس سڄي جان ۾ خوشيءِ جي چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ سندس چهرو گلاب جي گل جيان ٽڙي پيو. آخر جڏهن ڪاشف انهيءَ اسڪول مان انٽر پاس ڪئي ته پوءِ ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان بعد ڪاشف کي ساڳئي پرنسيپال پاڻ وٽ گهرايو ۽ سامهون واري پرس مان سندس نوڪري جو آرڊر ڪڍندي چوڻ لڳو، ته ”پٽ ڪاشف اچي هي وٺ.“ ”سائين هي... هي.... وري ڇا آهي؟“ ڪاشف پرنسيپال کي چيو. پرنسيپال پيار مان ڪاشف کي چيو ته ”پٽ! هي تنهنجي ماستريءَ جو آرڊر آهي.“ ”ها.... ها.... سائين هي منهنجي ماستريءَ جو آرڊر آهي.“ ڪاشف عجب مان پرنسپيال کي چيو. پرنسيپال ڪاشف جي ڪلهي تي هٿ رکي چوڻ لڳو ته، ”ها پٽ.“ مان اڄ ڏينهن تائين جنهن به ماڻهوءَ سان واعدو ڪيو آهي ته انهيءَ کي پاڙيو آهي. ”انهيءَ ڪري توسان به جيڪو مان واعدو ڪيو هوم، سو ان جي به فرض جي ادائيگي هاڻي مان پوري ڪري ڇڏي آهي.“ ڪاشف ٿورو مشڪندي پرنسيپال کي چوڻ لڳو ته ”سر اوهان جي وڏي وڏي مهرباني جو، اوهان منهنجي لاءِ ڪوشش ڪئي.“ اتي ڪاليج جو به ٽائيم پورو ٿيڻ وارو هو ته پرنسيپال ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڪاشف کي چوڻ لڳو ته ”پٽ! هاڻي ڪاليج جو به ٽائيم پورو ٿي چڪو آهي، ۽ مون کي ڪم سان به وڃڻو آهي، جي حياتي رهي ته ڪاشف پيا ملنداسين.“ ائين چئي پرنسيپال پنهنجي ڪار ۾ وڃي ويٺو. ڪاشف نوڪريءَ جو آرڊر کڻي پنهنجي گهر ڏانهن آيو ۽ پنهنجي ماءُ کي اچي خوشخبري ٻڌايائين. ماڻس جڏهن ايڏي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ٻڌي ته ڪاشف کي پنهنجي سيني سان لاتو پوءِ سندس ماءُ پرنسيپال جي لاءِ هر وقت دعائون گهرندي رهي.