هڪ دفعي سڀني جذبن سوچيو ته لِڪ لڪوٽي راند ٿا کيڏون۔۔۔ درد ڳڻپ شُروع ڪئي۔۔۔ ۽ باقي سڀ جذبا مختلف جائين تي وڃي لڪا۔۔۔۔ ڪوڙ وڻ پُٺيان لڪي ويو۔۔۔ پيار وري گلاب جي ٽارين ۾ لڪيو۔۔۔۔ واري واري سان سڀ جهلجي ويا سوا پيار جي۔۔۔۔۔۔ اِهو ڏسي ساڙ چغلي هئين ۽ ڪوڙ کي ٻُڌائي ڇڏيو ته پيار ڪٿي لِڪل آهي۔۔۔۔ درد پيار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ته ڪنڊن جي ڪري پيار جون اکيون خراب ٿي ويون۔۔۔ ۽ پيار انڌو ٿي ويو۔۔۔۔!!! اهو ڏسي قُدرت درد کي سزا ڏني ته هاڻ سڄي زندگي کيس پيار سان گڏ رهڻو پوندو۔۔۔۔۔۔ بس تڏهن کان پيار انڌو آهي ۽ جيڏاهن به وڃي ٿو درد ئي ڏيندو آهي۔۔۔۔۔