• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان نه سمجهان ها جي اوهان نه هجو ها۔

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
نه سمجهان ها
ڏک جي نه هجن ها
ها ڪڏهن نه سمجهان ها
ڪئي نقاب پهريل چهرا
ڪٿان ڏسان ها
مون جا پنهنجن جي هنئي ٿي هام
نڪتو ڌوڪو سراسر
شرمساري انجام
هي ته منهنجا ها
جيسيتائين مان هيس
مان نه رهيس ته ڪو نه رهيو
پر مون نه ڪي سمجهيو
مان ٽٽس ته رشتا ٽٽندا ويا
هاڻي جو مان
مان نه رهيس
سورن وجود وڃائي پڌرو ڪيو
اوهان ئي ٻُڌايو
جنهن جي زندگي جي پونجي
سواءِ دوستي جي ٻيو ڪجھ نه هجي
اوچتو ان کي خبر پوي
اهو منهنجو خيال هو
نه نه هن ڪيو پنهنجو پاڻ کان سوال هوندو؟
آخر مڃڻو پيو
لُڙڪ لڙي آيا
هڪڙا اگهيا ته ٻيا کِڙي آيا
هڪ آواز اندران اٿيو
جي هي ڏک نه هجن ها
هي حقيقتون لڪل رهن ها
قرب تن ڏکن جا ڏاڏل
جن ڏيکاريو پنهنجو پرايو
سلام اي ڏک اوهان کي
نه سمجهان ها
جي اوهان نه هجو ها۔
وسلام
 
ها ڏکن ۾ ئي ماڻهن جي سڃاڻ ٿي ٿئي ۔۔۔۔۔

لطيف سائين تڏهن ئي ته چيو آهي:

ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ريءَ
 
Back
Top