2068 اٽيچمينٽ ڏسو کل ڀوڳ ۽ مزاح سنڌي سماج ۽ ثقافت جو قديم دور کان اٽوٽ حصو رهيا آهن۔ سنڌ ۾ هڪ شخص جيڪو پنهنجي مزاحي ۽ ٽوٽڪن جي انداز ۾ ڪيل سچين ڳالهين سبب مشهور رهيو آهي اهو وتائي فقير طور سڃاتو وڃي ٿو۔ وتائي فقير جي ٽوٽڪن تي مشتمل سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل ڪتاب اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
هڪڙي ڏينهن وتايو ڳاٽ مٿي ڪري، الله کي ٻاڏائيندو پئي ويو، ڪنڌ مٿي هوس، ۽ چوندو ٿي ويو، “ وتائي تي پنهنجو رحم ڪر، وتايي جو حال ڪونهي، ٻڌاءِ ته وتايو ڇا ڪري ..؟؟ اڃان ايترو ئي چيائين ته رستي جي وچ ۾ ڪو کڏو هيو، تنهن ۾ وڃي ڦهڪو ڪيائين. ... ڪرڻ سان رڙ ڪري چيائين ته دعا ڀلي نه سڻ پر کڏ ۾ ته ڪيرائي نه مار!
سنڌ جي هڪ ڏاهي انسان جا بهترين ملفوظات ، انهن کي رڳو کل ڀوڳ طور استعمال نه ڪيو وڃي بلڪه انهن مان درس حاصل ڪرڻ گهرجي
بهترين ونڊ۔۔وتائي فقير بابت ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون اسان پنهنجن وڏڙن کان ٻڌندا هئا سين۔ اوهان جا لکين قرب جو هن ڪتاب جي صورت ۾ اسان سان ونڊ ڪئي وئي آهي۔۔بهترين لاڀ حاصل ڪبو۔مزاح سان گڏ اصلاح به ٿيندي۔
ادا سليمان وساڻ، اوھان جا قرب جو اسان کي اوھان قيمتي ڪتاب مفت م پڙھايو پيا۔ مان موبائل تي انٽرنيٽ استعمال ڪندو آھيان۔ مان پنھنجو مواد فورم تي ڏيندو آهيان تي اهو پبلش نه ٿو ٿئي۔ وڌيڪ رہنمائي لائي مان اوھان سان فيس بڪ تي ڪچھري ڪندس۔
دعا ڪيو ته موبائل تي سنڌي ورجن اچي ته جيئن هي فورم سڀني سنڌين لاء هلائڻ آسان ٿي پئي۔ اوهان فيسبوڪ تي مونکان ڪوبه سوال پڇي سگهو ٿا۔