• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳڻي يار ويو، ٻيو ڳڻي نه ڳڻي

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڪلام لعلڻ سائين
ڳڻي يار ويو، ٻيو ڳڻي نه ڳڻي،
هيڻو حال حبيبان، ڪنهن کي وڻي نه وڻي۔
نڪي ڍنگ بزرگي پيري آ، نڪي حڪم حڪومت اميري آ،
هردم حال اسانجو فقيري آ، سڄڻا يار سڻي ٻيو سڻي يا نه سڻي۔
نڪي ملان هون نڪي قاضي هون، نڪي زاهد نيڪ نمازي هون،
اسان رمزن جي وچ راضي هون، ڪنهنجوخيال اسانجي طرف تري نه تري هُن جي ٻولي هُن جي چالي آ، رندي رندي اسانجي نرالي آ،
سچو سُک ولايت والي آ، ڀلي چولي جو دم ڀري نه ڀري ۔
خام خيال خوديءَ جا کائون ٿا، ماري نفس پنهنجي کي مڃايون ٿا،
پوءِ لعلڻ ناءُ سڏايون ٿا، اهو نالو اسانجو ڪنهن کي وڻي نه وڻي۔
 
نڪي ڍنگ بزرگي پيري آ، نڪي حڪم حڪومت اميري آ،

سائين رضوان جمالي صاحب تمام سهڻو خيال آ۔ سندس شاعري جا خيال ته تمام سهڻا ٿا لڳن،سندس خيال ته صوفي فقيرن وارا آهن،باقي لعلڻ صاحب جي ڪردار تي به ڪجهه روشني وجهو هان ته تمام سهڻو ٿئي پوي هان، ادا واقعيفقير صفت پير و مرشدن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، انهن جي ته هڪ نظر سان انسان جي زندگي۾ هڪ طوفان اچيو وڃي. ۽ انهن جي اثر جي ڪري گھڻن ماڻهن جون زندگيون پلٽوکائي ڪري پنهنجو رخ ئي مٽائي ٿيون وڃن، ۽ اهي گنهگار ساڌو ۽ نيڪ شريف بڻجي خدا جي بندي سان گڏهن انسان ذات جي خدمت ۾ پنهنجون زندگيون گذاريوٿا ڇڏين......................ادا جيئن بدنظر جو اثر آهي اهڙي طرح سٺي نظرجو به اثر آهي ۽ انهيء اثرجوانسانن جي زندگين تي وڏوعمل دخل آهي۔ جيڪاڳالهه حديثن مان ثابت آهي.... باقي ادا اڄڪلهه جيئن زندگي جي ٻين شعبن ۾ خدمت ڪرڻ واري عمل کي نظرانداز ڪري رڳو ڪمائي ۽ ڌنڌي کي اڳيان رکيو ويو آهي اهڙي ريت اسان جي هن معاشري ۾ پيري مريدي ۽ فقيري به هڪ وڏو ڪاروبار ۽دنياوي مفادات حاصل ڪرڻ جا ذريعه بڻجي ويا آهن،۽ اسان جي هن معاشري ۾ ڪجههته اهڙا به پير مرشد موجود آهن جن جي روحاني منزل جي ته خبر ڪانهي( جنهن جي خبر ته رب پاڪ کي آهي جيڪا ذات حقيقتون ڄاڻي ٿي جيڪو هي ويچاروانسان نه ٿو ڄاڻيڇو جو انسان انسان آهي ۽ ان کي غيب جو علم نه آهي۔)پردنياوي حيثيت ۽ اثر اهڙو آهي جو اهي پنهنجن مريدن کي وڏين وڏين عهدن تي فائز ڪرائي ٿا سگهن. جن عهدن تي وڏو پيئسو ۽ ڪمائي (حرام جي )آهي۔ جنهن جا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن. اهيا افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن مذهب ۽ روحاني شخصيتن کي پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ جومقصد بڻايو ويندو هو انهن کي اڄ دنيا سنوارڻ جي ڪتب آندو ٿووڃــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي
 
Back
Top