تنهنجي هر بات لڪل آهي منهنجو غزل، تنــهنــجو چـهــرو رٺــــل آهي منهنجو غزل، هو ڳــلــڙا تـنـهـنـجـا چمڻ ۽ خوش ٿي کلڻ، تــنـهـنــجو تن مـن متل آهي منهنجو غزل، تونسان جــاري رهــيـون جي ملاقاتون مٺي، سخت سيءَ ڪاڙو تتل آهي منهنجو غزل، تنــهــنجو مونـسان رسڻ ۽ پَلَ ۾ پرچي پوڻ، تنهنجو هر هڪ عمل آهي منهنجو غزل، ننگر توتي لکي ٿو پنهنجو هر هـڪ غـزل، هي بـه تـوتـي لـکـل آهـي مـنـهـنـجـو غـزل، شاعر: ننگر عباسي
جيتوڻيڪ سنڌي ۾ سرجندڙ هاڻوڪي غزل جو موضوع محبوب سان مڪالمي وارو ناهي رهيو، مٽي ۽ مٽي جي ماڻهن سان محبت، ڌرتي سرتي جي سار، حق حاڪميت لا ٿيندڙ جدوجهد جو اتساهه ۽ مزاحمت ان جا بنيادي موضوع آهن۔سنڌي جا انيڪ ڪويتاڪار اهڙا آهن، جن جي ڪويتائن جو محور ”سنڌ“ آهي، اها شاعري پڙهي من اڇلون ڏيندو آهي ۽ اتساهه جو ويساهه بحال ٿيندو آهي۔
جيئن ته غزل فارسي شاعريءَ جي صنف آهي۔ فارسي شاعري ۾ 80 سيڪڙو محبوب جي تعريف ڪئي وئي آهي تنهن ڪري ان جي لاءِ هڪ نئي صنف ٺاهي وئي يعني غزل ۽ پوءِ ان جا اصول ۽ بندشون رکيون ويون۔ هن دور ۾ به غزلن ۾ محبوب جي تعريف ۽ ملاقات جي گهڙي ۽ ان جي ڪيفيت بيان ڪئي وئي آهي ۽ ڪئي وڃي ٿي۔ فرق صرف ايترو آهي ته ڪير پنهنجي ڌرتيءَ کي محبوب سڏي ٿو ڪير حقيقت کي محبوب سڏي ٿو ته ڪير مجاز کي محبوب سڏي ٿو۔سنڌي غزلن جو عظيم شاعر شيخ اياز جنهن سنڌي غزل کي جديد طريقي ۾ لکيو ۽ ان کي فارسي ۽ اردو جي اثر هيٺان ڪڍيو۔ تنهن جا اڌ کان وڌيڪ غزل محبوب سان ملاقات ۽ ان جي تعريف ۾ لکل آهن۔شيخ اياز جو هڪ غزل هي آهي، ڪنهن ڪنول کي چميو هيو مون رات، هڪ مٺو گيت ٿـــي لڳــــــي پرڀـــات، مشڪ بو ٿي ويو هو مـنهنجو صحن، تنهنجي زلفن ۾ ليٽي پئي هـــئي رات، مان ستارن جي سونهن کـان وڇـــڙي، ماڪ وانــگر ڪــئي بســر اوقـــات، ڪــوئي غم مــان فـــراز نـــاهه ايـــاز، ڄـــــڻ محبـت بـه ٿـي وئــي آ مــــات دعائن ۾ ياد