سيارو گذري ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2013۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سيارو گذري ويو
    [​IMG]

    روسي ۾ شهاب ثاقت جا ٽڪرا ڪرڻ جي نتيجي ۾ زخمين جو تعداد 1200 ٿي ويو آهي جڏهن ته لڳ ڀڳ 45 ميٽر قطر جو هڪ وڏو سيارو زمين جي انتهائي ويجهڙائي کان گذري ويو.
    روس ۾ هزارين ماڻهو يو رول جي جبلن ۽ چيجيا بنسڪ جي علائقي ۾ شهاب ثاقت جي ڪريل ٽڪرن مان ٿيل ۽ صفائي توڙي امدادي ڪمن ۾ رڌل آهن.
    اختيارين موجب اهي ڦولادي ٽڪرا 30 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان زمين تي ڪريا، پر خوش قسمتي سان ڪنهن آبادي واري علائقي ۾ نه ڪريا، انهن ٽڪرن جي زوردار ڌماڪن جي ڪري گاڏين ۽ گهرن جا شيشا لُڏي پيا جنهن ڪري ماڻهو زخمي ٿيا.
    روسي اختيارين موجب اهي ٽڪرا جبلن تي ڦاٽڻ کانوءِ هڪ ڍنڍ ۾ وڃي ڪريا. انهن ٽڪرن کي ڳولڻ لاءِ ٽوٻا ڪارروائي ڪري رهيا آهن.
    فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياري جو گذرڻ ۽ روس ۾ شهاب ثاقت جي ٽڪرن جو ڪرڻ مختلف واقعا آهن. جن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻئي واقعا ساڳئي ڏينهن ٿيا آهن. ان کي اتفاق چئي سگهجي ٿو.
    ڊي اي چوڏهن جي نالي سان گذريل سال لڌو ويندڙ سيارو زمين کان اٽڪل 23 هزار 700 ڪلو ميٽر جي وڇوٽي تان گذريو هو. جيڪو خلا ۾ موجود موسمياتي ۽ مواصلاتي سيٽلائيٽس جي زمين کان دوري کان گهٽ هو.
    آمريڪي خلائي اداري ناسا چيو آهي ته روس ۾ ڪرڻ وارا شهاب ثاقب جا ٽڪرا 1908 کانپوءِ سڀ کان اهم ۽ وڏو واقعو آهي. 1908 ۾ سائبيريا ۾ هڪ سيارو يا پچڙ تارو ٽڪرايو هو. جنهن سان 2150 چورس ڪلو ميٽرن کي بيٺل اٺ ڪروڙ وڻ تباهه ٿيا هئا.
    آمريڪي ڪانگريس ناسا کي هي ذميواري سونپي هئي ته اهو زمين جي قريب موجود هڪ ڪلو ميٽر يا ان کان وڏن سيارن کي لهي يا انهن تي نظر رکي. ان جو مقصد انهن سيارن جي زمين سان ٽڪرائجڻ واري خوشي کي ڏسڻ ۽ ضرورت پوي ته انهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ خلائي مشين اماڻڻ هو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو به ڀلو جو ڪو وڏو نقصان نه ٿيو ۔۔۔۔۔ رب پاڪ ، ڪائنات کي ڪيئن نه پنهنجي قدرت سان پيو هلائي ؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ادا سليمان!
    ان سياري يعني گرهه شهاب ثاقب جو پاڻ وٽ تُز نالو آهي ”پڇڙ تارو” ۔ رشيا ۾ ان پچڙ تاري جا ڪجهه ٽڪرا ڪريا جنهن سان خلق زخمي ٿي ۔هي اپ گرهه آهي آڪاش هيٺان هون ته انيڪ گرهه ۽ اپ گرهه لٽڪيل حالت ۾ آهن۔فلڪياتي ماهرن ۽ سائنسدانن موجب اهي پنهنجي عمر وڃائڻ بعد ڌيري ڌيري پنهنجي مدار کان هيٺ اچي ڪرن ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    پر ناسا وارا ڪجه به نه ڪري سگهيا ٽڪرا پڻ ئي ٽارو ڪري ويا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو