اڄوڪو ڏينهن 19 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 19 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


19 فيبروري 1473ع عظيم سائنسدان نڪولس ڪوپرنيڪس جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1870ع مشھور مفتي مولانا سعدالله انصاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1879ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جڳت راءِ ايسرداس (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1902ع تي سنڌ جو ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله چانڊيو، ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي) ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
19 فيبروري 1906ع سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مشھور ليکڪ ۽ صحافي تيرٿ گوبندرام سڀاڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر پرمانند جيسرام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1919ع گلوڪار ۽ شاعر هريرام پهوجا (جيڪب آباد / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1928ع مشھور اديب باسط سليم جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1949ع سياستدان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفنند يار ولي جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1951ع مذهبي اسڪالر علامہ طاهرالقادري جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1985ع شاعر ۽ اديب امتياز دانش جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

19 فيبروري 1689ع پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خوشحال خان خٽڪ جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 1952ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
19 فيبروري 1974ع ماھر معاشيات، اديب ۽ سياستدان پروفيسر نارائڻ داس رتڻمل ملڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
19 فيبروري 1976ع تحريڪِ پاڪستان جي ممتاز رهنما سردار امير اعظم خان جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 1996ع نامياري شاعر صھبا اختر جو انتقال ٿيو.
19 فيبروري 1998ع پاڪستان جي 450 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار آغا طالش جو انتقال ٿيو.
19 فيبروري 2008ع اديب، نقاد ۽ صحافي رام ڪرشن هيرانند راهي آڏواڻي بمبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.
19 فيبروري 2015ع ليکڪ، ماهر تعليم ۽ سنڌي لغت سائل ڪوش جوڙيندڙ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي احمد آباد ۾ ديهانت ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن 19 فيبروري جا ڪجهہ اهم واقعا

19 فيبروري 1843ع حيدرآباد جو قلعو انگريزن حوالي ڪيو ويو

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
jTGtF9Yn00gZ5.jpg
 
Back
Top