• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 19 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 19 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 فيبروري 1879ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جڳت راءِ ايسرداس (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر پرمانند جيسرام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1919ع گلوڪار ۽ شاعر هريرام پهوجا (جيڪب آباد / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1949ع سياستدان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفنند يار ولي جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1951ع مذهبي اسڪالر علامه طاهرالقادري جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

19 فيبروري 1952ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
19 فيبروري 1974ع ليکڪ ۽ فريڊم فائيٽر نارائڻ داس ملڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
19 فيبروري 1998ع پاڪستان جي 450 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار آغا طالش جو انتقال ٿيو.
19 فيبروري 2008ع ليکڪ، صحافي
رام ڪرشن هيرانند راهي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.
19 فيبروري 2015ع ليکڪ، ماهر تعليم ۽ سنڌي لغت سائل ڪوش جوڙيندڙ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي احمد آباد ۾ ديهانت ڪري ويو.

_______

اڄوڪي ڏينهن 19 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

ibqfH3flHJYTJH.jpg

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

روزانه ڪاوش

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

وڪيپيڊيا

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
____
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top