سنڌ سلامت هميشه ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي ته سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌيت جي پرچارڪ کي ٽيڪنالجي جي بهتر استعمال سان عام ڪجي۔۔ ان سلسلي ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي سوچ، دلچسپي ۽ لاڙي کي نظر ۾ رکندي مختلف پروجيڪٽس کي لانچ ڪيو ويندو رهيو آهي۔۔۔
ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن دفعي سنڌ سلامت جي سالگره 15 اپريل کان اڳ ئي هڪ نئين ۽ منفرد پروجيڪٽ ”برائوزرس ڊيولپمنيٽ“ طرف وک کڻڻ جي خيال کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۔۔۔
ٿيم گوگل ڪروم پنهنجي کوڙ سارين خوبين جهڙوڪ بلٽ ان فليش پليئر، بلٽ ان پي ڊي ايف ريڊر، تيز رفتاري، بهترين پرائيوسي، سينچورائيز ۽ بهترين نيٽ سرچنگ ٽولز شامل هجڻ سان گڏو گڏ گوگل ذريعي لاگ ان ٿي پنهنجا بوڪ مارڪس، برائوزر سيٽنگس ۽ انسٽال ٿيل ايڪسٽينشنس کي ضايع ٿيڻ کان بچائي پڻ سگهجي ٿو۔۔۔ پنهنجي انهن قيمتي سيٽنگس کي ڪنهن به وقت ڪنهن به ڪمپيوٽر جي ڪروم برائوزر تي اپلائي پڻ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو هي برائوزر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو پسنديده برائوزر آهي۔۔
گوگل ڪروم جي خوبين ۽ استعمال ڪندڙن جي پسند کي نظر ۾ رکندي سنڌ سلامت طرفان پهريون سنڌي ٿيم پڻ هن برائوزر لاءِ تيار ڪرڻ جو سوچيو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪجهه ڏينهن جي محنتن رنگ لاتو ۔۔۔۔ ته پوءِ حاضر آهي سنڌي ثقافت کي خوبصورت رنگن سان متعارف ڪرائندڙ پهريون سنڌي ڪروم ٿيم۔۔۔

سنڌ سلامت ڪروم ٿيم
- هن ٿيم ۾ هوئن ته گهڻن ۽ گهرن رنگن بجاء صرف ٽن رنگن سان چٽڪاري ڪئي وئي آهي پر سنڌ سلامت جي موجوده اسٽائيل کي سامهون رکندي سائي رنگ کي بهترين مزاج ۾ آندو ويو آهي۔۔۔
- پهرين ٿيم ۾ سنڌي ماڳ ۽ مڪانن کي فوڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔ ۽ اهو ئي مقصد سامهون رکيو ويو آهي ۔۔ پر تصويرن کي امبينڊ ڪندي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ٿيم جي سائيز ۾ ڪنهن قسم جو غير معمولي اضافو نه ٿئي۔۔۔
- سنڌ سلامت ڪروم ٿيم هوئن ته ڪروم جي پراڻن ورشنس تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي پر گوگل ڪروم جي جديد ورشن تي هن ٿيم جو نظارو انتهائي شاندار آهي۔۔۔
- سنڌسلامت ڪروم ٿيم هوئن ته گهٽ ريزوليشن تي پڻ بهتر نظارو ڏيکاري ٿو پر جيتري بهتر ريزوليشن هوندي نظارو بهتر ٿيندو ويندو .. جڏهن ته 1680x1050 جي ريزوليشن تي هي وڌيڪ بهتر ۽ مڪمل طور فٽ نظر اچي ٿو۔۔
- سنڌ سلامت ڪروم ٿيم جو هي 0۔1 ورجن آهي۔۔ ڪنهن غلطيء يا چڪ هجڻ جي صورت ۾ آگاهي ڏيندي ته جئين هن ورجن کي بهتر بڻائيندي اپڊيٽ ڪيو وڃي۔۔۔
- سنڌي تاريخ جي پهرين گوگل ڪروم سنڌي ٿيم کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ گوگل اسٽور جي هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔
- سنڌ سلامت گوگل ڪروم ٿيم ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪندڙ محترم عمران درويش سومرو ۽ محترم رنجيت جو آ انتهائي مشڪور آهيان جن هر دفعي وانگر هن دفعي پڻ پنهنجو مڪمل تعاون پيش ڪيو۔۔۔