ان درد جي ڪسڪ ڪيڏي عجيب هوندي آهي ته جڏهن انسان پنهنجن ۾ ڪمپرومائيز جي بنياد تي زندگي گذاري

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هو ڪيتري دير تائين دريا جي ڪپر تي بيٺو رهيو آس پاس جي سرد هوائن توڙي ڀر سان گذرندڙ روڊ تان گاڏين جي آوازن کان بي نياز۔جڏهن ته بسن جا زوردار هارن ائين پئي لڳو ته ڄڻ مُردن کي جاڳائڻ لاءِ ايجاد ڪيا ها ۔ ان وقت دريا جو وجود هن جي سوچن کان انتهائي نڍڙو هو ۔ هن دريا کي ڪُجھ ٻڌائڻ پئي چاهيوڪجھ چوڻ پئي چاهيو پر دريا جو ظرف ننڍو هو ان ڪري هي ان راز کي ان جي پيٽ ۾ شايد وجهي نه ٿي سگهيو۔
    پر هي ڪهڙو زنده و جاويد شخص هو جيڪو هن زماني جي هر سرگوشي کان پري هو۔دنيا جهر شخص پنهنجي پنهنجي ڊوڙ ۾ لڳل هو ، هي به شايد ان ڊوڙ مان کٽي هارايل شخص هو۔ هن زندگي جي هر آسائش ته ڏٺي هئي ۔
    هي جڏهن مهينن کان پوءِ موٽندو هو ته هر شخص ساڻس ملاقات لاءِ آتو هوندو هو۔
    هر ڪنهن جي اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته انور هنن جو مهمان ٿئي ۔ ڪڏهن چانھ جو بهانو ته ڪڏهن ماني جو بهانو ڪري هن سان محفل مچائڻ جو شوق هو۔ جي ڪو رُٺل هوندو هو ته ان کي پرچائڻ به ڪو انور کان سکي ۔ هن جي پرچائڻ جي انداز تي ماڻهون خون جو پلاند به ڇڏڻ لاءِ تيار هوندا ها۔
    انور پاڻ به ته هر دلعزيز هو ۔ جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هر ڪنهن لاءِ تحفو هن وٽ هوندو هو۔ سڀ اسان ننڍا توڙي وڏا ماما ماما ڪري هن کي چنبڙي ويندا ها سين۔
    هن 25 سال ڳوٺ کان ٻاهر سرڪاري نوڪري ڪئي هئي ، 14 سال پهريان هي ريٽائر ٿي آيو هو ۔
    ماشاءِ الله نوڪري دوران هن کي پيسن جي پرواه نه هئي ۔ جڏهن ريٽائر ٿي آيو ته پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائين ۔ ماشاءِ الله ڪاروبار به بهترين هليو پر،
    ٻه شيون هن جون وڏيو خاميون هيون هن جي اولاد اڻسُڌريل رهي۔چئن پُٽن جو پي هو چار ئي ماشاءِ الله پيسا کپائڻ جا ڪوڏيا ها ۔
    نمبر ٻه هن جي خامي اها هئي ته هن ڪڏهن سول زندگي جي اتار چڙهاؤ کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ۔پگهار دار رهيو هڪ روٽين هئي جنهن تي هن زندگي ٿي گذاري۔
    هن کي اهو تجربو نه هو ته پنهنجو ڪاروبار ڪيئن ٿيندو آهي۔ اولاد جي نافرماني جي ڪري دولت ڪجھ سالن تائين ته ساٿ ڏنو پر نتيجو اهو نڪتو ته ڪجھ سالن ۾ ئي هن جو ڪاروبار ويهي ويو۔ مٽ مائٽ پري ٿيندا ويندا ويا ۔ايسيتائين جو گهر ۾ به هن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون رهيون۔ هن جي فيصلن کي بدلڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ٿيڻ لڳا۔ هن کي مجبور ٿي ڪري پنهنجي فيصلن کي بدلڻو پيو۔
    اولاد جا رشتا هن جي مرضي جي برخلاف ٿيا ۔ هن به شايد گهر جي ڀرم کي رکڻ لاءِ زماني اڳيان پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيوته رشتا هن جي مرضي سان ٿيا آهن۔ پر حقيقت ۾ هن کي گهر جي هر فيصلي ۾ نظر انداز ڪيو ويو هو۔
    هن جي گهر واري اولاد کي پنهنجي چنبي ۾ آڻي چُڪي هئي هاڻي اولاد ماءُ جي فيصلي سان سهمت هو پر پي جي حتڪ ڪندي هنن ڪيٻايو به ڪي نه ٿي۔
    هن جا ڀائر هن جي ناانصافين سبب پري ٿيندا ويا ۔ جن ماڻهن جي طرف هن جي اولاد مائل هئي دراصل هو انتهائي چالاڪ و شاطر ماڻهون ها ۔ هنن هن کي پنهنجن کان ايترو ته پري ڪيو هو جو هي ڪڏهن به انهن جي در تي وڃڻ جوڳو نه رهيو هو۔
    اهو ئي سبب هو جو هي اندران ٽُٽي پيو هو ۔ هي گهر کان باغي ٿيڻ لڳو۔ هي باغي ٿي ڪري به رشتن جي مجوبري جي ڪري باغي نه ٿي سگهيو ۽ پنهنجي مرضي کي دفنائي گهر جي وقار کي هن باقي رکڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي۔ پر هي پنهنجي نظرن ۾ ڪرندو ويو۔
    پوءِ هڪ ڏينهن هي پنهنجو ماضي ياد ڪندي هي گهران نڪتو ڪئي ڳالهيون هيون جيڪي هن کي ڏنگڻ لڳيون۔
    جڏهن گهر وارا خط لکي هن کي گهر اچڻ لاءِ زور ڀريندا ها ۔ هي به پوري ڪوشش ڪندو هو ته جيترو جلد ٿي سگهي گهر واپس اچي ۔
    ڪالھ تائين هي گهر جو بنياد رکي بهترين گهر جا خواب ڏسدڙ جڏهن گهر جوڙي چُڪو ته هن جي گهر ۾ اها حيثيت نه رهي جا گهر ۾ گهر جي مالڪ جي هوندي آهي ۔
    هو گهر جو مالڪ ٿي ڪري به ان مليڪيت تي ناز نه ٿي ڪري سگهيو۔
    ڪالھ جڏهن هن پنهنجي وجود کي پنهنجي ضمير جي آئيني ۾ ڏٺو ته هي ڪالھ تائين پنهنجي سڄي ڪمائي هن گهر کي جوڙڻ ۾ لڳائي چڪو هو ۽ اڄ پنهنجي وجود جي حقيقت جي نفي ڪري ان گهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو۔
    هن دريا سائين ڳالهائيندي دريا کي اهو چيو اي دريا جي آءُ تو ۾ ٽپو ڏيان ته تون منهنجا درد سنڀالي سگهندي ۔
    اي دريا تو کي خبر آهي ته جڏهن انسان جون قدرون باقي نه رهن ۽ مجبور ٿي ڪري هو قدرن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ضمير جو سودو ڪري وجهي ته ان جو حُجم و وزن ڪيترو هوندو آهي ۔جڏهن پنهنجن سان انسان کي پنهنجائپ نه پر مجبوري جا رشتا جوڙين ته ان جو پيڙاءُ ڪيترو دردناڪ هوندو آهي ۔ جڏهن تون سڏڪين ۽ تو کي پرچائڻ بجاءِ بيمار چيو وڃي ان جي ذلت ڪيتري نه وڏي هوندي آهي۔
    اي دريا تون منهنجا هي درد سنڀالي سگهندين۔
    منهنجا پنهنجا اڄ منهنجي مڃن نه ٿا پر مونکي پنهنجي مڃرائين ٿا ڪالھ تائين هو منهنجي محبت جا منتظر ها اڄ آءُ انهن جي محبت جو منتظر آهيان تو کي خبر آهي دريا ان درد جي ڪسڪ ڪيڏي عجيب هوندي آهي ته جڏهن انسان پنهنجن ۾ ڪمپرومائيز جي بنياد تي زندگي گذاري۔
    ها دريا تون مون تي کلي سگهين ٿو
    واقعي تون ڄاڻين ٿو ته اهو سڀڪجھ تنهنجي دنيا ۾ نه پر انسانن جي دنيا ۾ ٿيندو آهي۔دريا تون هر هڪ کي وهڪري ۾ وهائي ويندو آهين پر انسان رشتن جي وهڪري ۾ جڏهن وهندو آهي ته ان جي درد جي دوا ڪا نه هوندي آهي ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سچ پچ اڄ ڪلهه رشتن جو تقدس مجروح ٿي چُڪوآهي۔وڏن جي نافرماني ايتري ته عام ٿي وئي آ جو بعد ۾ شرمساري به ڪو نه ٿئي۔ ظاهر آ اهڙي صورتحال ۾ زندگي جيئڻ به هڪ عذاب بنجيو وڃي۔۔۔سڄي زندگي انسان پنهجن ٻچن لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو۔۔۔پر اُن جو صِلو اهڙو ملي ته پوءِ انسان مايوسي ۾ انتهائي قدم کڻڻ تي به مجبور ٿيو وڃي۔۔۔۔:(
    تمام سُٺو ليک آهي۔۔۔اڄ جي نفسانفسي واري دور جي سٺي عڪاسي ڪيل اَٿس۔۔
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هيهات ، هيهات ڪرڻ کان علاوه ڪجھ نٿو چئي سگهجي
     
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    زندگي جي آسائشن کي حاصل ڪندي جڏهن پنهجي گهر جي ڀاتين جي احساسن کان پري رهڻ جو اتفاق ٿئي ٿو ته اهي احساس جيڪي رشتن ۾ مضبوطي پيدا ڪندا آهن اهي ڪچي ڌاڳي جيان بس ڳنڍيل ئي رهندا آهن ،اهي ڪنهن به سٽ سهڻ جي قوت نه رکندا آهن،نتيجن جن ناتن کي ڳنڍيندي پنهجي هر خواهش کي ماري ڪري انسان پنهجي عمر گزاري ٿو اها فقط انهن آسائشن تائين رهجي ويندي آهي ،۽ عمر جي ان حصي ۾ انهن آسائشن ۾ پلجندڙ ڪڏهن به ڪو نه چاهيندا ته اهي ان ڪراڙي جي خدمت ڪن جنهن پنهجي پاڻ کي ڪراڙپ جي ڪنڌيء تي فقط ان ڪري پهچايو ته اهو پنهجي اولاد ۽ گهر کي ڪا زينت بخشڻ پيو چاهي،
    الله پاڪ اهڙي ڪنهن ساعت کان هر مومن کي بچائي،جنهن ۾ پنهجي گهر جا ڀاتي ساٿ نه نڀائڻ جو احساس ڏيارين۔
    ڏاڏل سائين تمام سهڻو سبق ڏنو اٿو،تمام بهترين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    واقعي تون ڄاڻين ٿو ته اهو سڀڪجھ تنهنجي دنيا ۾ نه پر انسانن جي دنيا ۾ ٿيندو آهي۔دريا تون هر هڪ کي وهڪري ۾ وهائي ويندو آهين پر انسان رشتن جي وهڪري ۾ جڏهن وهندو آهي ته ان جي درد جي دوا ڪا نه هوندي آهي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اوهان سڀني دوستن جي مهرباني هو اوهان ايترو تفصيلي ويچار ونڊي مان ڏنو ۔ اسان جي سماج ۾ هي پلجندڙ ڪهاڻيون هر پاسي پلجن پيون ۔
    هي ڪنهن خاص هڪ ماڻهون جي ڪهاڻي ناهي ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو