غزل جبار بوزدار

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
غزل
جبار بوزدار

نيڻ چپ ڳل رهيا اداس اداس
پيار جا پل رهيا اداس اداس

رات راڻو به ڪينڪي وريو
ڪيڏا ڪاڪل رهيا اداس اداس

روشني رنگ محبتون نه مليون
دل جا سڀ گل رهيا اداس اداس

نيڻ آگم جيان نڪي برسيا
رات بادل رهيا اداس اداس

تنهنجي هڪڙي نهار جي خاطر
تنهنجا پاڳل رهيا اداس اداس

ڪين جبار تون وري آئين
تو لئي آنچل رهيا اداس اداس
 
زبردست شيئرنگ آهي ادا توهان جي

اهڙي شيرئنگ سنڌ سلامت فورم تي شيئر ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

سدائين گڏ
 
Back
Top