• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جلاوطن ماءُ سان مڪالمو

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ٻه ٻول
(فيس بڪ تي مکا ميلو ته هر ڪو ئي ڪري ٿو پر منهنجي مزاج ۾ الائجي ڇو روايتن جو طريقي ڪار ناهي يا آئون روايتن کان بنهه باغي هان، ان ڪري فيس بڪ تي منهنجو محور۽ مرڪز منهنجو ديس ئي آهي، منهنجو ديس ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي.​
اندرا شبنم پونا والا سنڌي جي معتبر ڪويتا-ڪار آهي، هر رچنا-ڪار جو پنهنجو پنهنجو اميج هجي ٿو، اندرا جو اميج سنڌ آهي، سنڌ جيڪو هن کان مون جيان کسيو ويو، هوءَ جوان به نه ٿي هوندي تڏهن جلاوطني جو سفر شروع ڪيائين ۽ آئون پنهنجي ڌرتيءَ تي اڌرت آهيان. هوءُ منهنجي جلاوطن ماءُ آهي ۽ آئون سندس پٽ. اسان جو سٻنڌ سنڌ کان شروع ٿئي تو ۽ ان جي آخري سيما به سنڌ تي ئي پڄي ٿي​
فيس بڪ تي اسان جي وچ ۾ جيڪا به مڪالمه آرائي ٿي آهي، آئون ان جي سهيڙ ۾ رڌل آهيان، ان جي ڊڪشن يعني گهاڙيتي (اسلوب) ۽ سٽاءُ ۾ مون کي ايڏي اوير نه به ٿئي پر ڪجهه ڏينهن يا راتيون ضرور لڳنديون، اهي سهيڙ ۾ آڻڻ بعد ”سنڌ-سلامت“ تي ونڊ ڪندس ---)​
”۽ ها 20 مارچ 2012ع تي مون پنهنجي جلاوطن ماءَ کي من جي ڀاونا هن ريت ٻڌائي هئي (معصوم سنڌي)​
جلاوطن ماءُ سان مڪالمو
منهنجي ديس جي جلاوطن ماءُ!
ڇا توکي پنهنجو ديس ياد ناهي ايندو؟​
جڏهن رات جا نيڻ جاڳي پون​
۽ هجي تنهنجي گهر چوڏس ايڪانتته​
ڇا لڳندڙ ٿڌي هير کي تون پارانڀو ڏئي نه ٿي سگهين!​
منهنجي ديس جي جلاوطن ماءُ!
تو ورهاڱي جو وڍ ته سٺو پر ڏهاڳ ڏئي وئينءَ مون کي​
۽ منهنجي ديس واسين کي.​
مان جڏهن به جلاوطن ٿيل سنڌين جا اجڙيل گهر ٿو ڏسان ته​
منهنجو هانءُ ٿوڦاٽي پئي​
اکيون ٽمي ٿيون پون،​
منهنجي ماءُ ٻڌائيندي آ ته:​
جڏهن ورهاڱو نه ٿيو هو تڏهن هوءَ جيڪا ماڙي آ (منهنجي گهر جي سانڀارو)​
سا هئي مکي گربخش جي،​
جيڪو هو سنڌ جو گمنام سورمو،​
جنهن جو نه ذڪر آهي ڪنهن ڪويتا ۾​
نه ڪنهن ڪٿا ۾.​
منهنجي ديس جي جلاطن ماءُ!
هن سال جڏهن هولي به نه آئي هئي​
تڏهن تون پنهنجي سٿ سان سنڌ ديس آئي هئينءَ،​
مون ڏور کان توکي ڏٺو،​
فوٽو سيشن جي مرحلي دوران هئي سوڙهه ڏاڍي​
پر مان پري کان ئي بيهي پسيو توکي​
۽ تنهنجي مرڪ موهي وڌو​
مون کي، لڳو ماءُ منهنجي ٿي مرڪي​
ماءُ منهنجي به مون کي سيکاري آ اهائي مريادا​
ته سڀ سان پيار نفرت ڪنهن سان به نه​
جيتوڻيڪ ماءُ منهنجي نه ڀڪشو آهي نه وري مومن.​
هوءَ ته آهي سنڌڻ​
جنهن جون سڀ سهيليون ٿي ويون جلاوطن.​
 
ميڊم اندرا جڏهن سنڌ آئي هئي ته ايئرپورٽ تي مونکي ڀاڪر پائي ملي، سندس ان ڀاڪر ۾ جتي سندس خوشين ڀريون مرڪون شامل هيون اتي سندس اکين مان لڙڪ به محسوس ٿي رهيا هئا۔۔۔۔۔ فيسبوڪ تي هوء مسلسل رابطي ۾ رهندي آهي۔

اوهان جا احساس سمجهي سگهن ٿا ۔۔۔۔ ميڊم اندرا کي سلام۔
 
Back
Top