• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائي ڪمپيوٽر جي سسٽم پراپرٽيز ۾ پنهنجو نالو ۽ تصوير ڏيڻ

رياض ملڪاڻي

سينيئر رڪن
دوستو هن ٽپ جي ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي سسٽم پراپرٽيز جيڪا مائي ڪمپيوٽر تي رائيٽ ڪلڪ ڪري پراپرٽيز سان اچي ٿي جنهن ۾ ريم ، پروسيسر جي انفارميشن لکيل هوندي آهي، اتي توهان پنهنجو نالو ۽ تصوير به ڏيئي سگھو ٿا اچو ته ڪري ڏسون.
سڀ کان پهرين نوٽ پيڊ کوليو ( ڪي بورڊ مان ونڊو ڪي ÿ ۽ R دٻائي رن ڪمانڊ کوليو ۽ Notepad ٽائپ ڪري انٽر ڪريو) هاڻ نوٽ پيڊ ۾ جيئن لکيل آهي ائين ٽائپ ڪريو
[General]
Manufacturer=”Riaz Malkani
Model=”Malkani Shareef
[Support Information]
Line1=”abcd
Line2=”xyz
نوٽ: جيڪي به لائنون انڊرلائين ڪيل آهين انهن ۾ توهان پنهنجي انفارميشن لکي ڪري ان فائل کي oeminfo.ini جي نالي سان سي ۾ ونڊو ۾ سسٽم 32 فولڊر ۾ c:\Windows\System32 ۾ محفوظ ڪريو.
هاڻ ڪابه تصوير ڪنهن پڪچر ايڊٽ واري پروگرام ۾ کوليو ۽ تصوير جي سائز 150 باءِ 150 پڪسل سيٽ ڪري oemlogo.bmp جي نالي سان ونڊوز جي سسٽم 32 فولڊر ۾ محفوظ ڪريو ياد رهي فائل جي ايڪسٽينشن .bmp هجي.
هاڻ سسٽم ري اسٽارٽ ڪريو ۽ پوءِ مائي ڪمپيوٽر تي رائيٽ ڪلڪ ڪري پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪريو هيٺ توهان کي پنهنجي لکيل انفارميشن نظر ايندي.
 
Back
Top