مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي
    محمد سليمان وساڻ
    جڏهن به 21 فيبروري يعني مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ايندو آهي ته مونکي پنهنجو ٻاروتڻ ياد ايندو آهي، اهي ڏينهن جڏهن مونکي پنهنجي امڙ يا منهنجو بابا ۽ ٻيا عزيز ٻاتائڻ وارا ٻول ورجائي، وري وري ياد ڪرائيندا هئا. پوء ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو پنهنجا ڏينهن وساري ويهي. تنهنڪري يونيورسٽي ۾ رهندي ۽ پروفيشنل تعليم حاصل ڪندي جتي انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهندا رهياسين اتي پنهنجي مادري ٻولي کي ڪڏهن به پوئتي نه رکيوسين. پر وري سوچيان ٿو ته اها ٻولي جيڪا 5 کان 7 هزار سال پراڻي هجي، جنهن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجي الفا بيٽ هجي، جنهن ٻولي جي پنهنجي ثقافت هجي، پنهنجو گرامر هجي ۽ ان جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ به هجن اها ڀلا قومي ٻولي ڇو ناهي؟
    هڪ ٻيو فيشن به ڏسندو آهيا ته اسان جا ڪجهه دوست، خاص ڪري مٿين طبقي سان واسطو رکندڙ، سنڌي ۾ لکڻ يا سنڌي ڳالهائڻ کي ترجيح نه ٿا ڏين.، بلڪه اها پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجهن. اهي نه ته پاڻ ۽ نه ئي وري پنهنجي ٻارن کي ان طرف راغب ڪري رهيا آهن. تاريخ انهن ماڻهن کي ياد رکي ٿي، قومون انهن ماڻهن کي ياد رکن ٿيون جن پنهنجي ٻولي ۾ لکيو آهي. مونکي سنڌي ٻولي جي عظيم ليکڪ سراج الحق ميمڻ جو هڪ قول ياد پيو اچي:
    اسين بنا ڪنهن دليل جي پنهنجو حسب نسب ڌارين قومن سان جوڙي، پڇ ٻڌي پاڻ کي مهري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، بهتر آهي ته اسين ڪنهن ڌاري قوم ۽ ڌارئي تمدن تي فخر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي ملڪ ٻولي ۽ تمدن تي فخر ڪريون.
    اهي ليکڪ يا شاعر جن پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو آهي ته قومن موٽ ۾ کين صديون ياد ڪيو آهي. مونکي الائي ڇو بنگالي ٻولي جي عظيم ليکڪ ٽئگور جي هڪ ڳالهه پئي ياد اچي جيڪا هتي رفرنس لاء پيش ڪيان ٿو :
    ٽئگور جا لفظ جيڪي ھن بلراج ساھنيءَ کي چيا ۽ اتم پنھنجي يادگيرين ۾ آندا، سي ھت اقتباس طور ڏيندي ڪا قباحت نه سمجھندس. اھي ۱۹۶۴ع جي مھراڻ جي پرچي ۾ پڻ شايع ٿيل آھن.
    مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي-نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن، پنهنجي “يادگيرين” ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي:

    “تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟” گرديو پڇيو.

    “مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.” بلراج وراڻيو.

    “پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟”

    “پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟”

    “مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.”

    “مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.”

    “اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هر ڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ئي ليکڪ آهي. رڳو اتي ئي، هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.”

    “شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون. ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪو نه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.”

    “مان تو سان شاملِ راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرو نانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟”

    “پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي. ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.”

    “ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بنائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان بَرُ مَيچي سگهي ٿي.” گرديو فخر سان چيو: “هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن تو کي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ تو کي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.” (“ٽئگور: هڪ جهلڪ”، از اتم، ص 39ـ) - - - عبدالوهاب سهتو

    ساڳي وينتي سنڌي قوم کي به ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به سڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته اهي اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا. مونکي پنهنجي دوست نثار ابڙي جون ڪچهريون ياد اينديون آهن.
    هڪ دفعي مون کانئس پڇيو هو ته سائين اوهان سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ جڏهن پنهنجي خاندان سان گڏ خوش هئا ته پوء اوهان ٻارن کي اڪيلو ڪراچي ۾ ڇو رهايو؟
    چيائين تعليم حاصل ڪرڻ لاء.
    مون وري چيو ته ان کان سٺي تعليم ته هو مڪي ۾ حاصل ڪري پي سگهيا؟
    مُرڪي چوڻ لڳا ته ها اتي سهولتون ته هتان کان به گهڻيون آهن پر اتي پنهنجي مادري ٻولي ڪيئن سِکي سگهن ها ..!!!
    مونکي ڪجهه سنڌي سڄڻن جا چيل جملا ياد پيا اچن جيڪي ٻولي جي باري ۾ ئي آهن :
    • سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنهنجي ڌرتيءَ جو ٻانهو هوندو آهي، هن کي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ سان ايترو ئي عشق هوندو آهي، جيترو ابهم ٻارڙي جو پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ سان.“(ماڻڪ ملاح)
    • هر قوم کي پنهنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراهه ٻڌندي آهيان ته منهنجي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون کي ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان! (ڪماري، دُرو، گرسهاڻي)
    • پنهنجي ٻولي، ساخت، ڪلچر ۽ جنم ڀومي کي پيار ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ هڪ انساني جذبو آهي جنهن وٽ اهو جذبو ناهي، سو زنده لاش آهي. (اُتم)
    ته پوء اي دوستو اچو ته اڄ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي اهو وچن ڪيون ته پنهنجي امڙ جي ٻوليء لاء خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪيون۔
    • اڄوڪي ڏينهن سماجي ميڊيا تي شاعري ۽ نثر ذريعي مادري ٻوليء جي ترقي ۽ محبت جو اظهار پنهنجي پيغام ذريعي ڪيون۔
    • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي امڙ جي ٻوليء جي ترقي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسون۔
    • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين ۽ ان ڪتاب تي پنهنجي راء ڏينداسون۔
    • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي ماء جي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين۔
    • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان چيٽ روم ۾ ۽ ايس ايم ايس ۾ سنڌي ميسيج لکنداسون۔
     
    21 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قولن، ڳالهين، قصن ۽ محبتن سان سلهاڙيل ليک ۔۔۔:)
    ٻولي هر قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي ۔۔۔ جيئن ڪو ماڻهون جڏهن ڳالهائيندو آهي ته سندس قوميت ظاهر ٿي پوندي آهي تئين هر قوم پڻ پنهنجي ٻوليءَ سان سڃاتي ويندي آهي ۔۔۔ اسانکي فخر آهي ته سنڌي ٻولي هن وقت جاندار نموني سان اسانجي هٿن ۾ موجود آهي، جنهن ۾ شاه لطيف جي ڪلام اهڙي ته ابديت پئدا ڪري ڇڏي آهي جو جيستائين شاه جو ڪلام سنڌين ۾ مقبول رهندو تيستائين سنڌي ٻوليءَ جو عروج رهندو ۔۔۔ يا وري جيستائين سنڌي ٻولي آهي ته شاهه جو ڪلام آهي ۔۔۔ ٻئي اکر هڪڙو ۔۔۔

    سهڻا سليمان اوهانجون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪاوشون ساراه جوڳيون ۔۔۔

    سنڌ سلامت جا سڀ رڪن ۽ دوست سنڌ ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪن پيا سو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو آهي ۔۔۔۔سلام پيش ڪريانٿو اوهان سڀني دوستن کي، اميد ڪريانٿو ته مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان دوست سنڌي ٻوليءَ جو مانُ مٿاهون ڪندا رهندا ۔۔۔۔

    اسان مان هر هڪ جيڪڏهن پنهنجو فرض سنڌي ٻوليءَ جي نسبت سان پورو ڪري ته هن ٻوليءَ کي پنهنجي عروج تائين پهچڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي ۔۔۔

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جنهن ۾ امڙ ڏني لولي ۔۔۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    سڻ تـــه سوز پرائين، ”آءُ“ چيائون اڄُ،​
    ٻولي ٻي نه سکيا، ”پاڻان“ چوندءِ ڀڄُ،​
    واڄي وَٽِ مَ وڄُ، ٻـڌ ته ٻيائي لهي.​
    سسئي آبري​
    مادري ٻولي قومن جي سڃاڻ هوندي آهي​
    مادري ٻولي قومن جي جذبن جي اظهار جي ضامن هوندي آهي​
    مادري ٻولي ترقيءَ جو راز هوندي آهي​
    مادري ٻولي قومن جي تاريخ جي سنڀالڻ جو ذخيروهوندي آهي.​
    جيڪي قومون پنهنجي ٻولي وڃائي ويهنديون آهن اهي قومون پنهنجي شناخت، سڃاڻپ ۽ قدر به وڃائي ويهنديون آهن ....​
    سنڌي ٻوليءَ تي مونکي فخر آهي جنهن ۾ شاهه جهڙو شاعر، جنهن ۾ لطيف احساسن جي بيان ڪرڻ جي سگهه، جنهن ۾ سائنسي علمن جي منتقل ٿيڻ جا گڻ ۽ جنهن ۾ نون لفظن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي وسيع جهولي آهي ....​
    سنڌي ٻوليءَ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جون ڀرپور مقابلو ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ سموري قوم کي هڪ ٿي پنهنجي ملڪ جي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڪرائڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري ... سنڌ ۽ سنڌيت جو مستقبل روشن ڪرڻو آهي.​
    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو ... وطن سان ٻولي ۽ ٻوليءَ سان وطن آهي ...​
    ٻولي آهي ته وطن آهي وطن آهي ته ٻولي آهي ... وطن ۽ ٻولي زنده آهي ته اسين به آهيون، اسانجو وجود اسانجي ٻوليءَ ۽ اسانجي وطن سان سلهاڙيل آهي​
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مون کي ياد ٿو اچي ته الطاف شيخ جِن جي ڪنهن سفرنامي (شايد اي روڊ ٽو مدينه) ۾ پڙهيو هئم ته سائين جن کي ڪنهن اردو ۾ ڳالهائيندي ڏِسي اچي چيو ته هي هندي ۾ لکيل خط پڙهي ٻڌايو۔ سائين جڏهن عاجزي ڏيکاري ته هُن کي حيرت ٿي ته جيڪا ٻولي ڳالاهي سگهجي ٿي اُها لکي ڇو نه ٿي سگهجي؟ پر جيئن ته هندي ۽ اردو ڳلاهائڻ ۾ ڪافي هڪ جهريون آهن پر لکڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي۔ پر ڏسجي ته ٻئي ٻولين جا رکوالا پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪن ٿا۔ آئون نه ٿو سمجهان ته ٻنهي ٻولين جي رکوالن جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻولي کي مطابقت لاءِ گڏ گڏ نه رکيو هُجي۔ ٽائپنگ ۾ به اسان کان گهڻو اڳي هو ڪم ڪري چُڪا۔ ۔ ۔ ۔
    پر اسان ٻين ڳالهين ۾ ڌارين جا مثال ڏيندي نه ٿا ٿڪجون، يورپ جي رنگينين، خليج جي خرچن، اوڀر ايشيا جي عياشين وغيره وغيره۔ ۔ ۔ پر ڏِسو ته انهن پنهنجي ٻولي جي ڪيتري نه سنڀال ڪئي آهي۔ ڪنهن ٻولي سان نفرت سٺي ناهي تيئن پنهنجي ٻولي جي حفاظت به ايتري ئي اهم آهي۔
    ڪاش اها ڳالهه صرف ڳالهه ئي رهي جيڪا ڪنهن نا اميدي وچان ڊپ ۾ چئي وِڌي هئي ته ”الله ايئن مه ٿي جو ٻڌجي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سنڌ وارن جي“
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    جئي اسان جي سنڌي ٻولي۔
    سائين سليمان صاحب انشا الله توهان جو ڪاوشون رنگ لائينديون، اسان کي هر جا تي پنهنجي ماڌري ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجي۔ توهان جو مضمون پڙهڻ سان مون کي اها مچ ڪچهري جيڪا اسان پنهنجي تنظيم پاران درساڻي ڇني ۾ هلڪي سردي ۾ ڪرائي باه جي وڏي مچ تي جنهن جا مور سائين شمشير الحيدري، سائين انور پيرزادو، انب گوپانگ ۽ درساڻي ڇني ۽ ملير جي آس پاس جا سگهڙ ۽ انقلابي شاعر زاهد شيخ جي پنهنجي آواز ۾ ڳالهايل گيت۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مونکي فخر آهي ته مان سنڌي آهيان، سنڌ منهنجو ملڪ ۽ منهنجي ٻولي سنڌي آهي، ان ڳالهه کي مان هر هر ورجائيندو رهندو آهيان جڏهن به ٻي ڪنهن ٻوليء وارو پڇندو آهي ته آپ سنڌي هين، اها ڳالهه ڪندي دل ۾ خوشيء جيل لهر محسوس ڪندو آهيان۔​
    افسوس آهي انهن سنڌي ماڻهن تي جيڪي ڪراچيَ ۾ رهندي به پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي سبڌي ٻولي نه ڳالهائيندا آهن نه پڙهڻ ۾ ڪا دلچسپي هوندي اٿن،​
    مونکي سخت ڪاوڙ ايندي آهي انهن ماڻهن تي،​
    بقول سليمان وساڻ جي​
    جيڪي قومون پنهنجي ٻولي وڃائي ويهنديون آهن اهي قومون پنهنجي شناخت، سڃاڻپ ۽ قدر به وڃائي ويهنديون آهن ....​
    اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته سنڌي ٻوليء جي واڌ ويجهه لاء هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين​
    بهترين​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو