خودڪش حملو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪهاڻي
    خودڪش حملو
    جاويد بوزدار
    سندس اکيون کليون ته پاڻ کي اڏامندي ۽ بلنديون چڙهندي محسوس ڪيائين. مٿي، مٿي اڃا مٿي وڃي رهيو هو، لمحن ۾ کيس احساس ٿيو ته سندس جسم ساڻس گڏ نه آهي، پر بچي ويل وجود مان رت ٽمي رهيو آهي ۽ اهو رت سندس وجود مان نڪرڻ کان پوءِ گم ٿيو وڃي. ويرم ۾ ئي کيس خبر پئي ته اهو بلندين جو سفر طئي ڪندڙ هو اڪيلو نه آهي، ٻيا به ڪيترائي ساڻس هم سفر آهن، جيڪي ارد گرد بلند ٿي رهيا آهن. انهن مان ڪو وجود ڪنهن ٻارڙي جو ته ڪو ڪنهن ڳڀرو جوان جو، ڪو ڪنهن ڪراڙي جو ته ڪو صفا ضعيف شخص جو ۽ ڪو ڪنهن عورت جو هو. هن پنهنجي هم سفرن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه به چئي نه سگهيو. سڀ ان تيزي سان طئي ٿيندڙ سفر ۾ کيس قهر ڀرين پر بيوس نظرن سان ڏسي رهيا هئا، جنهن تي کيس حيرت ٿي.
    هو اڃا حيران ئي هو ته اوچتو کيس سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ۽ ذهن جي پردي تي آيل ڌنڌ لهي ويس. کيس چڱي طرح ياد اچي ويو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي ۽ ڇو آهي. نفرتون ڇو آهن، کيس ياد اچي ويو ته ڪجهه لمحا اڳ هن وچ بازار ۾ ماڻهن جي هجوم ڀرسان پنهنجي جسم سان ٻڌل بارود سان ڀريل جيڪٽ ڦاڙي هئي، زوردار ۽ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو هو، هر طرف تباهي مچي وئي هئي، هو پاڻ ته مري ويو هو پر هن سان گڏ بازار ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو به قتل ٿي ويا هئا، هن جي پنهنجي جسم سان گڏ بازار ۾ موجود جيئرا جاڳندا ماڻهو به گوشت جي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ تبديل ٿي ويا هئا. هو خودڪش بمبار هو ۽ هن شهر جي ڀريل بازار ۾ خودڪش حملو ڪيو هو، ان حملي ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو ٿڏي تي ئي مارجي ويا هئا ۽ هاڻ اهي ماڻهو ساڻس گڏ موت کان پوءِ ان جاءِ تي پهچڻ لاءِ وڃي رهيا هئا جتي رهي کين قيامت جي ڏينهن جو انتظار ڪرڻو هو ۽ قيامت ڏينهن پنهنجي پنهنجي حصي جو حساب ڏئي هميشه لاءِ پنهنجن منزل ماڻڻي هئي. هو ڏاڍو خوش هو جو کيس يقين هو ته هو جهاد ۾ پاڻ قربان ڪري آيو آهي. انهن ماڻهن کي ماري آيو آهي جيڪي الله ۽ ان جي دين جا دشمن هئا، ان ڪري کيس ته فرشتا ٻنهي هٿن سان قبول ڪندا ۽ حساب ڪتاب ۽ قيامت جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي کيس سڌو جنت ۾ وڃي ويهاريندا، جتي 70 حورون اڳ ۾ ئي پنهنجا نيڻ وڇائي سندس بيچيني سان انتظار ڪري رهيون آهن. سندس چپن تي مرڪ تري آئي ۽ هن حقارت سان پنهنجي چوڌاري رت ڳاڙيندڙ ۽ کيس نفرت ڀريل نظرن سان ڏسندڙ ”گناهه گارن“‎ ”منافقن“ ۽ ”ڪافرن“ تي نظر وڌي ۽ حورن جي انتظار ۾ اکيون پوري ڇڏيون ۽ ائين هو آس پاس جي ماڻهن جي غضبناڪ نظرن جو تاءُ برداشت ڪرڻ کان به بچي ويو جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، ٻڍا، نبيءَ تي ڪلمو پڙهندڙ ۽ ٻين مذهبن جا پوئلڳ سڀ شامل هئا.
    هن کي سندس ”استاد“ هن ”نيڪ مهم“ لاءِ تيار ڪرڻ وقت اهو ئي ٻڌايو هو ۽ کيس ”جنت جي ٽڪيٽ“ به هٿ ۾ ڏني هئائين جيڪا حملو ڪرڻ وقت به سندس کيسي ۾ دل وٽ ان جاءِ تي رکيل هئي، جتي خودڪش جيڪٽ کي ڦاڙڻ واري پِن لڳل هئي.
    سندس ٻوٽيل اکيون ان وقت کليون جڏهن کيس مٿي ۾ سخت تڪليف ٿي نه چاهيندي به سندس اکيون زوري کلي ويون ۽ هن زوردار رڙ ڪئي، رڙ ايتري ته زوردار هئي جو ان جو پڙاڏو ٻڌي هن جا پنهنجا ڪن به ڄڻ ته ڦاٽي پيا هئا. هن ڏٺو ته سندس آڏو هڪ هيبتناڪ چهري وارو همراهه بيٺل آهي، جنهن جي هٿ ۾ هڪ وڏو گرز آهي، جنهن جي چهنب تمام تيز آهي ۽ چهنب واري پاسي ئي کنڀڙاٽيون آهن. ان هيبتناڪ همراهه اهو گرز سندس نرڙ ۾ نڪ جي مٿان زور سان ٽنبيو هو، جنهن جي تڪليف کيس ايڏي وڏي دانهن ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. سندس سڄو وجود سور سور ٿي ويو. ان هيبتناڪ همراهه ان ئي زور سان گرز ڪڍيو ته وري به تڪليف برداشت کان وڌي ويس ۽ سندس رڙيون هر طرف گونجي ويون. گرز سندس سڄو ميڄالو ڪڍي ڇڏيو هو. ٻئي لمحي سندس وجود اڳ جهڙو ٿي ويو پر تڪليف برقرار رهيس، ان همراهه پنهنجو اهو عمل هر هر ورجايو ۽ سندس تڪليف هر ڀيري ٻيڻي ٿيندي وئي. 50 کن گرز لڳڻ کان پوءِ هيبتناڪ همراهه کيس ڇڏيو. ان وچ ۾ هو 50 ڀيرا مئو هو، گرز لڳڻ بند ٿيا پر تڪليف ۾ گهٽتائي نه ٿيس. هن اک کولي، ڏسڻ پئي چاهيائين ته ٻين جو به ايترو ئي ”آڌر ڀاءُ“ ٿيو آهي يا نه. هن ڏٺو ته ساڻس گڏ آيل ٻين سڀني ماڻهن کي تمام سٺي حالت ۾ رکيو ويو هو. سندس تڪيلف ڏسي انهن ماڻهن کي ڪجهه راحت ملي هئي، جن کي هن ڌماڪو ڪري قتل ڪيو هو.
    اهو سڀ ڪجهه ڏسي هو حيران ٿيو، هن ان هيبتناڪ شخص ڏانهن ڏٺو جيڪو کيس ئي قهر ڀريل نظرن سان ڏسي رهيو هو. هن ڊڄندي ڊڄندي پڇيس ته هي فرق اسان ۾ ڇو آهي ۽ تون ڪير آهين؟ ان هيبتناڪ چيس ته آئون الله جو بندو آهيان ۽ مون کي حڪم مليل آهي ته تو کي سزا ڏيان ۽ تو کي تنهنجي آخري ٺڪاڻي تائين پهچايان. تون اصل ۾ ته گل خان آهين پر تو کي تنهنجي استاد پنهنجي گروءَ جي حڪم تي عبدالصمد خان عرفيت ڏني، هاڻ تنهنجو مقدر هميشه لاءِ سزا ۽ ٺڪاڻو دوزخ آهي. گل خان رڙ ڪري چيو ته ائين نه ڪريو آئون ته مجاهد آهيان، مون ته جهاد ڪيو آهي، جهاد ڪندي خودڪش حملو ڪري هتي پهتو آهيان. مون کي جنت جي ٽڪيٽ مليل آهي. آئون ته سڌو جنت ۾ وڃڻ وارو آهيان جتي 70 حورون منهنجو انتظار ڪري رهيون آهن. آئون شهيد آهيان ۽ ڪافرن کي ماري هتي پهتو آهيان. مون سان انصاف ڪريو ظلم ته نه ڪريو. مون ته قرآن به حفظ ڪيو هو، ترجمي سان به پڙهيو هو، مون تي رحم ڪريو، مون کي جنت ڏيو، آئون شهيد آهيان. آئون ش.......... هو اڃا ايترو ئي چئي سگهيو جو هيبتناڪ فرشتو اڳتي وڌيو ۽ گل خان خودڪش کي اڳ کان به وڌيڪ زور سان گرز وهائي ڪڍيائين، جنهن سان گل خان جو مٿو ٻه اڌ ٿي ويو ۽ رڙيون ڪري عرش مٿي تي کڻي ڏنائين. هو جيئن ته اڳ ۾ ئي جسماني موت مري چڪو هو ان ڪري گرز نڪرڻ سان وري مٿو هڪ جهڙو ٿي ويس پر تڪليف سبب لڇندو رهيو ۽ بيهوش به نه پئي ٿي سگهيو.
    فرشتي کيس چيو ته تون حافظ قرآن هئين ته پوءِ قرآن تي عمل ڇو نه ڪيئي؟ ڇا ان ۾ لکيل ناهي ته هڪ بي گناهه انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، پر تو اڄ 50 انسان ماري 50 انسانيتن جو خون ڪيو آهي. اڃا به سوين ماڻهو زخمن ۾ چور چور آهن. مارجي ويل ته پوءِ به ٿوري تڪليف ۾ آيا ۽ هتي اچي پهتا پر جيڪي زخمي ٿيا يا جيڪي معذور ٿيا اهي ته جيئري مري ويا آهن ۽ جن جا پيارا تو ماريا آهن اهي به ته جيئڻ لائق ناهن رهيا. تو سوچيو ڇو ڪو نه ته ڪنهن کي ماري رهيو آهين؟ ڇا ماڻهن کي مارڻ جو حڪم الله ڏنو يا ان جي رسول، يا صحابن يا اهل بيت، يا اوليائن، يا مومنن؟ تو جيڪو ڪيو هو جهاد نه پر دهشتگردي آهي. تون مجاهد نه پر دهشتگرد آهين. مجاهد الله لاءِ وڙهندو آهي تون نفرت ۽ لالچ ۾ اچي وڙهيو آهين. تون دهشتگرد آهين، شودو آهين، تو ماڻهن تي رحم ڪيو جو تو تي رحم ڪيو وڃي. تو انسانيت کي ڏکويو آهي، ان لاءِ تون پاڻ به رڳو ڏک ئي ڏسندين، رڳو سزا ئي ڪاٽيندين. هو ڏس 7 سالن جو انجم ڪتاب هٿن ۾ کڻي اسڪول وڃي رهيو هو، هي 8 کان 12 سالن جا ارسلان، عمران ۽ محبوب، پنهنجي ساٿين سان مدرسي وڃي رهيا هئا، هي 50 سالن جو رحمت نماز پڙهي واپس پئي آيو، هي تبليغ ڪندڙن جو جٿو آهي، هي نوجوان همير، عمير، عالم، نارائڻ ۽ ٻيا ٻچن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ روزي ڪمائي رهيا هئا. هي ماجد ان علمي ڪتاب گهر جو مالڪ آهي، جيڪو تنهنجي حملي ۾ تباهه ٿيو، هي قرآن، حديث جا ڪتاب وڪڻندو هو. تو کي خبر آهي ته هي عورتون گل انار، صنوبر، رحمت بي بي محنت ڪري ٻچا پالين ٿيون ۽ هي رخسانه پنهنجو 6 مهينن جو پٽ نورالامين گهر ڇڏي سامان خريدڻ آئي هئي، هي سڀ عورتون ڏينهن جو محنت ڪن ٿيون ۽ رات جو تهجد پڙهن ٿيون. هي الله جون ٻانهيون هيون. سوچ ته نورالامين کي هاڻ ڪير کير پياريندو. ارسلان ۽ ان جي ساٿين جو ته هينئر به سندن مائرون انتظار پيون ڪن. ڪنهن به مقتول جي مائٽ کي سندن قتل جو يقين نه پيو اچي. ان جو تو سان پورو پورو انصاف ٿيندو. اها پڪ ڄاڻ.
    گل خان روئي ويٺو. سڏ ڪندي چيائين مون ته دين لاءِ جنگ ڪئي آهي، مون جن کي ماريو آهي، اهي مسلمان نه آهن، اهي مومن نه آهن، اهي منافق آهن، اهي ڪافر آهن، مسلمان ته فقط آئون، منهنجو استاد ۽ ان جا ساٿي آهيون، مون کي ته استاد اهو ئي ٻڌايو هو. توهان جيڪي نالا کنيا اهي ته اسان جهڙائي آهن، پر ڪجهه ٻين مذهبن وارا به آهن، نه نه مون جيڪي به ماريا آهن اهي مسلمان ناهن، انهن کي مارڻ ثواب هو. فرشتي ٿڦڙ هڻي سندس وات تي هٿ رکي کيس ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته: ڇا! تون ۽ تنهنجو استاد ۽ گرو خدا به ٿي ويا آهيو ڇا؟ گل خان چيو نه نه اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي، فرشتي چيو ته پوءِ توهان اهو فيصلو ڪيئن ڪيو ته هي سڀ واجب القتل آهن ۽ منافق آهن ۽ هنن کي مارڻ ثواب آهي؟ توهان جنهن نبيءَ جا امتي هجڻ جا دعويدار آهيو منافقن ۽ غير مسلمانن کي به ان ڪڏهن نه ماريو، پاڻ انهن جي حفاظت جو حڪم ڏنو. حديث نه ٻڌي هيئي ته نبي فرمايو هو ته جنهن به مسلمان پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن غير مذهب کي ايذايو ته قيامت جي ڏينهن ان ايذايل شخص جو بدلو آئون پاڻ وٺندس. توهان ته بي گناهه انسانن، مسلمانن ۽ غير مسلمانن سڀني کي پيا ماريو، سو به پنهنجي ڪوڙي نظريي جي ڪري، جنهن کي ٿاڦڻ جو ۽ ماڻهن کي مجبور ڪرڻ جو توهان کي ڪو به حق نه هو. اهو ٻڌي گل خان جا ٺپ ٺري ويا ۽ ايلاز ڪرڻ لڳو ته برابر آئون غلط آهيان، مون تمام وڏو ڏوهه ڪيو، گناهه گار آهيان، بي گناهن جو قاتل آهيان، استاد ۽ ان جو گرو به گمراهه آهي ته دنيا ۾ آئون به دڳ ڀٽڪي ويو هيس. منهنجي توبهه! هاڻ ٻيهر دنيا ۾ اماڻيو ته سڀني کي وائکو ڪريان ۽ ازالو ڪريان. فرشتي وراڻيس ته هاڻ ڪجهه به نه ٿيندو. هاڻ تو کي رڳو سزا ملندي. تنهنجو انجام به تو کان اڳ آيل بمبارن ۽ سندن استادن ۽ گروئن جهڙو ٿيندو. باقي هي سڀ قتل ٿيل ماڻهو قيامت تائين بي خوف، خطري رهندا.
    فرشتو گل خان خودڪش کي وٺي ان جاءِ تي آيو جتي ٻيا به خودڪش بمبار سزا ڪاٽي رهيا هئا. هو انهن مان ڪيترن ئي کي سڃاڻي پيو، انهن ۾ مسجدن، بازارن، امام بارگاهن، گهٽين، چوڪين تي ماڻهن کي موت ڏيندڙ سڀ خودڪش به هئا، ته سندن سربراهه به ٻيا موجود هئا. سندن سزا اها هئي جو هر لمحي کين دوزخ جي مختلف طبقن ۾ گهمايو پئي ويو ۽ هو اتي رانڀاٽ ڪري رهيا هئا.
    سزائون ته فيصلي کان پوءِ ملڻيون آهن، پر هنن جي ڏوهن جي نوعيت ۽ انسانيت جي قتل سبب سندن سزا مرڻ شرط شروع ٿي رهي هئي. خودڪش کي به اتي ئي رکيو ويو. هو گرز واري سزا کي به نرم محسوس ڪري رهيو هو.اتي هن کي هڪ ٿنڀو به نظر آيو جتي ڪي فضل، احسان، رضا، دوران ۽ ٻيا نالا لکيل هئا، کيس ٻڌايو ويو ته هي دنيا ۾ انسانيت جو قتل ڪرائيندڙ آهن، مرڻ کان پوءِ هو به هتي ئي اچڻا آهن، انهن لاءِ هن کان به سخت عذاب تيار آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”خودڪش حملو“ منهنجي ڪهاڻي آهي، جيڪا معصوم سنڌي ”سنڌ سلامت“ جي پڙهندڙن لا ونڊ ڪئي
    ڪهاڻي اوهان کي ڪيئن لڳي، پنهنجي راين کان آگاهي ضرور ڏيندا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ظهور بوزدار

    ظهور بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    زبردست ڪهاڻي،،،،،،
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فرشتي کيس چيو ته تون حافظ قرآن هئين ته پوءِ قرآن تي عمل ڇو نه ڪيئي؟ ڇا ان ۾ لکيل ناهي ته هڪ بي گناهه انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي،

    تمام خوبصورت لکيو اٿو ۔۔۔۔۔ بهترين ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين ڪهاڻي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو