• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئون آهيان

جاويد بوزدار

سينيئر رڪن
نالو جاويد حسين آهي، صحافت ۾ جاويد بوزدار طور سڃاڻپ آهي، جنم ڳوٺ بخشڻ بوزدار تعلقوٍڄام نواز علي ضلعو سانگهڙ آهي، گذريل پنجويهن ورهين کان ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پنهنجي خاندان سوڌو رهان ٿو۔مختلف اردو سنڌي اخبارن توڙي نجي ٽي وي چئنلز تي ڪم ڪري چڪو آهيان، هن وقت ”عوامي آواز“ ۾ ڪم ڪريان پيو۔”سنڌ سلامت“ ۾ منهنجي هي پهرين وک آهي،
 
محترم جاويد بوزدار صاحب اوهان سڄڻن کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي دل باغ بهار ٿيڻ لڳي آهي ،اوهان کي هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو،اوهان جهڙا پيارا ساٿي جن وٽ اسان جي رهنمائي جون ڪنجون آهن هن فورم تي اچي اسان کي پنهجي علمي دولت سان مالامال ڪندي پنهجي قيمتي راين ،نظرين،سوچن،قومي ۽ بينالاقوامي معلومات سان مستفيد ڪندو اوهان جي ونڊ جا منتظر رهنداسين
 
جاويد!
”سنڌ سلامت“ جي اڱڻ تي اوهان جو اچڻ اسان سڀني لا باعث خوشي آهي، هن محبتي اوطاق تي اوهان جي آمد سچ پڇو روح پرور لڳي۔دل جي گهرائي سان ڀليڪار ڪريون ٿا
 
سنڌ سلامت جي اها خوشنصيبي ليکبي جو اوهان جهڙن با شعور سنڌي صحافت سان لاڳاپيل دوستن جي آمد جاري آهي، اسان سنڌ سلامت جي سٿ پاران اوهان کي ڀليڪار ڪيون ٿا اميد ته پنهنجي ڏاهپ وارا ليک ونڊي اسان سڀني جي هن محبتي اڱڻ جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻجندا ته لکين قرب ٿيندا۔۔سنڌ سلامت اوهان ۽ اسان سڀني جو اوطاق آهي اميد ته ساٿ سلامت رکندا۔
 
سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسان جي صحافي دوست جاويد حسين بوزدار کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔
تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔
اسان جو دوست معصوم سنڌي سٺو لکندڙ آهي، سندس جذبا قابل تعريف آهن۔ اوهان به عوامي آواز سٿ سان وابسته آهيو ، هڪ اهڙو فورم جتي سنڌ جي مسئلن تي لکيو وڃي ٿو۔ اوهان صحافي آهيو، اها اميد رکبي ته سنڌ جي ڪنهن اڙيي مڙهيي جي مدد به ڪندا رهندا ۽ رهنمائي به ڪندا۔​
اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
5cxhdd.jpg
 
سائين عتيق
محترم جاويد بوزدار صاحب اوهان سڄڻن کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي دل باغ بهار ٿيڻ لڳي آهي ،اوهان کي هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو،اوهان جهڙا پيارا ساٿي جن وٽ اسان جي رهنمائي جون ڪنجون آهن هن فورم تي اچي اسان کي پنهجي علمي دولت سان مالامال ڪندي پنهجي قيمتي راين ،نظرين،سوچن،قومي ۽ بينالاقوامي معلومات سان مستفيد ڪندو اوهان جي ونڊ جا
 
محترم جاويد بوزدار صاحب اوهان سڄڻن کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي دل باغ بهار ٿيڻ لڳي آهي ،اوهان کي هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو،اوهان جهڙا پيارا ساٿي جن وٽ اسان جي رهنمائي جون ڪنجون آهن هن فورم تي اچي اسان کي پنهجي علمي دولت سان مالامال ڪندي پنهجي قيمتي راين ،نظرين،سوچن،قومي ۽ بينالاقوامي معلومات سان مستفيد ڪندو اوهان جي ونڊ جا منتظر رهنداسين

سائين عتيق الرحمان صاحب اوهان جا وڏا وڙ هن ناچيز لا اهڙا بيش بها جملا استعمال ڪرڻ لا اميد ته سنڌين جي هن جهان ۾ توهان سان کوڙ ساريون ڪچهريون سدائين قائم رهنديون
 
سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ اسان جي صحافي دوست جاويد حسين بوزدار کي ڀليڪار ٿا ڪيون۔
تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔
اسان جو دوست معصوم سنڌي سٺو لکندڙ آهي، سندس جذبا قابل تعريف آهن۔ اوهان به عوامي آواز سٿ سان وابسته آهيو ، هڪ اهڙو فورم جتي سنڌ جي مسئلن تي لکيو وڃي ٿو۔ اوهان صحافي آهيو، اها اميد رکبي ته سنڌ جي ڪنهن اڙيي مڙهيي جي مدد به ڪندا رهندا ۽ رهنمائي به ڪندا۔​
اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
5cxhdd.jpg
سائين سليمان صاحب اوهان جي به وڏي مهرباني۔۔۔۔۔۔ انٽر نيٽ تي سنڌين جي هي اوطاق قائم ڪري سچ ته توهان ڏاڍو جس لائق ڪم ڪيو آهي ان لا اسان توهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔آ معصوم سنڌي جو به ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هن اوطاق جو رستو ڏيکاريو آهي اميد ته هي ساٿ سدائين سلامت رهندو۔۔۔۔
 
سنڌ سلامت جي اها خوشنصيبي ليکبي جو اوهان جهڙن با شعور سنڌي صحافت سان لاڳاپيل دوستن جي آمد جاري آهي، اسان سنڌ سلامت جي سٿ پاران اوهان کي ڀليڪار ڪيون ٿا اميد ته پنهنجي ڏاهپ وارا ليک ونڊي اسان سڀني جي هن محبتي اڱڻ جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻجندا ته لکين قرب ٿيندا۔۔سنڌ سلامت اوهان ۽ اسان سڀني جو اوطاق آهي اميد ته ساٿ سلامت رکندا۔
سائين منظور توهان جا وڏا وڙ
 
جاويد!
”سنڌ سلامت“ جي اڱڻ تي اوهان جو اچڻ اسان سڀني لا باعث خوشي آهي، هن محبتي اوطاق تي اوهان جي آمد سچ پڇو روح پرور لڳي۔دل جي گهرائي سان ڀليڪار ڪريون ٿا
معصوم اصل ۾ توهان جو ٿورائتو ته آ آهيان جو توهان مون کي هتي ڪٺو ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔لک لائق اوهان جا
 
Back
Top