• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان ڪير آهيان؟

وفا منور

سينيئر رڪن
منهنجو پورو نالو منور علي آهي پر جڏهن کان اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اسڪولي ريڪارڊ منهنجو اڌ نالو هڙپ ڪري مونکي صرف منور تائين محدود ڪري ڇڏيو....هاڻ منور ئي لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهيان.جيتري قدر منهنجي نالي سان ”وفا“ جي گڏ هجڻ جو تعلق آهي ته ان لا۽ آئون صرف اهو چوندس ته زندگي ۾ نه ڪنهن سان وفا ڪئي نه ڪٿان وفا ملي ، پوءِ به لاشعوري ۾ وفا جو اسم گڏ سلهاڙجي ويو..

آئون 14_05_1991 تي ميرپوربٺوري شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيس، پرائمري تعليم اتان ئي حاصل ڪري شهر جي هائير اسڪول مان 2011 ۾ انٽرميڊئٽ پاس ڪيم ۽ هينئر ڪاليج سائيڊ کان بي اي ڪري رهيو آهيان ، ۽ هڪ شاگرد کانسوا۽ ٻيو ڪجھ به ناهيان۔
 
ڪيا انصاف آکان، تيڏي آ وڻ دا،
ڏاڍا لائق ڪتئي ليئي پاوڻ دا !!
فيسبوڪ تي خوبصورت لکڻين سبب مشهور وفا منور زئور کي سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

اسٽيٽس ۽ ڪمينٽس هجن يا وري مختلف قسم جي سنجيده لکڻين جي ڳالهه هجي اسان جو هي دوست وفا منور بهترين لکندڙن مان هڪ آهي۔ سنڌ جي نوجوانن مان وفا منور اهو نوجوان آهي جنهن جي ذهني اوسر تمام سٺي لڳندي آهي، هن جي خيالن جي اڏام، هن جي لکڻ جو انداز سڀ بهترين ۔۔۔۔

خوشنصيبي آهي جو اوهان پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت تي سرگرم ٿيا آهيو۔ اسان جون اکيون ٿڌيون۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين جو سلسلو هتي به جاري رکندا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

5cxhdd.jpg
 
ادا فيس بوڪ تي اوهان ڪافي وقت کان متعارف آهيو۔ هتي اچڻ تي ڀليڪار۔
اوهان ڪُجهه به هُجو پر جي شاگرد آهيو ته سڀ ڪُجهه آهيو۔ ڇو ته سڄي دنيا جا سڀ رستا کليل آهن اهو چونڊڻ لاءِ ته ڇا ٿيڻو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي
 
ادا وفا توهان سان ڪنهن وفا نه ڪئي تواهان ئي ڪنهن سان وفا ڪريو ها، اميد ته سنڌ سلامت سان وفا ضرور ڪندا ڇو جو سنڌ سلامت اهو فورم آهي جتي سڀ سنڌي گڏجن ٿا۔
توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو
 
سڀني دوستن جا قرب جن مون ادناکي سنڌ سلامت جهڙي وسيع فورم تي ڀليڪار ڪئي آهي، منهنجي وڌ کان وڌ ڪوشش رهندي ته فيس وانگر مان هتي تعميري ۽ سنجيدا سرگرميون جاري رکي سگهان ۔ خاص طور مان سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين سليمان وساڻ جو تھ دل سان مشڪور آهيان جيڪو هر وقت مونکي همٿائيندو رهي ٿو ۔
 
منهنجو پورو نالو منور علي آهي پر جڏهن کان اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اسڪولي ريڪارڊ منهنجو اڌ نالو هڙپ ڪري مونکي صرف منور تائين محدود ڪري ڇڏيو....هاڻ منور ئي لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهيان.جيتري قدر منهنجي نالي سان ”وفا“ جي گڏ هجڻ جو تعلق آهي ته ان لا۽ آئون صرف اهو چوندس ته زندگي ۾ نه ڪنهن سان وفا ڪئي نه ڪٿان وفا ملي ، پوءِ به لاشعوري ۾ وفا جو اسم گڏ سلهاڙجي ويو..

آئون 14_05_1991 تي ميرپوربٺوري شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيس، پرائمري تعليم اتان ئي حاصل ڪري شهر جي هائير اسڪول مان 2011 ۾ انٽرميڊئٽ پاس ڪيم ۽ هينئر ڪاليج سائيڊ کان بي اي ڪري رهيو آهيان ، ۽ هڪ شاگرد کانسوا۽ ٻيو ڪجھ به ناهيان۔

يار ماڻهو دلچسپ ٿا لڳو۔اوهان جيڪو ڪير به آهيو هاڻ سنڌ سلامت جي ساٿ جا کاهوڙي آهيو۔۔سٺو سلسلو جڙي سگهندو۔۔سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا۔۔اميد ته اوهان پنهنجي دلچسپ ڳالهين وسيلي اسان جي دلچسپي پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا۔۔۔جڙيا هجو۔۔
 
Back
Top