تڪراري مڪاني نظام 2012 واپس سنڌي عوام جي ڪاميابي سنڌ اسيمبلي تڪراري مڪاني نظام (ٻٽي نظام) وارو آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم ان آرڊيننس جي سخت مخالفت ڪندي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ ڇتي تنقيد ڪئي.
مونکي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ملي ڀڳت ٿي لڳي، ڇو ته سپريم ڪورٽ ان آرڊيننس کي منسوخ ڪرڻ واري هئي۔ ٻيو ته ٻنهي پارٽين کي عوام ۾ وڃي ووٽ به وٺڻو آهي ۽ ٻئي هڪٻئي جي لفظي مخالفت ڪري اهو موقعو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا۔ پر پوء به مان خوش آهيان جو اهو ڪارو آرڊيننس واپس ورتو ويو۔
سائين رات جي اوندھ ۾ پاس ٿيو، وري ڏينهن جي روشني ۾ منسوخ ٿيو، اليڪشن کان اڳ پي پي ۽ ايم ڪيو ايم ڌار ڌار، وري اليڪشن کان پوءِ مڪ مڪا، جهيڙا، معصوم جانيون ضايع، ڏي وٺ کان پوءِ وري اهو نظام ايندو، وري ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ملي کائڻ شروع....