اسلام عليڪم،، پيارا ساٿيو مرحوم استاد محمد جمن جو ڳايل هي پيارو گيت توهان سان ونڊيان پيو ، اميد ته پسند ايندو،،، http://www.youtube.com/watch?v=or88gu4uWxY
لک لائق ادا نظاماڻي، دل تي اثر ڪندڙ سهڻي لطيف جا بيت ۽ مٿان وري استاد جمن جو آواز، بس پوءِ جي ڳوڙها ڳل نه وهن ته ماڻهون پٿر دل سڏرائبو ... وري جي ماڻهون پرديس ۾ هجي ۽ سر مارئي ۽ سر سارنگ ڳايو ويندو هجي ته اصل دل جو حشر ڇا ٿيندو هوندو سو مونکان ڪوئي پڇي!!!
زاهد نظاماڻي پيارا شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت ونڊ کڻي آيو آهين۔۔۔۔۔۔ استاد جمن مرحوم جو ڳايل سدا بهار گيت سنڌ سلامت تي کڻي آئين لک ٿورا۔۔۔۔۔ باقي علي علي خبر ناهي ڪهڙي مينهن جي ڳالهه پيو ڪري، واقعي وسڪاري جي ڳالهه پيو ڪري يا ڳلن تان ڳوڙهن جون بُوندون بس نه ڪن واري ڳالهه پيو ڪري۔۔۔۔۔۔ برسات جا به ڪيترا سارا قسم آهن ، ڪڏهن ڪڏهن بنا بادل جي به مينهن وسندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين اصل ڳاله ئي نه پڇو استاد جو ڪلام ٻڌوسي اچي مينهن وٺو سڄي رات ڪنوڙ ۽ گوڙ سان مينهن وسندو رهيو اسان جا نيسارا به وهندا رهيا اصل ڪوٺو به ٽمي پيو سائين ڪجه نه پچو ڀلاڙي استاد hall charihall chari