رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن

جهومي تو تن من الا اڄ عيد ڪئي اکڙين۔۔۔۔۔۔
سائين بلڪل اڄ خوشي جو ڏينهن آ سنڌي نماعدن پنهنجي ماء جي ٿڃ جي لڄ رکي آ ۔۔۔۔۽ ۽ پنهنجي غلطي ،ڀل کي مڃيندي اهو ڪارو قانون جيڪو سنڌ لئه عذاب هو کي ختم ڪري ڄڻ ته نئون ساه ڦوڪيو آهي سنڌ جي سڄڻن ۾ گهڻ گهرن ۾ ۔۔۔جس انهن حلالي پٽن ۽ ٻاگهل ٻاين کي جن بنا ڪنهن دير جي اسيمبلي فلور تان به ته ۽ ڪشمورڪنڌڪوٽ کا ويندي ڪراچي تائين هڪ آواز هڪ سوچ هڪ لوچ جا ٿي پاڻ ملهايو اڄ امڙ سنڌ جي منهن تي مرڪ آ ۽ گد گد پئي ٿئي ته هن کي جنهن وڍڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي سي پاڻ انشا ٕ الله وڍجي ويندا ڪَٽجي ويندا ڪُتر ٿي ويندا۔۔۔۔۽ خاص مبارڪون انهن بک هڙتالي ڀائرن کي جن حيدرآباد ۾ سر عام ڪانڀ ڪڍي ويٺا تان جو اڄ انهن کي سرخرو ٿيڻو پيو ۔۔۔خاص مهندار آهن هن ڪاميابي جا اسان جا قبله سائين پير پاڳارا صاحب جن پوري قوت سان ان جوکي ۽ دوکي کي دفن ڪري ڇڏيو۔۔۔هي هڪ اجتماعي دانشمندي جو ڪم هو جنهن ۾ سڀني پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سرخرو ٿيا جو اڄ اهو ڪارو قانون بنه مٽجي ويو لَٽجي ويو دوله دراوڙن جي ديس جا دودا توهان پنهنجي ماء جي عزت آبرو مان شان جا رکوالا آهيو توهان سڀني سنڌجي حلالي پٽن کي مبارڪون هجن ۔۔۔۔۔