• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ عيد ڪئي اکڙين

581110_10151536612693185_624924805_n.png


جهومي تو تن من الا اڄ عيد ڪئي اکڙين۔۔۔۔۔۔
سائين بلڪل اڄ خوشي جو ڏينهن آ سنڌي نماعدن پنهنجي ماء جي ٿڃ جي لڄ رکي آ ۔۔۔۔۽ ۽ پنهنجي غلطي ،ڀل کي مڃيندي اهو ڪارو قانون جيڪو سنڌ لئه عذاب هو کي ختم ڪري ڄڻ ته نئون ساه ڦوڪيو آهي سنڌ جي سڄڻن ۾ گهڻ گهرن ۾ ۔۔۔جس انهن حلالي پٽن ۽ ٻاگهل ٻاين کي جن بنا ڪنهن دير جي اسيمبلي فلور تان به ته ۽ ڪشمورڪنڌڪوٽ کا ويندي ڪراچي تائين هڪ آواز هڪ سوچ هڪ لوچ جا ٿي پاڻ ملهايو اڄ امڙ سنڌ جي منهن تي مرڪ آ ۽ گد گد پئي ٿئي ته هن کي جنهن وڍڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي سي پاڻ انشا ٕ الله وڍجي ويندا ڪَٽجي ويندا ڪُتر ٿي ويندا۔۔۔۔۽ خاص مبارڪون انهن بک هڙتالي ڀائرن کي جن حيدرآباد ۾ سر عام ڪانڀ ڪڍي ويٺا تان جو اڄ انهن کي سرخرو ٿيڻو پيو ۔۔۔خاص مهندار آهن هن ڪاميابي جا اسان جا قبله سائين پير پاڳارا صاحب جن پوري قوت سان ان جوکي ۽ دوکي کي دفن ڪري ڇڏيو۔۔۔هي هڪ اجتماعي دانشمندي جو ڪم هو جنهن ۾ سڀني پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سرخرو ٿيا جو اڄ اهو ڪارو قانون بنه مٽجي ويو لَٽجي ويو دوله دراوڙن جي ديس جا دودا توهان پنهنجي ماء جي عزت آبرو مان شان جا رکوالا آهيو توهان سڀني سنڌجي حلالي پٽن کي مبارڪون هجن ۔۔۔۔۔
 
واقعي ادا اها مسرت جوڳي ڳالھ آهي ، مگر ان قانون کان علاوه به ٻين وڏن مانگر مڇن ، ۽ غيور جي طاقتن جي ور اڃان به سنڌ سونهاري چڙهيل آ ، جيسين انهن سامراجي قوتن ، اسرائيلي پاليسين ، يزيدي گروهن جي سان مڪمل مهاڏو اٽڪائي انهن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي نه ماڻبي تيسين وڏي عيد ڪو نه ملهائبي ، بحرحال اڄ به هن ڪڌي قانون جي ختم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪري سگهجي ٿو ، والسلام
 
Back
Top