قوم پرست سياست- سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    قوم پرست سياست- سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو
    رئوف نظاماڻي
    سنڌ جي قوم پرست سياست متعلق عام تاثر اهو آهي ته اُ جو مزاج ترقي پسند، سيڪيولر ۽ جمهوري رهيو آهي، اهو واقعي ايئن رهيو به آهي. سنڌ جي سياست ۾ گهڻين تبديلين اچڻ جي باوجود اهو تاٿر گهڻي حد تائين اڃا به برقرار آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گهڻيو حقيقتون ڏند ڪٿائن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ انهن جي ور نيئن سر جائزي وٺڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. ساڳي ريت ان ڳاهه جو پڻ جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته ڇا واقعي اها اڃا تائين هڪ حقيقت آهي يار رُڳو هڪ تاثر وڃي رهيو آهي.
    انهن جماعتن جي سياست جو محور اڃا به سنڌ آهي ۽ سندن دعويٰ آهي ته اُهي سنڌ جي مفادن لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. پر ساڳي وقت سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان اهو سوال پڻ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هن وقت اهي بيٺل ڪٿي آهن ۽ سندن سياست جو رُخ ڪهڙي پاسي آهي. سنڌ جي قومي حقن جو سوال طبقاتي سوال سان سلهاڙيل ئي رهيو آهي. قومي حقن لاءِ جدوجهد کي جاگيردارن، قبائلي سردارن، وڏن زميندارن ۽ مذهبي اڳواڻن خلاف جدوجهد کي جاگيردارن، قبائلي سردارن ۽ مذهبي اڳواڻن جي اثر رسوخ ۾ نه رُڳو واڌارو آيو آهي پر اُهي پنهنجي گرفت کي اڃا مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ قبائلي، ذاتي ۽ مذهبي اختلافن کي وڌائي اُنهن کي جهيڙن جي صورت ڏيئي کين اڃا وڌيڪ ورهائي رهيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن ڪنهن ملنگ کي مقدس ڪتاب ساڙڻ جي ڏوهه ۾ ماڻهنجو هجوم جيئرو ساڙي ڇڏي ته يقينا اهي ماڻهو هڪ وڏي صدمي ۾ اچي ويندا جن کي سنڌين جي صوفي مت جي پوئلڳ هُئڻ جي يقين هُجي ۽ اُهي اٿندي ويهندي ان جو پرچار ڪندا هُجن. اُن سلسلي ۾ وڌيڪ تشويش جي ڳالهه اها آهي ته باهه ڏيڻ وارن انهن ماڻهن ۾ مختلف سياسي جماعتن جا ڪارڪن پڻ شامل هُئا.
    ڪو وقت هوندو هو جو قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي جماعتن جا ڪارڪن انهن سڀني قوتن خلاف مزاحمت ڪندي ماڻهن جي تربيت پڻ ڪندا هئا. هن وقت اها مزاحمت ختم ٿي چُڪي آهي. جنهن جي ڪري زوري مذهب جي تبديلي، قبيلن ۽ ذاتين جي بنياد تي جهيڙا هڪ عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي. انهن متعلق سياسي جماعتن جو وڌ ۾ وڌ عمل اخباري بيانن وغيره جي صورت ۾ اچي ٿو جنهن جي حيثيت ڪنهن اين جي او جي رد عمل کان وڌيڪ نه ٿي هُجي.
    ان تبديليءَ جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته قوم پرست سياست تي کاٻي ڌر جي سياست جو اُهو دٻاءُ ته رهيو آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ هو. بلڪه اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته مختلف ڪارڻن جي ڪري خاص طور تي سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست قوم پرست جو هڪ حصو بڻجي وئي آهي. عوامي تحريڪ جهڙيون جماعتون جيڪو طبقاتي ۽ قومي حقن واري سياست کي گڏي هلائڻ جي حق ۾ هونديون هيون ۽ جن جو اهو چوڻ هوندو هو ته قومي حقن جو حصول طبقاتي جدوجهد کان سواءِ ممڪن ناهي اُنهن به هاڻي طبقاتي ٽڪراءَ بجاءِ طبقاتي مصالحت جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن وقت ڄڻ سنڌ جي قوم پرست جماعتن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته زميندارن ۽ قبائلي سردارن سان ٽڪراءُ بجاءِ ساڻن ٺهي هلڻ ”سنڌ جي حق“ ۾ بهتر آهي.
    ان سان ڄڻ سنڌ جي قوم پرست هڪ خول ۾ بند ۽ محدود ٿي وئي آهي ۽ اُن جي جدوجهد جو دائرو تنگ ٿي ويو آهي. پهرين ڳالهه ته اُنهن ڄڻ سنڌ جي بنيادي اندروني مسئلن تان هٿ کڻي اُنهن کي پنهنجن اتحادين ميرن، پيرن ۽ وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُهي اُنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب حل ڪن. ظاهر آهي ته ان صورتحال ۾ اُهي ڪنهن به مقصد لاءِ نه اُنهن جي علائقن ۾ اُنهن جي مرضيءَ کان سواءِ وڃي سگهن ٿا ۽ نه ئي اُتي ماڻهن ۾ سياسي ڪم ڪري سگهن ٿا. ٻي ڳالهه ته قوم پرست سياست اهڙي ريت رُڳو سنڌ جي شهرن جي ڪجهه علائقن جي ڪجهه وچولي طبقي جي ماڻهن تائين محدود ٿي وئي آهي. اُتي انهن جماعتن جو جياپو سنڌ جي نسلي ۽ ٻولي وارن مسئلن تي اخباري بيانن جاري ڪرڻ، هڙتالن ۽ جلسن جلوسن وغيره ڪڍڻ تائين رهيو آهي. سنڌ سياسي لحاظ کان سُنڍ ناهي 1983ع کان پوءِ خاص طور تي سنڌ ماڻهن مختلف موقعن تي ان ڳلاهه جو ثبوت ڏنو آهي ته قومي حقن جي حوالي سان اُهي ڪنهن سياسي جماعت جي مدد ۽ اڳواڻي کان سواءِ پنهنجي ليکي به جمهوري طريقي سان جدوجهد ڪرڻ اهل آهن. اها ڳالهه هاڻي هڪ ڀيرو وري سامهون آئي جڏهن سنڌ اسيمبلي پاران تڙ تڪڙ ۾ سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام واري قانون کي منظور ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ڪجهه شهرن جي مڪاني حڪومت حڪومت کي لامحدود اختيار ڏنا ويا. سڄي سنڌ ڄڻ احتجاج ۾ اُٿي کڙي ٿي. سنڌي ماڻهن جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو هو پر کين اهو منظور نه هو ته اُها سندن ووٽ ۽ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي گهڻائي کي سنڌ کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪري. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ جي عرصي ۾ پيپلز پارٽي خلاف سنڌي ماڻهن جو اهو وڌ کان وڌ ڪاوڙ جو اظهار هو جنهن پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڄڻ حيران ڪري ڇڏيو جن ايسيتائين رُڳو ماڻهن جون غير مشروط محبتون ئي ماڻيون هيون. ساڳي وقت اهو ڄڻ سنڌي قوم پرستن لاءِ به هڪ تاريخي موقعو هو جن سنڌي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جدوجهد ڪئي هُئي. پر انهن جماعتن ان موقعي کي ڄڻ ته وڃائي ڇڏيو. سندن پاران سنڌي ماڻهن جي پيپلز پارٽي خلاف ڪاوڙ ۽ سندن هڙتال ۽ احتجاج وغيره جي ڪال جي موٽ مان اهو سمجهيو ويو ته اُهي قوم پرست جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻنجي حمايت پيا ڪن. جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه هو. سنڌي ماڻهن در اصل اُن قانون جي مخالفت پئي ڪي ۽ نه ڪنهن هڪ يا ٻي قوم پرست جماعت جي حمايت جيئن اُنهن جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن پاران ان کي ورتو ويو ۽ ايستائين منجهائن ڪجهه ته پنهنجي چونڊن واري مُهم به هلائڻ شروع ڪري ڇڏي.
    اصل ۾ ماڻهن جي سوچ انهن جماعتن کان گهڻو اڳتي هُئي. اها حقيقت آهي ته کين پيپلز پارٽي کان بيزاري آهي ۽ هڪ متبادل به گهربل آهي پر اُن متبادل لاءِ سندن ڪي شرط ۽ گهرجون آهن. سندن هميشه اها گهر رهي آهي ته قوم پرست جماعتون جيڪڏهن سڀيئي سنڌ ۽ اڻ جي مفادن جي ڳالهه ڪن ٿيون ته پوءِ پاڻ ۾ گڏ جن ڇو نٿيون ۽ متفق ڇو نٿيون ٿين. جيتوڻيڪ اهي جماعتون پنهنجي منشور سياسي پروگرام جي بنياد تي پنهنجي ڌار حيثيت برقرار رکڻ تي اصرار ڪن ٿيون پر عام خيال اهو آهي ته انهن مان ڪابه جماعت اڪيلي سر پنهنجي ليکي ڪُجهه نه ٿي ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن گڏجي پئن ته پوءِ ممڪن آهي ته ڪو ٻوٽو ٻارين، مختلف مسئلن جي حُوالي سان ماضيءَ ۾ انهن جماعتن جا اتهاد ٺهندا رهيا آهن ۽ هن وقت به سنڌ بچايو ڪاميٽي جي نالي سان اهڙو پليٽ فارم ٺاهيو ويو هو پر ماضيءَ جيان مسئلي جي حل ٿيڻ کان اڳ ئي هر ڪنهن جماعت به رُڳو هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪيا پر مختلف حوالن سان پنهنجي سودي بازي جي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. سياسي تنظيم، ماڻهن ۾ پنهنجي حمايت پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي آزاد حيثيت کي قائم ڪرڻ جو انهن جماعتن لاءِ اهو بهترين موقعو هو. پر ساڳي وقت اها ڳالهه به پنهنجي ليکي آهي ته جڏهب سياسي بُحران واضح ٿي پنهنجي اصل رنگ ۾ سامهون اينديون آ هن. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ انهن جماعتن جي مُک حريف رهي آهي. اُنهن ان موقعي کي غنيمت ڄاتو ته پيپلز پارٽي سان حساب ڪتاب برابر ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر موقعو نه ملندو. مڪاني حڪومت جي قانون جي مخالفت جي حوالي سان ته ن ليگ، ف ليگ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام فضل سان ته اتحاد سمجهه ۾ اچي ٿو پر انهن جماعتن سان مستقل سياسي ۽ چونڊن وغيره جي حوالي سان اتحاد هڪ بلڪل ڌار ڳالهه آهي. ممتاز ڀٽو ته خير پنهنجي جماعت ختم ڪري ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو هو پر ڊاڪٽر قادر مگسي جي ترقي پسند پارٽي ۽ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ به ڄڻ ته ن ليگ سان اتحاد وسيلي اُن جو حصو بڻجي ويون آهن. ان سلسلي ۾ ماڻهو خاص طور تي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان سوال ڪن ٿا جنهن جي ٺهڻ جي اهي جماعتون مخالفت ۽ ن ليگ حمايت ڪندي رهي آهي. هن وقت به ن ليگ ۽ نواز شريف ڊيم ٺهڻ جي مخالفت نه ٿا ڪن پر اهو موقف رکن ٿا ته اُن کي سڀني صوبن جي اتفاق راءِ سان ٺهيو وڃي.
    پير پاڳارو ۽ ف ليگ هميشه پاڪستان جي وفاق جي حمايت ڪندا رهيا آهن ۽ سياسي نظام جو حصو رهيا آهن. ٻئي پاسي جسقم جيڪا نه رڳو پاڪستان جي وجود جي مخالف رهي آهي پر چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي به مخالف رهي آهي پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي پير پاڳاري جي حوالي ڪري سندس اڳواڻي ۾ هلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
    اهري ريت ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مڪاني حڪومتن جي قانون جي حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ نقصان کنيو آهي ۽ شايد ڪنهن حد تائين اُن جو اظهار ايندڙ چونڊن ۾ پڻ ٿئي پر ڏسڻو اهو آهي ته مجموعي طور تي ان جو فائدو ڪنهن کي پهتو آهي. قوم پرستن جي حمايت ۾ ڪي قدر واڌارو ضرور ٿيو آهي پر ان جو گهڻو فائدو پاڳاري، جتوڻين ۽ ٻين وڏن زميندارن کي مليو آهي. هڪ پاسي سندن سياسي اعتبار ۾ واڌارو ٿيو آهي. ماڻهو جيڪي کين اڳ سنڌ دوست سمجهڻ لاءِ تيار نه هوندا هُئا اُنهن جو هاڻي مٿن اعتبار وري بحال ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي سندس سياسي حمايت ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي. جنهن جي بنياد سندن لاءِ پاڪستان جي وڏين سياسي جماعتن، جن ۾ پيپلز پارٽي پڻ شامل آهي، سان اتحاد ۽ سودي بازي ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿي پوندو. ان سڄي منظر نامي ۾ قوم پرست جماعتن جي هڪ ثانوي حيثيت هوندي ۽ اهڙي ريت مستقبل ۾ سندن متعلق ماڻهو جيڪي سوال اُٿاريندا اُهي يقينن سئولا ۽ آسان هوندا.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ وقتائتو ليک آهي ۔۔۔۔ اهي ساڳيون ڳالهيون جيڪي اسان ڪيئي دفعا سنڌ سلامت تي به ورجائي چڪا آهيون ۔۔۔۔ هانڻي به وقت آهي ته قوپرست ڌريون گڏجن ۽ ڪا واضح ايجنڊا سامهون آڻين ۔۔۔۔ باقي ڳالهين ۽ هوائي فائرنگ مان ڪجهه نه ٿيندو، ڇو ته سنڌ جو عوام سڀني کي سڃاڻي ٿو۔
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    بس ادا!
    ”رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“ واري هتي ڪار لڳي پئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو