ماڻهن کي سگريٽ جي نقصانن جي خبر ناهي!؟ 2133 اٽيچمينٽ ڏسو تماڪ واپرائڻ سان ان جو زهر جسم ۾ آهستي آهستي پکڙجي ٿو. ان ڪري ان کي سلو پوائزن Slow poison يعني هوريان هوريان اثر ڪندڙ زهر چئجي ٿو. اهو خاص طور ڦڦڙ ۽ جگر کي ساڙي ٿو. تمام واپرائيندڙن يا سگريٽ نوشي ڪندڙ گهڻن ماڻهن ۾ نڙيءَ جو ڪينسر به عام آهي، جگر خراب ٿي وڃي ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي به ٿي سگهي ٿو. سگريٽ نوشي هڪ خطرناڪ عادت آهي، جيڪا سگريٽي ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا ڏهه سال گهٽ ڪري ڇڏي ٿي. ڦڦڙن جي سرطان کان علاوه اهڙو شخص دل جي اهڙين بيمارين جي ور چڙهي سگهي ٿو جيڪي موت ڏين ٿيون. سگريٽ جو دونهون آس پاس جي ماڻهن، خاص طور ٻارن لاءِ سخت نقصانڪار آهي. ان ۾ شامل نڪوٽين هڪ ڀيرو رت ۾ شامل ٿي وڃي ته پوءِ ان جو نشو مشڪل سان ختم ٿئي ٿو. چئي سگهجي ٿو ته سگريٽ نوشي هيروئن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. هيروئن ته ٿورڙن ماڻهن کي پنهنجو شڪار بنائي ٿي، جڏهن ته سگريٽ نوشي سموري معاشري کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ٿي، هر ستن سيڪنڊن اندر ڪونه ڪو شخص تمام واپرائڻ جي ڪري زندگي وڃائي ويهي ٿو. سگريٽ نوشي ڪندڙن ۾ دل جي دوري جي شرح سگريٽ نه پيئڻ وارن جي ڀيٽ ۾ چئوڻي ٿي وڃي ٿي، جنهن ڪارڻ فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌيل چئبو. سگريٽي برانڪائٽس ۽ سي او پي ڊي (ساهه جي تنگي جي مرض) ۾ وٺجي سگهن ٿا. سگريٽ نوشيءَ جي خطرناڪ عادت نه رڳو ان ۾ ورتل شخص کي پر آس پاس جي ماڻهن کي به نقصان پهچائي ٿي ان ڪري 70 سيڪڙو کن ماڻهو پنهنجي ان بري عادت کان جند آزاد ڪرڻ جي ڳڻتي ۾ هوندا آهن. انهن مان ڪيئي پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب به ٿين ٿا. دنيا ۾ سگريٽ نوشي خلاف تحريڪون هلي رهيون آهن. صحت جو عالمي ادارو سڄي دنيا ۾ تمام واپرائڻ خلاف جا مهم هلائي رهيو آهي، ان جا مقصد هيٺيان آهن: · سگريٽ جي هر پيڪٽ تي وڏن ۽ چٽن پٽن اکرن ۾ ”صحت لاءِ هاڃيڪار“ واري وارننگ لکي وڃي. · سگريٽ نوشي وارن اشتهارن تي پابندي هنئين وڃي. · اهڙين پٽڪائيندڙ دعوائن جي نفي ڪئي وڃي جن ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪجهه سگريٽ ٻين سگريٽن جي مقابلي ۾ گهٽ نقصانڪار آهن. · جيڪي ماڻهو ان بري عادت ۾ گرفتار ناهن انهن کي سگريٽ جي دونهين کان بچايو وڃي. دنيا جي 121 ميڊيڪل ايسوسيئيشنن ۽ ٻين ادارن انهن 5 نڪتن جي حمايت ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. برطانوي ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سائنس ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر وي اين ناٿنسن جو چوڻ آهي ته ڪو سگريٽ ٻئي سگريٽ کان گهٽ نقصانڪار نه ٿو ٿئي. سگريٽ ڪمپنيون اهڙي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪنديون رهن ٿيون. صحت جي عالمي اداري کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جاپان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر پپٽيڪا سوبول چوي ٿو ته جاپان ۾ سگريٽ نوشي بابت وارننگ ڪمزور آهي. ان خراب عادت ۾ ورتل ماڻهن کي ان جي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. سوڊان ۾ تماڪ واپرائڻ خلاف ريسرچ سينتر جو ڊائريڪٽر علي عباس چوي ٿو ته سمو ڪرس، خاص طور نوجوانن ۽ ٻارن کي خبر ئي ناهي ته اهو ڪيترو خطرناڪ نشو آهي. صحت جي عالمي اداري ۾ ميڊيڪل ويمن انٽرنيشنل ايسوسيئيشن جي عيوضي ڊاڪٽر ڪورائن بيٽش چوي ٿي: اهڙي برانڊ جو سگريٽ جنهن کي لائيٽ ۽ مائلڊ چئي ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، تنهن ۾ معورتون جلد دلچسپي وٺن ٿيون. اهي برانڊز پاڻ سگريٽ نوشي جي نقصانن جي ڳالهه ڪن ٿا جيئن ٻين برانڊز جا سگريٽي انهن برانڊز کي ڇڏي نام نهاد مائلڊ ۽ لائيٽ سگريٽ پيئڻ شروع ڪن. صحت جي عالمي اداري کي گهرجي ته انهن برانڊز تي به ترت پابندي هڻي. ٽاٽا ميموريل سينٽر ڀارت جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪي اي ڊنشا چوي ٿو تماڪ قاتل آهي. انڊيا ۾ تعليم جي قوت ۽ اقتصاديات جي ٻل تي ان لعنت کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو، سگريٽ مهانگا ڪري ڇڏجن جيئن اهي خريد ڪرڻ ئي ماڻهن لاءِ مشڪل ٿي پون. جمهوريه چيڪو سلوا ڪيا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر پاؤل جو چوڻ آهي ته ٻين جي ڇڏيل دونهين سان موت ڏيندڙ بيماريون ٿي سگهن ٿيونڪ، جيئن سرطان، پر اڃا تائين ڪوبه اهڙو ڪم نه ٿيو آهي جو ٻين جي ڇڏيل تمام واري دونهين کان محفوظ رهي سگهجي. صحت جي عالمي اداري کي انهيءَ باري ۾ ضروري اپاءَ وٺڻ گهرجن. · ”ترقي ڪيل“ ملڪن ۾ سگريٽ نوشي گهٽجي رهي آهي پر ”اُسرندڙ“ ملڪن ۾ سگريٽ جي طلب ۾ هر سال 3.4 سيڪڙو جي شرح سان واڌ پئي ٿئي. · پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 22 لک ماڻهو تماڪ واپرائن ٿا. · آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رابرٽ پروڪٽر چوي ٿو: انساني تهذيب جي تاريخ ۾ سگريٽ سڀ کان خطرناڪ صنعتي شئي آهي. ويهين صدي ۾ تماڪ واپرائڻ سبب ڏهه ڪروڙ ماڻهو مري چڪا آهن. · صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سگريٽ نوشي کي روڪڻ لاءِ ضروري اپاءَ نه ورتا ويا ته ايندڙ 30 سالن اندر ڏهه ڪروڙ ماڻهو تماڪ سان لاڳاپيل مرضن سبب موت جو شڪار ٿي ويندا. اهو انگ ايڊز، ٽي بي، ڪار حادثن ۽ آپگهات سبب ٿيندڙ ڪل موتن کان وڌيڪ آهي.
ايڏو وڏ نقصان پر پوء به ۔۔۔۔ چري ڪيئن ۔۔۔۔ جي ويرئون وڌ انسان الائي ڇو پاڻ کي پاڻ ان هلاڪي ۽ نقصان ۾ پيو وجهي ۔۔۔