وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا...
”پاڪستان حالتِ جنگ ۾ آهي...“ دوستو اهو جملو توهان پاڪستان جي سياستدانن کي روز ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ ڏسندي چوندي ۽ اخبارن جي آرٽيڪلن ۾ پڙهندي ٻڌو هوندو...
ٻڌو ته توهان ملڪ ويتنام جو نالو به هوندو ڇو ته اهي سياستدان ان ملڪ جو ذڪر پڻ ڪندا رهندا آهن... پر اسان جا ڪافي سنگتي ويتنام يا اتي جي ويڙهه بابت نه ڄاڻندا هوندا ... ان ڪري سوچيم ڇو نه تاريخ کي ياد ڪجي ۽ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي دنيا جي وڏين طاقتن جي ڏاڍ ۽ ويڙهه جو هڪ نظارو لفظن جي صورت ۾ ڏيکارجي... ان ڪري مان پنهنجي هن ليک کي ٻن حصن ۾ ساٿين سان ونڊڻ چاهيان ٿو جيئن هو ٿوري ٿوري لکائي کي آرام سان پڙهي حقيقت کان آگاهه ٿي سگهن.... ان سلسلي ۾ پهريون حصو توهان جي اڳيان آهي...
دوستو ٻي مهاڀاري ويڙهه کان پوءِ دنيا ۾ ٻه سپر پاور وڃي رهيا هڪ روس ۽ ٻيو آمريڪا... ٻي جنگ ۾ ايٽم بم جي ايجاد ٿي چڪي هئي ان ڪري ٻنهي طاقتن هڪ ٻئي سان سڌو سئون وڙهڻ جي بجاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي ويڙهه جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو... ان سلسلي جي پهرين ويڙهه مارچ 1965 ۾ ويتنام ۾ وڙهي وئي ...
ويتنام ڏکڻ اوڀر ايشيا جو هڪ ننڍو ملڪ آهي هي 1950 ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو... ڏکڻ ويتنام کي آمريڪا ۽ اتر ويتنام کي روس ساهتا ڪرڻ شروع ڪئي... جڏهن ٻنهي جي مدد زور پڪڙيو ته 6 مارچ1965 ۾ آمريڪا پنهنجون 5 لک 42 هزار فوجون ويتنام ۾ لاٿيون... ۽ اهڙي طرح گهمسان جي ويڙهه شروع ٿي... روس اتر ويتنام ۾ بي شمار هٿيار ۽ فوجي امداد ڏني ... آمريڪا اتي 1973 تائين وڙهندو رهيو پر هو ويتنام تي قبضو نه ڪري سگهيو ... آخر جڏهن آمريڪا جا 60 هزار فوجي فوت، 3 لک زخمي ۽ هڪ لک لاپتا ٿي ويا ته آمريڪا پنهنجي شڪست مڃي ۽ پنهنجي فوج واپس گهرائي... اهڙي طرح روس هي جنگ کٽي ورتي...
هن جنگ تي سموري دنيا جي نظر هئي ... 1973 ۾ بظاهر ائين پيو لڳي ته ويڙهه ختم ٿي وئي پر ان وقت جي پاڪستاني حڪمران ذوالفقار علي ڀٽو جو خيال هو ته آمريڪا پنهنجي شڪست جو بدلو روس کان ضرور وٺندو ۽ ان جنگ جو ٻيو مرحلو يا ته افغانستان يا وري ايران ۾ وڙهيو ويندو... ان ڪري هن آمريڪا کي ڇڏيو ۽ روس ۽ چين ڏي دوستي جو هٿ وڌايو.. پر ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو...
روس جي آمريڪا جي سوچ تي نظر هئي ان ڪري 21 اپريل 1980 ۾ روس افغانستان ۾ پنهنجي فوج لاٿي... انهي صورتحال کي ڏسندي آمريڪا پاڪستان کان اهو ڪم ورتو جيڪو روس اتر ويتنام کان ورتو هو... هن دفعي آمريڪا پاڪستان کي فوجي امداد ۽ بي شمار هٿيار ڏئي روس سان وڙهڻ لاءِ چيو.....
هن ويڙهه ۾ جڏهن روس جا 15 هزار فوجي مارجي ويا ته روس پنهنجي شڪست مڃي ۽ 15 فيبروري 1989 ۾ افغانستان خالي ڪري ڇڏيو... هن جنگ روس جي چيلهه ڀڃي وڌي جنهن ڪري 1991 ۾ روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا...
هاڻي هڪ دفعو وري ائين لڳو جهڙوڪ مارو ماري جو اهو سلسلو ختم ٿي ويندو پر بدقسمتي سان9/11 (نائين اليون) جو واقعو ٿي پيو ۽ دنيا جي هن حصي ۾ ويتنام جنگ جو ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو.....
جاري آهي...