پيپلز لوڪل گورنمينٽ بل جي واپسي جي اهم سببن مان هڪ خاص سبب....بيريسٽر ضمير گھمرو جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ بڌجندڙ ڪيس جو هن نظام جي واپسي ۾ اهم ڪردار آهي ....انتهائي عميق گهرائي سان هن ڪيس جي ٿيندڙ پيشي، وڪيلن جا دلائل ۽ ججن جا خيال هن نظام جي عين واپسي جو اهم سبب بڻيا آهن....چيف جسٽس جي مليل رمارڪس مطابق هڪ سنڌ ۾ به نظام ڪيئن ٿا هلي سگھن ؟؟ پيپلز پارٽي ان موقعي ۽ ماحول کي غنيمت جو موقعو سمجھندي هڪ اهڙو ته ماحول تيار ڪيو جيڪو هن نظام جي واپسي جو اهم سبب بڻجي ويو ۽ ان جي معاوضي طور سنڌ اندر ايندڙ نگران سيٽ اپ ۾ ايم ڪيو ايم جو حصو شامل ڪيو ويو....۽ کين اها پڻ آڇ ڪئي ويئي ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي اندرون سنڌ جي ڪجھ سيٽن تي حمايت پڻ ڪندا واقعي به اگر چيف جسٽس آف پاڪستان اهو فيصلو ڏيئي ڇڏي ها ته هڪ صوبي ۾ به نظام ڪنهن به ريت هلي نه ٿا سگھن ته اهو فيصلو ايم ڪيو ايم جي لاء سندن ٿيندڙ ڪوششن تي هميشه هميشه لاء پاڻي ڦيرڻ جي برابر هجي ها ۽ سندن ٿيندڙ ڪوششون ڪيترا ئي ڏهاڪا پوئتي ڌڪجي وچن ها...۽ ايم ڪيو ايم ان قسم جو بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪڏهن به دوباره سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگھڻ جي پوزيشن ۾ نه هجي ها..... ان جيڪري پيپلز پارٽي جي حرفتي پتي پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ ايم ڪيو ايم اهو فيصلو ڪري ورتو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي اچڻ کان اڳ ئي هن بل کي واپس ورتو وڄي ته جيئن ڪم از ڪم سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کان بڇي سگھجي جنهن سان ايندڙ سالن ۾ سنڌ اندر به انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ ۾ ڪا ديوار حائل نه هجي..... ان جيڪري اهو باآساني ڇئي سگھجي ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جون اکيون ۽ ايم ڪيو ايم چيف جسٽس جون اهڙيون اکيون پڙهي ورتيون آهن جنهنجيڪري هن فيصلي کي واپس وٺڻ جي راه هموار ٿي،،، ۽ ايم ڪيو ايم ان ڳاله تي رضامند ٿي ويئي ته في الحال موجوده صورتحال ۾ هن قانون کي واپس ورتو وچي۔